Sunday, March 5, 2017

Direct Appointed about 111 officers by Sindh Government from 1989 to 1997






















ڪراچي (رپورٽ: رشيد ميمڻ) سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ جي حڪمن کانپوءِ  1989ع کان 1997
ع تائين جي عرصي دوران اسسٽنٽ ڪمشنر، ڊي ايس پيز سميت ٻين سنڌ پبلڪ سروس  ڪميشن وارن عهدن تي ڪميشن جي امتحان بدران سڌي ريت ڀرتي ڪيل آفيسرن جا تفصيل گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. انهن آفيسرن بابت هن وقت تائين جوڙيل تفصيلن موجب سڌي ريت ڀرتي ٿيل آفيسرن ۾ 130 کان وڌيڪ آفيسر شامل آهن جن ۾ 20 هين گريڊ جي سيڪريٽري سطح جا 10 آفيسر، 61 ايس پيز ۽ 50 کان وڌيڪ ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ ٻيا ڪامورا شامل آهن. صوبائي وزير مخدوم جميل زمان جو ڀاءُ مخدوم شڪيل الزمان، سيڪريٽري ليبر سعيد اعواڻ، ڊي جي مانيٽرنگ امتياز شاهه، سيڪريٽري مدثر اقبال، ميونسپل ڪمشنر ڪراچي حنيف محمد مرچي والا،  ڊي سيز شوڪت جوکيو، محمد علي شاهه، مهدي شاهه، ايس ايس پي ميرپورخاص رخسار احمد کهاوڙ، ايس ايس پي بدين قيوم پتافي، ايس پي ٽنڊوالهيار شاهجهان، ايس پي ڪشمور فدا حسين جانوري، ايس پي مٽياري ظفر اقبال ملڪ، خالد مصطفيٰ ڪورائي، ڄام ظفرالله ڌاريجو، عارف مهر، فريد جان سرهندي، فاروق جمالي، علي شير جکراڻي، محمد علي وساڻ ۽ ٻيا سڌي ريت ڀرتي ٿيل ڪامورن ۾ شامل آهن، جيڪي هن وقت سنڌ حڪومت ۾ مختلف اهم پوسٽن تي مقرر ٿيل آهن. ان حوالي سان ڪاوش کي مليل رپورٽ موجب سپريم ڪورٽ ۾ رول 5 تحت سڌي ريت ڀرتي ٿيل آفيسرن بابت ڪيس هلڻ کانپوءِ سنڌ حڪومت ايس اينڊ جي اي ڊي کاتي ذريعي سمورن سرڪاري کاتن کان رول 5 وارن آفيسرن ۽ پوليس کان سڌي ريت ڪميشن وارين پوسٽن تي ڀرتي ٿيل پوليس آفيسرن بابت تفصيل گهري ورتا آهن. هن وقت تائين مليل تفصيلن موجب گذريل حڪومتن پاران 1990 ع کان 1997ع تائين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي دائري ۾ ايندڙ 17 هين گريڊ جي اسسٽنٽ ڪمشنرن جي اهم پوسٽن تي ڪميشن بدران سڌي ريت ڀرتيون ڪري آفيسر ڀرتي ڪيا ويا هئا، جيڪي هن وقت 20هين گريڊ ۽ 19 هين گريڊ ۾ سنڌ حڪومت جي مختلف عهدن تي مقرر ٿيل آهن. ايس اينڊ جي اي ڊي پاران رول 5 تحت سڌي ريت ڀرتي ٿيل آفيسرن جي تيار ڪيل هڪ لسٽ جيڪا ”ڪاوش“ کي ملي آهي، ان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 20هين گريڊ جي آفيسرن مان بورڊ آف روينيو جو ميمبر رجسٽريشن ۽ روينيو وارو صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان جو ڀاءُ مخدوم شڪيل الزمان، سنڌ جي ترقيات ۽ رٿابندي واري مانيٽرنگ ۽ ايووليوشن سيل جو ڊائريڪٽر جنرل امتياز علي شاهه، سيڪريٽري ليبر طور مقرر ٿيل سعيد احمد اعواڻ، اڳوڻو ڊي جي ڪول دانش سعيد، محمد فاروق لغاري ۽ غلام حيدر مڱريو کي سڌي ريت ڀرتي ڪيو ويو هو ۽ اُهي آفيسر رول 5 واري ڀرتين جي دائري ۾ اچن ٿا. اهڙي طرح رول 5 وارن ٻين آفيسرن ۾ پڻ تعليم کاتي جو قانون بابت اسپيشل سيڪريٽري ذاڪر علي شاهه، گهرو کاتي جو اسپيشل سيڪريٽري عبدالوهاب ميمڻ، رپورٽ ٿيل ليبر کاتي جو اڳوڻو سيڪريٽري رشيد سولنگي، ميونسپل ڪمشنر ڪراچي طور مقرر ٿيل حنيف محمد مرچي والا به شامل آهن. اهڙي طرح 19هين گريڊ جي