Friday, October 23, 2020

SHORT QUESTION & ANSWERS GENERAL SCIENCE FOR TEACHERS JOB PST, JEST, SST AND OTHERS

 جنرل سائنس 

سوال 1 :سائنس ڇا کي چئجي ٿو؟ 

جواب : تجربن ۽ مشاهدن ذريعي حاصل ڪيل علم کي سائنس چئجي ٿو. 

سوال 2 :سيل  Cell يا جيوگهرڙو ڇا آهي؟ 

جواب : سڀني جاندارن جي بناوت جو بنيادي ايڪو سيل آهي. 

سوال 3 :اينيمل ڪنگڊم ڇا کي چئبو آهي؟ 

جواب : هن ڌرتيء تي سڀئي جاندار هڪ وڏي دنيا ٺاهين ٿا ان کي اينيمل ڪنگڊم چئبو آهي.

سوال 4 :ورٽيبريٽ  Vertebrate  ڇا کي چئجي ٿو؟ 

جواب : اهي جانور جن کي پٺي َء جوڪرنگهو ٿئي ٿو. مثال: مينهن، ٻلي، ڪتو، شينهن وغيره

سوال 5 :اِنورٽيبريٽ  Invertebrate  ڇا کي چئجي ٿو؟ 

جواب : اهي جانور جن کي پٺي َء جو ڪرنگهو نه هجي. مثال: جيت، ڪيڙا وغيره.

سوال 6 :دنيا ۾ مڇين جا ڪيترا قسم آهن؟ 

جواب : 30 هزار کان به وڌيڪ. 

سوال 7 :دنيا ۾ پکين جا ڪيترا قسم آهن؟ 

جواب : 9 هزار کان به وڌيڪ. 

سوال 8 :دنيا ۾ جيتن جا ڪيترا قسم آهن؟ 

جواب : 8 لک کان به وڌيڪ. 

سوال 9 :ايمفيبين  Amphibian ڇا کي چئجي ٿو؟ 

جواب : اهي جانور جيڪي پاڻي َء ۽ خشڪي ٻنهي تي رهن. مثال: نانگ ،ڏيڏر ۽ ُڪمي وغيره 

سوال 10 :مئمل  Mammal  ڇا کي چئبو آهي؟ 

جواب : اهي جانور جيڪي ٻچا ڄڻين ۽ پنهنجن ٻچن کي کير پيارين انهن کي مئمل چئبو آهي. 

سوال 11 :سرد رت وارا جانور ڪهڙا آهن؟ 

جواب : مڇيون، ايمفيبين ۽ ريڙهيون پائيندڙ جانور.

سوال 12 :گرم رت وارا جانور ڪهڙا آهن؟ 

جواب :پکي ۽ مئمل. 

سوال 13 :باريڪ خوردبيني جاندار ڇا کي چئجي ٿو؟ 

جواب : اهي باريڪ جاندار جن کي اسان ڏسي نٿا سگهون. مثال: وائرس بيڪٽيريا وغيره 

سوال 14 :خوردبيني جاندارن کي ڪهڙن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي؟ 

جواب : وائرس، بيڪٽيريا ۽ فنجي. 

سوال 15 :خوردبيني جو ڪهڙو ڪم آهي؟ 

جواب : خوردبيني شين کي پنهنجي اصل جسم کان تمام وڏو ڪري ڏيکاريندي آهي. 

سوال 16 :بيڪٽيريا، وائرس ۽ فنجي ڪيترن سيلن وارا جاندار آهن؟ 

جواب : هڪ سيل وارا جاندار. ) وائرس جي بناوت ايتري ته ننڍي آهي جو ان کي خليو به نٿو چئي سگهجي (

سوال 17 :بيڪٽيريا جي شڪل ڪيئن هوندي آهي؟ 

جواب : ڪي سُين جهڙا، ڪي گول ۽ ڪي وري اسپرنگ جهڙا ٿين ٿا.

سوال 18 :انسانن ۽ جانورن جي آنڊي ۾ ڪهڙو بيڪٽيريا رهندو آهي؟ 

جواب : ايسچيريچيا ڪولي. 

