سڄي سنڌ جي قبرستانن تان قبضه ختم ڪرڻ جو ڪورٽ آرڊر.
مان ناهيان چوندو ڪنهن کي ته منهنجي پوسٽ شيئر ڪيو پر هن پوسٽ لاِء عرض اهي ته وڌ ۾ وڌ شيئر ڪريو . منهنجي پٽيشن تي سنڌ هاِء ڪورٽ سکر جي جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ صاحب ۽ جسٽس فهيم صاحب سڄي سنڌ جي ڊپٽي ڪمشنرن کي جيڪي انٽي انڪروچمنٽ سيل جا ڊائريڪٽر پڻ آهن حڪم ڏنو آهي ته سڄي سنڌ جي قبرستانن تان انڪروچمنٽ هٽائي هاِء ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائين هي ان آرڊر جي ڪاپي آهي . هاڻي ماڻهون پاڻ همت ڪن . پنهنجن پيارن جي قبرن تان قبضه ختم ڪرائڻ لاِء درخواست لکي ضروري ڪاغذ , فوٽو وغيره هن آرڊرسان اٽيچ ڪري ڊپٽي ڪمشنر کان ڪاپي رسيو ڪرائين جي پو به هو ڪا ڪاروائي نه ڪن ته وڪيلن معرفت انهن خلاف توهين عدالت جون درخواستون وجهن . عدالت جو ڪم آهي فيصلو ڏيڻ . ان تي عمل ڪرائڻ لاِء عدالت ۽ عوام کي گڏجي همت ڪرڻي پوندي . ڪامورا وڏا لاهه آهن . هاڻي حڪم ٿي ويو آهي جيستائين عوام انهن ڪامورن کي نه گهليندو توهين جي ڪيسن ۾ ان حڪم تحت هي لنوائيندا رهندا .
No comments:
Post a Comment