Thursday, February 27, 2020

CBM Test Pass Teachers only PSTs Year 2001 regularized from date oF joining , SINDH HIGH COURT

 CBM Test Pass Teachers only PSTs Year 2001 regularized from date oF joining , SINDH HIGH COURT


اسان کي سال 2001 ۾ تعليم کاتي ۾ ٽن سالن جي ڪانٽريڪٽ تي ٽيسٽ ذريعي پرائمري اسڪول ٽيچر طور ڀرتي ڪيو ويو۔
ياد رهي ته ت
عليم کاتي ۾ پهريون ڀيرو ٽيسٽ ذريعي ميرٽ تي ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿئي هئي هن کان پهرين پرائمري اسڪول ٽيچر ريگيولر (پڪا) بنا ٽيسٽ جي صرف انٽرويو ذريعي ڀرتي ڪيا ويندا هئا۔
خير ٽي سال گذري ويا ڪانٽريڪٽ ختم ٿيو ڪراچي پريس ڪلب جو رخ ڪيوسين ڪراچي پوليس جون لٺيون کائي پڪا ته ٿي وياسين پر پڪو 2001 جي بجاء 2005 کان ڪيو ويو۔
اسان جي سکر ضلعي جي دوستن 2007 ۾ هڪ آئيني پٽيشن سکر هاء ڪورٽ بئنچ ۾ داخل ڪئي ته مقرري واري تاريخ کان پڪو ڪيو وڃي۔
ڪورٽ سڳوري ته 2011 ۾ فيصلو ڏنو ته استاد کي جن پوسٽن تي ڀرتي ڪيو ويو آھي اهي پوسٽون دائمي آھن انڪري مذڪوره ( پٽيشنرز ) استادن کي مقرري واري تاريخ پڪو ڪيو وڃي۔
پر بدمست تعليم کاتو ڪٿي ٿو مڃي ڪورٽ سڳوري جو مٿي ذڪر ڪيل فيصلو قبول نه ڪيائين ته پٽيشنرز وري ڪورٽ سڳوري ۾ توهين عدالت جي التجا ڪئي۔
ڪافي سالن کان توهين عدالت جو ڪيس جون تاريخون ملن پيون اڄ دوستن جي ڪوشش سان 2 اپريل 2020 جي تاريخ ملي آھي۔










No comments:

Post a Comment

When you look at various woman