سوال 19 :ڏهي ٺاهڻ ۾ ڪهڙا باريڪ جاندار  مائڪروبس  مدد ڪندا آھن ؟ 

جواب : بيڪٽيريا

سوال 20 :زڪام ۽ فلو ڪھڙن باريڪ جاندارن جي ڪري ٿيندو آھي ؟

جواب : وائرس جي ڪري. 

سوال 21 :وڏي ۾ وڏو مائڪروب يعني باريڪ جاندار ڪهڙو آهي؟ 

جواب : فنجي. 

سوال 22 :نشاستو يا ييسٽ ڇا جي مدد سان ٺهندو آهي؟ 

جواب : فنجي. 

سوال 23 :پينسلين واري اينٽي بايوٽڪ ڇا مان تيار ڪئي ويندي آهي؟ 

جواب : پينسيلم مان جيڪو هڪ قسم جو فنگس  فنجي  آهي. 

سوال 24 :پوليو جي وئڪسين ڇا مان تيار ڪئي ويندي آهي؟ 

جواب : پوليونالي هڪ وائرس مان. 

سوال 25 :انفيڪشن ڇا کي چئجي ٿو؟ 

جواب : اها بيماري جيڪا بدن ۾ جيوڙن جي موجودگي ڪري پيدا ٿئي ان کي انفيڪشن چئبو آهي. 

سوال 26 :نزلو، زڪام، بخار ۽ مٿي جو سور ڪهڙي انفيڪشن جي ڪري ٿيندا آهن؟ 

جواب : وائرل انفيڪشن جي ڪري. 

سوال 27 :دست ڪهڙي انفيڪشن جي ڪري ٿيندا آهن؟ 

جواب : بيڪٽيريل انفيڪشن جي ڪري. 

سوال 28 :چمڙي َء جون ڪي بيماريون ڪهڙي انفيڪشن جي ڪري ٿينديون آهن؟

جواب: فنگل انفيڪشن جي ڪري. 

سوال 29 :بيمارين جي جيوڙن جا بدن ۾ داخل ٿيڻ جا رستا ڪهڙا آهن؟ 

جواب: وات ذريعي، نڪ ذريعي ۽ چمڙي َء ذريعي.

سوال 30 :ٻوٽن کي ڪهڙن ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي؟ 

جواب : 1 .گلدار ٻوٽا 2 .بي گل ٻوٽا. 

سوال 31 :گلدار ٻوٽن کي ڪهڙن ٻن گروپن ۾ و رهايو ويو آهي؟ 

جواب : 1.هڪ ٻج پن وارا ٻوٽا 2.ٻه ٻج پن وارا ٻوٽا. 

سوال 32 :هڪ ٻج پن وارا ٻوٽا ڪهڙا آهن؟ 

جواب : مڪائي، چانور، ڪڻڪ ۽ گاه وغيره. 

سوال 33 :ٻه ٻج پن وارا ٻوٽا ڪهڙا آهن؟ 

جواب : انب، ليمون، چڻا، چئونرا ۽ مٽر وغيره. 

سوال 34 :بي گل ٻوٽا ڪهڙا آهن؟ 

جواب : فرنس  Ferns  ۽ موسز Mosses.

سوال 35 :جڏهن ٻج جي ڦٽڻ وقت ڪاٽليڊان زمين کان مٿي نڪري ايندا آهن ته ان کي ڇا چئبو آهي؟

جواب : ايپيجل جرمينيشن. 

سوال 36 :جڏهن ٻج جي ڦٽڻ وقت ڪاٽليڊان زمين جي اندر ئي رهن ته ان کي ڇا چئبو آهي؟ 

جواب : هئپوجل جرمينيشن. 

سوال 37 :ٻج ۾ موجود ننڍڙي ٻوٽي کي ڇا چئبو آهي؟ 

جواب : ايمبريوEmbryo .

