جاميٽري
سوال1 :جاميٽري Geometry ڇا کي چئبو آهي؟
جواب: زمين جي ماپ جي علم کي جاميٽري چئبو
آهي.
سوال2 :جاميٽري ڪهڙي ٻولي جو لفظ آهي؟
جواب: جاميٽري لاطيني ٻولي جو لفظ آهي.
جيڪو ٻن لفظن جو ميلاپ آهي. جيو
GEO معني زمين ۽
ميٽري Metry معني ماپ
سوال3 :ٽٻڪو POINT ڇا کي چئبو آهي؟
جواب: ڪنهن جاء جي بيهڪ ظاهر ڪندڙ نقطي
کي ٽٻڪو چئبو آهي.
سوال4 :ليڪ ٽڪر ڇا کي چئبو آهي
جواب: ٻن ٽٻڪن جي وچ واري رستي کي ليڪ ٽڪر
چئبو آهي.
مثال: B ليڪ ٽڪر A
سوال5 شعاع RAY ڇا کي چئبو آهي؟
جواب: ٽٻڪن جو اهڙو رستو جنهن جي منڍ جي
خبر هجي پر ڇيڙي جي خبر نه هجي ان کي شعاع چئبو آهي.
مثال: B شعاع A
سوال6 :ليڪ LINE ڇا کي چئبو آهي؟
جواب: ٽٻڪن جو اهڙو رستو جنهن جي منڍ ۽
چيڙي جي خبر نه هجي ان کي ليڪ چئبو آهي.
مثال: B ليڪ A
سوال7 :ڪنڊ ANGLE ڇا کي چئبو آهي؟
جواب: اهڙي جاء جتي ٻه ليڪون هڪ ٻئي کي
ڪٽين ته ان جاء کي ڪنڊ چئبو آهي.
سوال8 :ڪنڊن جا ڪيترا ۽ ڪهڙا قسم آهن؟
جواب: ڪنڊن جا 5 پنج قسم آهن.
1 سوڙهي ڪنڊ 40
2 گوني ڪنڊ
3 ويڪري ڪنڊ 120
4 سڌي ڪنڊ
5 ابتي ڪنڊ 210
سوال9 :سپليمينٽري ڪنڊون ڇا کي چئبو آهي؟
جواب: اهڙيون ٻه ڪنڊون جن جو جوڙ 180 ڊگري
هجي انهن کي سپليمنٽري ڪنڊون چئبو آهي.
سوال10 :ڪامپليمينٽري ڪنڊون ڇا کي چئبو
آهي؟
جواب: اهڙيون ٻه ڪنڊون جن جو جوڙ 90 ڊگري
هجي انهن کي ڪامپليمينٽري ڪنڊون چئبو آهي.
سوال11 :ٽڪنڊو Triangle ڇا کي چئبو آهي؟
جواب: اهڙي بند شڪل جنهن کي ٽي ڪنڊون ۽
ٽي پاسا هجن ته ان کي ٽڪنڊو چئبو آهي.
ٽڪنڊي جا قسم:
پاسي جي لحاظ کان ڪنڊن جي لحاض کان
1 اپور پاسو ٽڪنڊو 1 گوني ڪنڊ ٽڪنڊو
2 ٻپور پاسو ٽڪنڊو 2 سوڙهي ڪنڊ ٽڪنڊو
3 اڻپور پاسو ٽڪنڊو 3 ويڪري ڪنڊ ٽڪن
سوال12 :چوڪنڊو Square ڇا کي چئبو آهي؟
جواب: اهڙي بند شڪل جنهن جون چار ڪنڊون
۽ چار پاسا هجن ته ان کي چوڪنڊو چئبو آهي.
چوڪنڊي جا قسم:
1 .چورس 2 .مستطيل 3 .پور وڇوٽ پاسو چوڪنڊو
4 .رامبس 5 .ٽريپرم 6 .لغڙ
سوال13 :چورس Square ڇا کي چئبو آهي؟
جواب: اهڙو چوڪنڊو جنهن جا چارئي پاسا ماپ
۾ برابر هجن ۽ چارئي ڪنڊون گونيون هجن ان کي
چورس چئبو آهي.
سوال14 :مستطيل Rectangle ڇا کي چئبو آهي؟
جواب: اهڙو چوڪنڊو جنهن جا آمهون سامهون
وارا پاسا پاڻ ۾ برابر هجن ۽ چارئي ڪنڊون گونيون هجن
ته ان کي مستطيل چئبو آهي.
سوال15 :گول Circle ڇا کي چئبو آهي؟
جواب: ٽٻڪن جو اهڙو رستو جيڪو مرڪز جي چوڌاري
هڪ جيتري مفاصلي تي ڦري اچي ته ان کي گول
چئبو آهي.
سوال16 :مرڪز Center ڇا کي چئبو آهي؟
جواب: گول جي وچ واري ٽٻڪي کي مرڪز چئبو
آهي.
سوال17 :قطر Diameter ڇا کي چئبو آهي؟
جواب: اهڙو سڌو ليڪ ٽڪر جيڪو گول کي ٻن
برابر حصن ۾ ورهائي ته ان کي قطر چئبو آهي۔
سوال18 :نيم قطر يا ريڊاس Radius ڇا کي چئبو آهي؟
جواب: اهڙو سڌو ليڪ جيڪو گول جي ڪنهن به
ٽٻڪي کان نڪري مرڪز تائين پهچي ته ان کي
نيم قطر چئبو آهي.
سوال19 :احاطو Perimeter ڇا کي چئبو آهي؟
جواب: ڪنهن به بند شڪل جي سڀني پاسن جي
ماپ جي جوڙ کي اح uاطو چئبو آهي.
سوال20 :ايراضي Area ڇا کي چئبو آهي؟
جواب: ڪنهن به بند شڪل جي والاريل علائقي
جي ماپ کي ايراضي چئبو آهي