Sunday, January 21, 2024

GHAZAL BY KHAYAL KHATRI

 GHAZAL BY KHAYAL KHATRI

غزل خيال کتري
ڪلهن تي پــرايا پـــــــيو بارَ ڍوئي
اڃان پيو غلاميءَ ســندا پارَ ڍوئي
لتاڙي ٿو لوڙھـو چَــــوَڻ تي وڏيري
وجهي ڌوڙ منھن ۾ پــيو ڇارَ ڍوئي
اچي ٻوڏ ويـئي ٻُـڏي گهاٽ گهر ويا
مـتي مــــال سـان ٿو ٻڏل ٻارَ ڍوئي
ٿيو بم ڌماڪو جـــــــو بازار وچ ۾
نِٻَل ڏيــــل نانـــــــو اکين ٺارَ ڍوئي
اڇائي رھي ڪٿ وڌيو ظلم اھــڙو
پيو ديس واسـي رڳـــو ڪارَ ڍوئي
ڪري ھيڪلو ويـا ڇِـــني يار ياري
پـــيو رات ساري سـندن سارَ ڍوئي
ڏسي ڪين کتري اڙياتا سگهي ٿــو
ڪلهن تي کڻي ٿــو ڏکـن ڏارَ ڍوئي
19.1.2024

No comments:

Post a Comment

When you look at various woman