سوال 38 :ڪاٽليڊان ڇا کي چئبو آهي؟ 

جواب : ٻج جي ٻن ڀاڱن مان هر هڪ ڀاڱي يا اڌ کي ڪاٽليڊان يا شروعاتي ڪچو پن چئبو آھي 


سوال39: ٻج ۾ موجود ننڍڙي سوراخ کي ڇا چيو ويندو آھي ؟

جواب : مائڪرو پائيل

سوال 40 : اينڊو اسپرم ڇا کي چئبو آھي ؟ 

جواب : ٻج جو اهو حصو جنهن ۾ خوراڪ گڏ ٿيل هوندي آهي. 

سوال 41 :ٻج جي ڦٽڻ لاء گهربل حالتون ڪهڙيون هونديون آهن؟

جواب : آڪسيجن، پاڻي، مناسب گرمي َء جو درجو ۽ روشني.

سوال 42 :آلودگي ڇا کي چئبو آهي؟ 

جواب : هوا ، پاڻي ۽ زمين جي خاصيتن ۾ اڻوڻندڙ تبديلي جيڪا انسان ۽ ٻين جاندارن جي صحت 

 تي خراب اثر وجهي ان کي آلودگي چئجي ٿو. 

سوال 43 :آلودگي َء جا مکيه قسم ڪهڙا آهن؟

جواب : آلودگي َء جا مکيه 3 قسم آهن. 1 .هواجي آلودگي، پاڻيء جي آلودگي ۽ زمين جي آلودگي.

سوال 44 :هوا جي آلودگيء ڪري ڪهڙيون بيماريون ٿين ٿيون؟

جواب : مٿي ۾ سور پوڻ، نڪ ۾ خارش ٿيڻ، نڙي َء ۾ سور پوڻ، دم جي بيماري، نمونيا ۽ ڪئنسر.

سوال 45 :پاڻي َء جي آلودگي َء ڪري ڪهڙيون بيماريون ٿين ٿيون؟

جواب : ڪالرا، مدي جو بخار ۽ دست وغيره. 

سوال 46 :زمين جي آلودگي َء جا نقصانڪار اثر ڪهڙا آهن؟

جواب: زمين جي آلودگي پيدا ڪندڙ شين جي ڳري ختم ٿيڻ تي انهن جا زير زمين پاڻئ ۽

پسگردائيء تي تمام زهريال اثر پون ٿا.

سوال 47 :مادو ڇا کي چئجي ٿو؟ 

جواب : اها شيِء جيڪا جا ِء والاري ۽ وزن به رکي ان کي مادو چئجي ٿو.

سوال 48 :مادي جون حالتون ڪهڙيون آهن؟ 

جواب : مادي جون ٽي حالتون آهن. نهرا، پاڻياٺ ۽ گئس. 

سوال 49 :مادي جي ڪهڙي حالت ۾ ماليڪيول هڪ ٻئي جي تمام ويجهو ۽ ڳتيل هوندا آهن؟ 

جواب : نهري حالت ۾. 

سوال 50 :مادي جي ڪهڙي حالت ۾ ماليڪيول ڪجه پري هوندا آهن ۽ حرڪت ڪري سگهندا آهن؟ 

جواب : پاڻياٺ واري حالت ۾. 

سوال 51 :مادي جي ڪهڙي حالت ۾ماليڪيول آزاد ۽ پري پري هوندا آهن؟ 

جواب : گئس واري حالت ۾. 

سوال 52 :مادو ڇا جو ٺهيل هوندو آهي؟ 

جواب : مادو تمام باريڪ ذرڙن جو ٺهيل هوندو آهي جن کي ائٽم ۽ ماليڪيول چئبو آهي. 

سوال 53 :مادي جي ڪهڙي حالت کي مقرر مقدار ۽ خاص شڪل هوندي آهي؟ 

جواب : نهرو. 

سوال 54 :مادي جي ڪهڙي حالت کي مقرر مقدار هوندي آهي پر خاص شڪل نه هوندي آهي؟ 

جواب : پاڻياٺ. 

سوال 55 :مادي جي ڪهڙي حالت کي مقرر مقدار ۽ ڪا خاص شڪل نه هوندي آهي؟ 

جواب : گئس 

سوال 56 :گاٺ ڇا کي چئجي ٿو؟ 

جواب : گاٺ هڪ قسم جو زور آهي جيڪو شين کي آساني سان چرپر ڪرڻ کان روڪي ٿو.

