سبجيڪٽ سنڌي
ادب جون صنفون..
۱. نثر
اسين جيڪا ڳالھ ٻولھ يا لکپڙھ ڪيون ٿا ان کي نثر چئبو آهي،
نثر جون صنفون
۱. سوانح عمري
اھڙو دستاويز جنھن ۾ ڪنھن بہ مشھور شخصيت جي زندگيءَ جي باري ۾ سندس زندگيءَ جي ھر پهلوءَ تي جامع طور ٻيو ڪير لکي تہ ان کي سوانح عمري چئبو آهي..
۲. آتم ڪھاڻي
نثر جي اھا صنف جنھن ۾ ليکڪ پنھنجي زندگيءَ جو احوال پاڻ لکي تہ ان کي آتم ڪھاڻي چيو ويندو آهي.
۳. خاڪو
خاڪو ان دستاويز کي چئبو آهي جنھن ۾ ڪنھن بہ مشھور شخصيت جي باري ۾ ٻيو ڪو مختصر احوال لکي ڄاڻ ڏئي.
۴. سفرنامو
ادب جي اھا صنف جنھن ۾ ليکڪ پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪيل ڪنهن بہ سفر جو احوال قلمبند ڪري ان کي سفر نامو چئبو آهي.
۵. مضمون
مضمون ۾ ليکڪ ڪنھن ھڪ نقطي تي سھڻي نموني سان لکندو آهي جنھن ۾ سنجيدگيءَ سان گڏ مزاح پڻ ٿي سگھي ٿو. مضمون ۾ ڪنھن بہ موضوع تي پابندي نہ ھوندي آھي پر انداز بيان دلڪش ۽ زبان ۾ رواني ھجڻ لازمي آهي.
۶. آکاڻي
آکاڻيءَ جو بنياد بہ ھندو ليکڪن مان پيو ھر اھا ٻاراڻي لکڻي جنھن مان سبق يا نصيحت حاصل ٿئي ان کي آکاڻي چئبو آهي. ٻاراڻي درسي ڪتابن ۾ آکاڻيون عام طور تي ملنديون آهن.
۷. ڪھاڻي/ افسانو
افسانو ارڙهين صديءَ جي پيداوار آهي افسانو مختصر آهي، افسانو سماج جي مسئلن جو عڪس ھجڻ سان گڏوگڏ قوم جي جذبن جي ترجماني بہ ڪندو آهي سنڌي ادب ۾ افسانو انگريزن جي دؤر ۾ شروع ٿيو.
۸. ناول
ناول انگريزي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنھن جي معني آهي ڪا نئين شيءِ، ناول ۾ ھڪ کان وڌيڪ رخن تي لکيل ھوندو آھي جنھن ۾ سماج جي مختلف مسئلن جي خيالن جي جذبن جي احساسن جي عڪاسي ٿيل ھوندي آھي سنڌي ادب ۾ ناول ترجمي سان آيو جيڪو ۱۸۷۰ع ۾ ديوان اڌارام ۽ ساڌو نولراءِ گڏجي انگريزي ناول راسيلاس جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ھو سنڌي ٻوليءَ ۾ پھريون اصلوڪو ناول مرزا قليچ بيگ جو ناول دلارام ۱۸۸۸ع ۾ شايع ٿيو جيڪو سندس وڏي خدمت طور ياد ڪيو وڃي ٿو.
۹. مقالو
ادب جي اھا صنف جيڪا ڪنھن تحقيق يا تنقيد تي مشتمل ھجي تہ ان کي مقالو چئبو آهي پوءِ اھا تحقيق يا تنقيد ( براءِ اصلاح ) ڪنھن شخص تي ھجي ان جي علمي پورهئي تي ھجي ڪنھن ڪتاب تي ھجي يا انساني زندگيءَ سان تعلق رکندڙ ڪنھن بہ موضوع يا شيءِ تي ھجي ان کي مقالو چئبو آهي.
۱۰. مقالمو
ھڪ کان وڏيڪ ماڻھن جي پاڻ ۾ گفتگو کي مقالمو چئبو آهي..
No comments:
Post a Comment