شمس العلماِء علامہ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو
سنڌ ڌرتي جو اهو لائق فرزند جنهن کي سنڌ واسين وساري ڇڏيو آهي نه ورسي تي کيس ياد ڪيو ٿو وڃي ۽ نه ئي اڄ جي گهڻن نوجوانن کي اهو به معلوم ناهي ته ڀٽ ڌڻي جي پاسي ۾ ڪو اهو انسان به آرام آهي جنهن پنهنجي قابليت سان گهڻو ڪجهه ڪيو .
اچو ته ٻڌايون ته علامه عمر بن دائود پوٽو ڪير آهن .
سنڌ جي عظيم تعليمدان ۽ اسڪالر، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي، 25 مارچ 1896ع تي محمد خان دائودپوٽي جي گهر، ٽلٽي، تعلقي سيوهڻ ۾ جنم ورتو.
سائين جا والد هڪ غريب ۽ مسڪين انسان هيا. عمر بن محمد دائودپوٽو ننڍپڻ کان ئي نهايت سلجهيل ۽ سياڻو هيا. ڇهن سالن جي عمر ۾ کيس ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو.
هڪ ڀيري جڏهن اسڪول ۾ محترم قاضي عبدالوهاب بوبڪائي صاحب شاگردن جو امتحان وٺڻ آيا ته سائين دائودپوٽي جا اکر ڏسي چيائين ته ”اکر لکيا اٿئي يا ماڪوڙي جون ٽنگون“ ان طعني مٿس ايترو ته اثر ڪيو، جو مشق پچائي اکر موتين جهڙا ڪري ورتائين.
ان کان پوِء ئي پنهنجو ڳوٺ ڇڏي ڪرمپور جي اسڪول ۾ داخل ٿيو. محمد ابراهيم سومرو انسپيڪٽر اسڪولسس جڏهن امتحان وٺڻ آيو ته دائودپوٽي جي هوشياريءَ ۽ ذهانت ڏسي اچرج ۾ اچي ويو ۽ هيڊماستر کي حڪم ڪيائين ته ”ههڙو املهه ماڻڪ هتي پيو آهي، هن کي هڪدم انگريزي اسڪول موڪليو وڃي.“
دائودپوٽو صاحب 1914ع ۾ لاڙڪاڻي مدرسي اسڪول ۾ پڙهڻ ويو، جتان ٻئي سال نوشهري فيروز مدرسي ۾ پڙهڻ ويو. هو غريب والدين جو ٻار هئڻ ڪري اسڪـولـي تـعلـيــم دوران کٽون واڻي پڙهائيءَ جو خرچ بہ ڪڍندو هو ۽ ڪجھ رقم گهر بہ ڏيندو هو.
سائين عمر دائودپوٽي، ميٽرڪ سنڌ مدرستہ الاسلام ڪراچيءَ مان شاندار اعزاز سان پاس ڪئي ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ پهريون نمبر کڻي ’سنڌي ايگريشن‘ انعام کٽيائين.
20 جون 1917ع تي ڊي. جي ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين، جتان 1921ع ۾ بي. اي (فارسي) فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين، جنهنڪري کيس ’ڊڪشا فيلوشپ‘ (ماهوار 60 روپيا) ملي. 1923ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان ايم. اي فارسي ۽ عربيءَ ۾ فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪري پهريون نمبر حاصل ڪيائين، جنهن تي کيس چانسلر ميڊل حاصل ٿيو.
1924ع ۾ کيس گورنمينٽ اسڪالرشپ ملي ۽ ڪئمبرج يونيورسٽي لنڊن جي ايمبونيل ڪاليج ۾ داخلا وٺي، اعلي تعليم حاصل ڪيائين ۽ 1927ع ۾ ’عربي شاعريءَ جو فارسي شاعريءَ تي اثر‘ جي عنوان هيٺ انگريزيءَ ۾ مقالو لکي پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين.
اتي کيس ڊاڪٽر آر. اي. نڪلسن ۽ ڊاڪٽر اي. بي. برائون جهڙن مشرقي علمن جي ماهر استادن جي شاگرديءَ جو شرف حاصل ٿيو. ان کان پوءِ 17 سيپٽمبر 1927ع تي وطن واپس آيو ۽ 21 سيپٽمبر 1927ع تي سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ پرنسپال جي چارج ورتائين، جتي 1927ع کان 1930ع تائين خدمتون سرانجام ڏنائين. 1928ع ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽو بمبئي يونيورسٽيءَ طرفان فيلوشپ لاءِ نامزد ٿيو.
1930ع کان 10 مارچ 1939ع تائين ڊاڪٽر صاحب اسماعيل ڪاليج انڌيري، بمبئيءَ ۾ عربيءَ جو پروفيسر رهيو. ان دوران بمبئي يونيورسٽي سينيٽ جو ميمبر به رهيو. ان عرصي ۾ ڊاڪٽر صاحب ’تاريخ معصومي‘، ’چچ نامي‘، ’بيان العارفين‘ جي ترجمن ۽ ’ابيات سنڌي‘ جي شرح تي مشتمل ڪتاب لکيا.