سوال 57 :مايو ڇا کي چئجي ٿو؟ 

جواب : مادي جي مقدار کي مايو چئجي ٿو. 

سوال 58 :مايي جو ايڪو ڇا آهي؟ 

جواب : ڪلوگرام Kg .

سوال 59 :وزن ڇا کي چئجي ٿو؟ 

جواب : زمين جي ڇڪ واري زور کي وزن چئجي ٿو

سوال 60 :وزن جو ايڪو ڇا آهي؟ 

جواب : نيوٽن N .

سوال 61 :انسان جي بدن جو عام حالت ۾ گرمي_پد  ٽيمپريچر  ڪيترو هوندو آهي؟ 

جواب : 6F.98 فارنھائيٽ. 

سوال 62 :جسم جي گرمي_پد  ٽيمپريچر  ماپڻ واري اوزار کي ڇا چئبو آهي؟ 

جواب : ٿرماميٽر. 

سوال 63 :سادين مشينن جا قسم ڪهڙا آهن؟ 

جواب : ليور، لهواري سطح ۽ چپر وغيره.

سوال 64 :ليور جا ڪيترا قسم آهن؟ 

جواب :ٽي. 1.پهرئين قسم جو ليور، 2.ٻئي قسم جو ليور ۽ 3.ٽئين قسم جو ليور. 

 1. .پهرئين قسم جي ليور ۾ٽيڪ يا فلڪرم، زور ۽ وزن جي وچ ۾ رکيل هوندو آهي. مثال: قينچي. 

 2. .ٻئي قسم جي ليور ۾ وزن لڳايل زور ۽ فلڪرم جي وچ ۾ رکيل هوندو آهي مثال: هٿ گاڏي 

 3 .ٽئين قسم جي ليور ۾ لڳايل زور فلڪرم ۽ وزن جي وچ ۾ هوندو آهي. مثال: چمٽو. 

سوال 65 :روشني پنهنجو سفر ڪيئن ڪندي آهي؟

جواب : سڌي ليڪ ۾. 

سوال 66 :روشن جسم ڇا کي چئبو آهي؟ 

جواب : اهي جسم جيڪي پنهنجي روشني پاڻ تيار ڪن انهن کي روشن جسم چئبو آهي.مثال:سج 

سوال 67 :غير روشن جسم ڇا کي چئبو آهي؟ 

جواب : غير روشن جسم اهو هوندو آهي جيڪو پنهنجي روشني پاڻ تيار نه ڪري سگهي. مثال: چنڊ ۽ گره. 

سوال 68 :شفاف جسم ڪهڙا آهن؟ 

جواب : اهي جسم جيڪي روشني کي پاڻ مان آساني َء سان گذرڻ ڏين. مثال: هوا،پاڻي،صاف شيشو.

سوال 69 :نيم شفاف جسم ڪهڙا آهن؟

جواب : اهي جسم جيڪي روشني َء جي ڪجه حصي کي پاڻ مان گذرڻ ڏين. مثال: ڌنڌلو شيشو.

سوال 70 :غير شفاف جسم ڪهڙا آهن؟ 

جواب : اهي جسم جيڪي پاڻ مان روشني َء کي هرگز گذرڻ نه ڏين. مثال : سرن واري ڀت. ڪاٺ.

سوال 71 :پاڇو ڪيئن ٺهي ٿو؟ 

جواب : جڏهن روشني ڪنهن غير شفاف جسم سان ٽڪرائجي رڪجي وڃي ٿي ته ٻئي پاسي ان جو 

 پاڇو ٺهي پوي ٿو. 

سوال 72 :سج گرهڻ ڪيئن ٿيندو آهي؟ 

جواب : جڏهن چنڊ، سج جي سامهون اچي بيهندو آهي ته سج گرهڻ ٿيندو آهي. 

سوال 73 :چنڊ گرهڻ ڪيئن ٿيندو آهي؟ 

جواب : جڏهن زمين، سج ۽ چنڊ جي وچ ۾ اچي بيهندي آهي ته چنڊ گرهڻ ٿيندو آهي. 