آفيسرن مان ايڊيشنل سيڪريٽري ايڪسائيز وحيد احمد شيخ، ڪراچي ڏکڻ جو اڳوڻو ڊپٽي ڪمشنر مصطفيٰ جمال قاضي، ايڊيشنل سيڪريٽري قطب الدين هڱورو، بخش علي مهر، رفيع الدين ۽ نويد اعواڻ به رول 5 تحت سڌي ريت ڪميشن وارين پوسٽن تي ڀرتي ٿيل آفيسرن ۾ شامل آهن. ”ڪاوش“ کي مليل دستاويزي ثبوتن موجب ان وقت جي حڪومت 47 آفيسرن کي اسسٽنٽ ڪمشنر طور 17 هين گريڊ جي عهدن تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان بدران وڏي وزير جي منظوري سان سڌي ريت ڀرتي ڪيو هو. جيڪي هن وقت 19 هين گريڊ جي پوسٽن تي پهچي ويا آهن ۽ مختلف کاتن ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ ٻين عهدن تي مقرر ٿيل آهن.  انهن آفيسرن ۾ تعليم کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري نزهت فاطمه، اڳوڻو ڪين ڪمشنر سنڌ نوبت خان زرداري، ڄامشوري جو اڳوڻو لينڊ اڪيوزيشين آفيسر سهيل اديب بچاڻي، ڊپٽي ڪمشنر محمد علي شاهه، گهرو کاتي جو ايڊيشنل سيڪريٽري محمد ابراهيم مهيسر، آغا ظهير الدين، آغا سراج احمد، منور لال، محمد اسلم لُنڊ، هادي بخش زرداري، خادم حسين ڀٽو، روبينه شاهين، پير احمد علي شاهه، مشتاق احمد، رياض علي عباسي، شاهه محمد شاهه، آصف علي ميمڻ، خير بخش جوکيو، امجد علي لغاري، سليم احمد خان، مقصود احمد قريشي ۽ محمد بابر قدير  شامل آهن. اهڙي طرح سنڌ حڪومت ۾ 19هين گريڊ جي ايڊيشنل سيڪريٽري جي عهدن تي مقرر ٿيل مختلف آفيسر پڻ سڌي ريت اسسٽنٽ ڪمشنر ڀرتي ٿيا هئا جن ۾ وزيراعليٰ انسپيڪشن ٽيم جو ميمبر ياسر جان بلوچ، صحت کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري مقرر ٿيل رياض اقبال بلوچ، بدين جو ڊپٽي ڪمشنر شوڪت حسين جوکيو، ڪراچي جو ڊپٽي ڪمشنر مهدي شاهه، ڊائريڪٽر فوڊ سنڌ بچل راهپوٽو، ايڊيشنل سيڪريٽري سڪندر علي خشڪ، فيصل عقيلي، شاهد عبدالسلام، قمر رضا بلوچ، ديدار حسين بلوچ، محمد اسلم لُنڊ، غلام حيدر چانڊيو، خدا ڏنو شورو، اڳوڻو ڊي سي مخدوم عقيل الزمان،  محمد عمران شاڪر، شير حسين شاهه شامل آهن. اهڙي طرح اسٽينوگرافر طور سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ڀرتي ٿيل ۽ هن وقت سيڪريٽري وومين ڊولپمينٽ مقرر ٿيل مدثر اقبال به ان لسٽ ۾ شامل آهي. ڪاوش پاران ورتل رپورٽ موجب پوليس ۾ هن وقت ايس ايس پي سطح جي عهدن تي مقرر 61 پوليس آفيسرن اهڙا پڻ آهن جيڪي 17هين گريڊ ۾ ڊي ايس پي ۽ ٻين عهدن تي سڌي ريت ڀرتي ڪيا ويا هئا. ايس اينڊ جي اي ڊي کاتي پاران پوليس کان اهڙن سڌي ريت ڀرتي ٿيل آفيسرن جا به تفصيل گهريا ويا آهن ۽ آءِ جي آفيس پاران اهي تفصيل تيار ڪيا ويا آهن. ذريعن موجب پوليس پاران سڌي ريت ڀرتي ٿيل آفيسرن بابت گڏ ڪيل تفصيلن ۾ڄاڻايو ويو آهي ته ڊي ايس پي طور تي ڀرتي ٿيل آفيسر هن وقت مختلف عهدن تي پهچي ويا آهن ۽ اهڙن آفيسرن ۾هن وقت مقرر ٿيل اسسٽنٽ ڊي آءِ جي ڪرائيم اينڊ آپريشن حيدرآباد آصف شهزاد ابڙو، ايس پي اسپيشل برانچ سکر منصور احمد مغل، اسسٽنٽ ڊي آءِ جي سي آءِ اي ڪراچي گل حمد سمون، ايس پي ايس آر پي ڪراچي ظهير احمد تنيو، ايس ايس پي ميرپورخاص رخسار احمد کهاوڙ، اسسٽنٽ آءِ جي ٽيلي ڪميونيڪيشن نثار احمد چنا، ايس ايس پي ڪرائيم برانچ ڪراچي طارق مغل، ايس پي ايس ايس يو عبدالستار ڀٽو، ايس سي ٽي سي سڪرنڊ غلام