1939ع ۾ سرڪار کيس ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن سنڌ مقرر ڪيو، جنهن عهدي تي 1950ع تائين فائز رهيو. ان عرصي ۾ سندن ڪيترا ڪارناما مشهور آهن، جهڙوڪ: (1) زوري تعليم جاري ڪرڻ، (2) بالغن جي تعليم جو انتظام ڪرڻ، (3) پرائمري تـعلـيـم لــوڪــلـبـورڊ ۽ ميونسـپـالـٽـيـن کـان کـسـي سرڪار جي حوالي ڪرڻ، (4) حيدرآباد ۾ عربي اسڪول کولڻ وغيره.1940ع ۾ ڊاڪٽر صاحب اعليٰ علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا طور شمس العلماءِ (عالمن جو سج) جو خطاب ڏنو ويو.
ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو 1950ع کان 1955ع تائين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر رهيو. ڊاڪٽر صاحب 1956ع ۾ رٽائرمينٽ وٺي ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي.
1957ع ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽي کي سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ’مهراڻ‘ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر دائودپوٽو فواد يونيورسٽيءَ جو مراسل، پاڪستان ايران ثقافتي انجمن جو ميمبر ۽ سنڌي ادبي سوسائٽي ڪراچيءَ جو باني ميمبر به رهيو. ونيونٽ واري دؤر ۾ هڪ سال لاءِ مغربي پاڪستان پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر به رهيو.
ڊاڪٽر دائودپوٽو اعليٰ پايي جو اديب، محقق، عالم ۽ تعليمدان هو.
ڊاڪٽر دائودپوٽي ’شاھ جي رسالي‘ تيار ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جِي، خاص ڪري شاھ جي رسالي ۾ موجود عربي لفظن، اصطلاحن، قرآن پاڪ جي آيتن ۽ حديثن جي معنيٰ جي سلسلي ۾ مدد ڪئي هئي. ڊاڪٽر گربخشاڻي، دائودپوٽي صاحب جو استاد هو ۽ هن شاھ جي رسالي ۾ مدد ڪرڻ تي سندس شڪر گذاري بہ ڪئي آهي.
ڊاڪٽر صاحب، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي ڪلام، شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ڪلام ۽ ملفوظات ’بيان العارفين‘ تي جديد قسم جي تحقيق ڪئي.
’ابيات سنڌي‘ (ڪلام مخدوم محمد زمان لنواري) جي عربيءَ ۾ شرح لکي. ان کان سواءِ شاھ جو رسالو بہ ترتيب ڏنو، جنهن جي 13 سرن تائين ڪم ڪري سگهيو، جنهن کي اڳتي هلي علامہ غلام مصطفيٰ قاسميءَ مڪمل ڪيو.
ڊاڪٽر دائودپوٽي ’منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي‘ بہ لکي، جنهن کي سندس وفات کان پوءِ سندس بيگم خديجہ خانم دائودپوٽي ڇپائي پڌرو ڪيو.
ڊاڪٽر صاحب عبدالله شاهه غازي تي به تحقيق ڪئي ۽ اهو عاليشان ڪم سڀني کي پڙهڻ گهرجي .
ان کان سواءِ ڊاڪٽر صاحب جي ڪتابن ۾: ’سرها گل‘ (1933ع)، ’انتخاب نثر و نظم‘ (فارسي: 1931ع)، ابيات سعدي (انگريزي: 1923ع)، مجموعہ نظر نظم (عربي: 1936ع)، سنڌي نثر ۽ نظم جو انتخاب (1940ع)، چونڊ سنڌي نثري نظم (ٽي ڀاڱا: 1948ع)، تاريخ معصومي (فارسي: ترتيب)، ’مضمون ۽ مقالا‘ ۽ ’سون برابر سڳڙا‘ شامل آهن. ڊاڪٽر صاحب جا پنهنجي وقت جي درسي ڪتابن ۾ ڪيترا سبق شامل رهيا آهن.
ڊاڪٽر دائودپوٽي جو سنڌي ادبي بورڊ جي 1951ع ۾ نئين سر تشڪيل ۽ ترقيءَ ۾ به اهم ڪردار رهيو آهي. ڪجهه وقت بورڊ جي رسالي ’مهراڻ‘ جو ايڊيٽر به رهيو، جنهن بعد اهي ذميواريون محمد ابراهيم جويي سنڀاليون.
ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي، 22 نومبر 1958ع تي دل جي دوري سبب وفات ڪئي. ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ پاران حيدرآباد ۾ سندس نالي تي ’شمس العلماءِ دائودپوٽا لائبريري‘ قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا حيدرآباد جي سڀ کان وڏي پبلڪ لائبريري به آهي.
ڊاڪٽر صاحب جيترا پاڻ عظيم آهن اوترو سندن جو لائق فرزند عظيم دائود پوٽو صاحب به ثابت ٿيا پاڻ سنڌ جو گورنر هوندي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ لاِء دستاويز تي سائن نه ڪيائون ۽ اڳتي هلي ان عهدي تان استئفي ڏنائون .
ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽي صاحب جو ڪيل علمي پورهيو هڪ فرد جو نه پر هڪ اداري جو ڪم آهي .سندس کي مان ڏيڻ لاِء هڪ لائبريري نه پر هڪ يونيورسٽي سندس جي نالي سان جوڙي وڃي .
سنڌ ته پنهنجن محسنن کي ڪين. وساريندي آهي. سنڌ ته مان ڏيندڙ ديس آهي ۽ اچو ته پنهنجي اصلي هيرو کي مان مريادا ڏيون .
هن مضمون جي ڊيٽا انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان ورتل آهي سنڌ جو علمي ۽ شعوري هيرو سائين عمر بن دائود پوٽو صاحب پائنده باد
جاويدحالتي .ڀٽ شاهه copied