سوال 74 :بجلي َء جو سرڪٽ ڇا آهي ۽ ڪيئن ٺهي ٿو؟

جواب : بجلي َء جو سرڪٽ اهو رستو آهي جنهن تان بجلي َء جو ڪرنٽ گذري وڃي ڪو ڪم ڪري 

سگهي. جيئن بلب کي روشن ڪرڻ وغيره. 

سوال 75 :ائٽم جا بنيادي ذرا ڪهڙا آهن؟

جواب : اليڪٽران، پروٽان ۽ نيوٽران. 

سوال 76 :اليڪٽران، پروٽان ۽ نيوٽران تي ڪهڙي چارج هوندي آهي؟ 

جواب : اليڪٽران تي ڪاٽو چارج. پروٽان تي واڌو چارج ۽ نيوٽران تي ڪا به چارج نه ھوندي آھي 

سوال 77 : مٽئ جا ڪھڙا قسم آھن ؟ 

جواب : وارياسي مٽي، لٽ واري مٽي، چيڪي مٽي ۽ لوم

سوال 78 :ٻوٽن جي واڌ ويجه الِء ڪهڙي مٽي بهترين هوندي آهي؟

جواب : لوم

سوال 79 :لوم ڇا کي چئبو آھي ؟

جواب : اها مٽي يا زمين جيڪا چيڪي مٽي، لٽ،واريء ۽ هيوم جي مالوٽ سان ٺهيل هجي.

سوال 80: مٽي َء جي هڪڙي ڀريل چمچي ۾ ڪيترا بيڪٽيريا هوندا آهن؟

جواب : هڪ ڪروڙ. 

سوال 81 :تحليلي عمل ڇا کي چئبو آهي؟ 

جواب : ڇڻيل، سڙيل ،ڳريل پن ۽ ُمئل جانورن جا جسم مٽي َء ۾ موجود باريڪ جيوڙا

 بيڪٽيريا ۽ فنجي کائي چٽ ڪندا آهن. ان عمل کي تحليلي عمل چئبو آهي. 

سوال 82 :نظاِم شمسي َء ۾ ڪل ڪيترا گره آهن؟

جواب: 8 گره..: 1 .عطارد، 2 .زهره، 3 .زمين، 4 .مريخ، 5ُ .مشتري، 6ُ .زحل، 7 .يورينس ۽ 8 .

نيپچون.

سوال 83 :سج جو قطر يعني هڪ پاسي کان ٻئي پاسي تائين مفاصلو ڪيترو آهي؟ 

جواب : 4.1 ڪروڙ ڪلوميٽر. جيڪو 109 زمينن کي هڪ ٻئي ڀرسان رکڻ برابر ٿيندو. 

سوال 84 :سج اسان کان ڪيترو پري آهي؟ 

جواب : 150 ملين ڪلوميٽر. 

سوال 85 :سج جي روشني زمين تائين پهچڻ ۾ ڪيترو وقت لڳي ٿو؟ 

جواب : 8 منٽ. 

سوال 86 :سج ۾ اسان جي زمين جيڏيون ڪيتريون زمينون ماپي سگهن ٿيون؟ 

جواب : 000،300،1 .تيرهن لک زمينون. 

سوال 87 :سج جو وزن ڪيترين زمينن جيترو ٿيندو؟ 

جواب : 000،330 . ٽي لک ٽيه هزار زمينن جيترو. 

سوال 88 :نظاِم شمسي ۾ موجود گرهن کي ڪيترن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي؟

جواب : ٻن گروپن ۾. 1 .زميني يا پٿريال گره 2 .گئس وارا ديو نما گره. 

سوال 89 :پٿريال گره ڪهڙا آهن؟ 

جواب : زمين ،عطارد ، زهره ۽ مريخ. 

سوال 90 :گئس وارا گره ڪهڙا آهن؟ 

جواب : ُجوپيٽر يا ُمشتري، ُزحل ، يورينس ۽ نيپ ُچون.

سوال 91 :نظاِم شمسي َء جو ننڍي ۾ ننڍو گره ڪهڙو آهي؟

جواب : عطارد Mercury . 