سرور ابڙو، ايس پي ملير ڪراچي ڊاڪٽر نجيب خان، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل ايس پي غلام نبي ڪيريو، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل ايس پي عابد قائمخاني، معطل ٿيل ايس پي لطيف صديقي، ايس ايس پي ڪرائيم برانچ لاڙڪاڻو اختر حسين چانڊيو شامل آهن. اهڙي طرح ايس پي هيڊڪوارٽر خيرپور پير سيد تقي شاهه، ايس پي هيڊڪوارٽر دادو فريده بانو لغاري، ايس پي لياري علي بخش نظاماڻي عرف آفتاب نظاماڻي، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل ايس پي ڄام ظفرالله ڌاريجو، ايس پي جمشيد ٽائون ڪراچي طاهر احمد نوراني، ايس پي ٽيڪنيڪل اسپيشل برانچ ڪراچي ڊاڪٽر زين علي شيخ، اي آءِ جي موٽر ٽرانسپورٽ عبدالعظيم تنيو، ايس پي ڪورٽ پوليس ڪراچي يعقوب عالماڻي، ايس پي ۽ پرنسپال آر ٽي سي ڄام نواز علي ذوالفقار علي زرداري، ايس ايس پي اينٽي ڪارلفٽنگ سيل ڪراچي منظور علي کٽياڻ، ايس ايس پي ۽ پرنسپال پي ٽي سي شهدادپور نذير احمد ميربحر، اسسٽنٽ آءِ جي فنانس سي پي او شوڪت علي کٽياڻ، ايس پي ڪراچي رينج حسيب افضل بيگ، ايس ايس پي پرنسپال پي ٽي سي سعيد آباد شاد ابن مسيح به ڊائريڪٽ ڀرتي ٿيل ڊي ايس پيز ۾ شامل آهن. ورتل رپورٽ موجب اسسٽنٽ آءِ جيز فارنزڪ ڊويزن سنڌ محمد عباس رضوي، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل ايس پي سعادت علي ياسين، ايس پي انويسٽيگيشن ٽو ڏکڻ ڪراچي جان محمد برهماڻي، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل خالد مصطفيٰ ڪورائي، ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن حيدرآباد ايس پي عرفان مختيار ڀٽو، ايس پي اسپيشل برانچ حيدرآباد سيد عامر عباس شاهه، ايس پي هيڊڪوارٽر اوڀر ڪراچي قمر عباس رضوي، ايس پي انويسٽيگيشن ٽو اوڀر ڪراچي الطاف سرور ملڪ، ايس پي ٽرئفڪ ڪورنگي ڪراچي اعجاز احمد هاشمي، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل ايس پي ذاڪر حسين پپراڻي، ايس پي ٽنڊوالهيار شاهجهان، ايس پي جاويد ضميرالدين فاروقي، ايس پي ڪامران راشد، ايس پي عرفان بهادر، ايس پي لياقت آباد ڪراچي ثاقب ابراهيم، ايس پي مٽياري ظفر اقبال ملڪ، اسسٽنٽ آءِ جي لاجسٽڪ سنڌ قمر رضا جسڪاڻي، اسسٽنٽ آءِ جي اسٽيٽ مئنيجمينٽ سي پي او سيد غياث الدين راشدي، ايس پي ڪشمور فدا حسين جانوري، ايس پي سيد محمد علي رضا، اسسٽنٽ آءِ جي ايڊمن اسپيشل برانچ سنڌ محمد عارف مهر، ايس پي ٽرئفڪ سينٽرل ڪراچي سيد زاهد حسين شاهه، ايس پي نوشهروفيروز الطاف حسين لغاري، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل ايس ايس پي پير فريد جان سرهندي، ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ايس پي فاروق احمد جمالي، ايس ايس پي بدين قيوم پتافي، اي ڊي آءِ جي محمد علي وساڻ، ايس پي سيد سلمان حسين، ايس ايس پي ڪرائيم برانچ ميرپورخاص عاشق علي بوزدار، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل ايس پي نسيم آرا پنهور، ايس پي سجاول سيد امداد علي شاهه به شامل آهن. اهڙي طرح بلوچستان ۾ مقرر ٿيل علي شير جکراڻي ۽ ريلوي سکر 
kawish 5.3.2017 ۾ مقرر ٿيل غلام سرور ڀيو به ڊائريڪٽ ڀرتي ٿيل آفيسرن ۾ شامل آهن.

No comments:

Post a Comment

When you look at various woman