Wednesday, January 5, 2022

Thomas Alva Edison

 ٿامس الوا ايڊيسن Thomas Alva Edision 

جنم 11 فيبروري 1847 . آڪٽوبر 18  1931 

ٿامس سندس جو نالو الوا سندس ڳوٺ جو نالو ۽

 ايڊيسن سندس جي ڏاڏي جو نالو . 

آمريڪا جو دنيا جو ذهين ترين انسان جنهن بلب ٽائيپ رائيٽر اليڪٽرڪ ووٽر ريڪارڊ مشين فونوگراف موشن پڪچر ڪئميرا ريچارج واري بيٽري اليڪٽرڪ ڪرنٽ سيٽ ڪري دنيا کي جدتن طرف گامزن ڪيو.

 جڏهن هن دنيا مان موڪلاڻي ڪئي ته هن جي ليب ۾ 3500 نوٽبڪ هيا جن تي هزارين نئين شين جا آئيڊياز موجود هيا .آمريڪا جو ڪامياب ترين ايجادات ڪندڙ ۽ بزنس مين جنهن

 جنرل اليڪٽرڪ جهڙي ورلڊ ڪلاس ڪمپني جا بنياد وڌا ۽ ان کان علاوه چوڏهن ڪمپنين جو باني پڻ هيو . 

اڄ سندس جي مڃتا ۾ سوين نه پر هزارين اسڪول تي سندس جا نالا آهن ته شهرن وستين تي به نالا پڻ . سندس جا مجسما انهن جاين تي نصب ڪيا ويا جت ٿامس وقت گذاريو . هزارين ايوارڊ ماڻيندڙ ان ڪامياب انسان کي خلا ۾ هڪ ايسٽرائيڊ تي به سندس جو نالو ڏنو ويو آهي . 

ٿامس الوا ايڊيسن پهريون ماڻهو هيو جنهن سائنس جا بنيادي اصول سهيڙي ٽيم ورڪ سان مٿيون ايجادون ڪيون.

 1876 ع ۾ ٽيلگراف آپريٽر جي نوڪري هن جي قسمت بدلائي ۽ اتي ئي رات جي ڊيوٽي جي گهر ڪرڻ ڪري هن کي وقت مليو ۽ هن ٽائيپ رائيٽر جوڙي اخبار کپائڻ جو لائسنس به ورتو ۽ اتي ئي روڊ تي ڏينهن جو اخبار ٽائيپ ڪري شايع ڪندو هيو ۽ ان بعدهن پنهنجي ذهانت تي يقين ڪندي 14 ڪمپنين جو بنياد رکيو  . 

ان کان اڳ هن وڏي ڊگري صرف ڪيميسٽري ۾ وٺڻ چاهي پر نه وٺي سگهيو . 

شروع ۾ هي انسان ريل ۾ کٽمٺڙا اخبارون ۽ ڀاڄيون کپائيندو هيو جنهن مان هن کي 50 ڊالر هفتيوار آمدني ٿيندي هئي جن مان هو بجلي جا ۽ ڪيميائي تجربن جا آوزار خريد ڪندو هيو . پوِء وڃي هن کي ٽيلگراف آپريٽر جي جاب ملي . 

جنگ عظيم پهرين ۾ صنعتن جي دنيا ۾ زوال آيو ۽ آمريڪا جي رٻڙ جي کوٽ ٿي جيڪا هن هٿرادو طريقي سان ٺاهي پوري ڪئي . 

هن عظيم انسان شروعاتي تعليم پنهنجي امڙ کان ئي حاصل ڪئي جيڪا پڻ ٽيچر هئي . جنهن کان پڙهڻ لکڻ ۽ حساب سکيا . 12 سال جي عمر ۾ بخار سبب بيمار ٿيو ۽ هڪ ڪن کان هميشه لاِء ٻوڙو ٿي پيو . 

هن پنهنجو جيڪو  به ڪم ڪيو سو ٽيم ورڪ ۾ ڪيو ۽ ان سان دنيا جا قابل ترين 47 ماڻهو پڻ ساٿ ۾ رهيا پر وڏو عمل ۽ سهڪار هن شخص جو هيو . هن جي ليب ۾ اٺ هزار نٽ بلٽ ڌات ڪيميڪل ۽ ٻيا تجرباتي اوزار هيا ۽ ان ليب کي ميوزيم جو درجو ڏنو ويو . 

آمريڪا لاِء ۽ هن دنيا لاِء ڪم ڪيو ۽ موٽ ۾  ساري دنيا کان اوترو مان مرتبو مليس . اڄ سندس ناماچار آهي ۽ اربين انسانن جي دنيا جي هن گولي تي سندس نانؤ عزت ۽ مان سان ورتو وڃي ٿو . 


رهي ڳالهه سنڌ جي ته هت به ذهين ماڻهو آهن پر سي سڀ سرڪاري جي جاب جي ڪڍ آهن ۽ ادارن جي جوڙجڪ نه ٿيڻ جي ڪري ادارا صحيح ڪريم نه ڏئي سگهيا آهن جن سان سنڌ جو سماج ترقي ڪري . 

آغا وقار خود مثال هيو جنهن تي هت ٽوڪ ٺٺول ٿي ۽ اوليئر بردارس جهاز لاِء قرباني ڏني تن تي پڻ ٽوڪ ٿي هئي پر اهي ڪامياب ٿيا ۽ سندس جي ايجاد ۾ انهن جو نالو ئي  آهي . 

آغا وقار به هڪ آئيڊيا ڏنو . اهڙي طرح ان جي پوائنٽس کي تحقيق ۽ ترويج سان وڌائي سگهجي پيو . 

هن ذهين انسان ٿامس الوا ايڊيسن جو حوالو ڏئي آئون اهو عرض سنڌ جي پئسي واري ۽ انٽيليڪچوئل ڪلاس ۽ وس وارن کي اپيل ڪندس ته خدارا سنڌ جي ساڃاه جي مالڪي ڪئي وڃي ۽ نوجوان ڪتابن جي ٿيورين سان گڏ ان جي امپليمينٽيشن به لازمي ڪن . 

سنڌ کي سردار مير پير ڀوتار نه ٿا گهرجن سنڌ کي شعور کپي ڪارخانا کپن هيوي صنعتون ۽ ذهين ماڻهون کپن جيڪي سنڌ جي غريب پرور طبقي لاِء ڪم ڪن ته جيئن اٿاهه غربت ختم ٿئي . 

ٿامس ايڊيسن اڄ آمريڪا جو آئيڊيل آ . سنڌ کي به سوين ٿامس ايڊيسن گهرجن ٿا ...

آهي ڪو سنڌي مائي جو لعل جيڪو سنڌ جي سماج جو ٿامس ايڊيسن ٿئي ۽ ادارا جوڙي ڏي . ...... 

No comments:

Post a Comment

When you look at various woman