سوال 92 :نظاِم شمسي َء جو وڏي ۾ وڏو گره ڪهڙو آهي؟

جواب : ُمشتري Jupiter . 

سوال 93 :سج کي ويجهي مان ويجهو گره ڪهڙو آهي؟ 

جواب : عطارد. 

سوال 94 :سج کي پري مان پري گره ڪهڙو آهي؟ 

جواب : نيپچون Neptune . 

سوال 95 :ڪهڙو گره گهڻي قدر لوه يا فوالد جو ٺهيل آهي؟ 

جواب : عطارد. 

سوال 96 :زمين جي ڀيڻ ڪهڙي گره کي چيو ويندو آهي؟ 

جواب : زهره  Venus  کي. 

سوال 97 :نظاِم شمسي جي ڪهڙن گرهن کي پنهنجا چنڊ نه آھن ؟ 

جواب : عطارد ۽ زهره کي. 

سوال 98 :زمين جي چنڊ جو نالو ڇا آهي؟ 

جواب :   Lunaُ  لونا

سوال 99 :ڳاڙهو گره ڪهڙو آهي؟ 

جواب : مريخ Mars .

سوال 100 :مريخ تي ڪيترا چنڊ آهن ؟ 

جواب ۡ ٻه ، ڊيماس ۽ فوباس. 

سوال 101 :نظاِم شمسي َء جو سڀ کان وڏو ٻرندڙ جبل ” اولمپس مانس “ ڪهڙي گره تي آهي؟

جواب : مريخ تي. 

سوال 102ُ :مشتري تي ڪيترا معلوم ڪيل چنڊ آهن ۽ ڪيترا تحقيق هيٺ آهن؟ 

جواب : 50 معلوم ڪيل چنڊ ۽ 12 تحقيق هيٺ چنڊ آهن. 

سوال 103ُ :مشتري جو سڀ کان وڏو چنڊ ڪهڙو آهي جيڪو 16صدي َء ۾ گليلو سائنسدان ڳولي لڌو؟

جواب : گينِي ميڊ.

سوال 104ُ :زحل Saturn  تي ڪل معلوم ڪيل چنڊ ۽ تحقيق هيٺ ڪيترا آهن؟ 

جواب : 53 چنڊ معلوم ڪيل ۽ 9 تحقيق هيٺ آهن. 

سوال 105ُ :زحل جو سڀ کان مشهور چنڊ ڪهڙو آهي جيڪو گيني ميڊ کان پو ِء ٻئي نمبر تي آهي؟

جواب : ٽِيٽان. هي چنڊ عطارد کان به وڏو آهي

َسوال 106 :برفاني ديو ڪهڙي گره کي چيو ويندو آهي؟ 

جواب : يورينَس کي. 

سوال 107 :يورينس  Uranus کي ڪيترا چنڊ آهن؟ 

جواب : 27 چنڊ. 

سوال 108 :يورينس جو سڀ کان وڏو ۽ مشهور چنڊ ڪهڙو آهي؟ 

جواب : ٽِٽينِيا.

سوال 109 :نيپ ُچون کي ڪيترا چنڊ آهن؟

جواب : 13 چنڊ. 

سوال 110ِ :کَڙندڙ تارا  Star Shooting  ڇا آهن؟ 

جواب : ِکڙندڙ تارا يا شُهاب ثاقِب دراصل پٿريال ۽ ڌاتُن جا بچيل سچيل ذرڙا هوندا آهن جيڪي مختلف

رفتار سان سج جي چوڌاري ڦرندا رهن ٿا. 

سوال 111 :پُڇڙ تارا ڇا آهن؟

جواب : پُڇڙ تارا يا ڪوميٽس Comets  تمام ننڍڙا جسم هوندا آهن جيڪي برف، دز ۽ پٿريلي شين 

جا ٺهيل هوندا آهن.انهن کي گهڻو ڪري منحوس گندا برف گولا به چئبو آهي.

سوال 112 : پڇڙ تاري جي مرڪز جو نالو ڇا آھي ؟

جواب : ڪوما

No comments:

Post a Comment

When you look at various woman