Friday, September 23, 2016

Remarks of Supreme Court of Pakistan about SPSC -



اسلام آباد (رپورٽ: اعجاز پنهور) سپريم ڪورٽ چيو آهي ته بيورو ڪريسيءَ ۾ سياسي مداخلت نه هئڻ گهرجي، بدقسمتي سان سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ڊيپوٽيشن آفيسرن کي هٽائي وري رکي ڇڏي ٿي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تحت ماڻهن تي ٻڌل آهي، جيڪي اهل ئي ناهن، اهڙا ڪم ڪريو جن جي قانون ۽ قاعدا اجازت ڏين، ڇا اسان وٽ ٻيو ڪو ڪم نه آهي جو هر چوٿين ڏينهن اوهان جو ڪيس ٻڌون؟ عدالت سنڌ حڪومت پاران ادارن جا رولز ٺاهڻ ۽ ڊيپوٽيشن آفيسر هٽائڻ جي خاطري ڪرائڻ تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري خلاف توهين عدالت جا نوٽيس واپس وٺي ڇڏيا، صديق ميمڻ خلاف مختلف ڪيسن ۾ توهين عدالت درخواست تي ٻڌڻي جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪئي، عدالت آڏو چيف سيڪريٽري پيش ٿيو، جسٽس امير هاني مسلم رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالتي فيصلي تي آفيسر هٽائي ٻيهر رکڻ بدقسمتي آهي، ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته 2 آفيسر شفقت مغل ۽ زاهد شاهه کي واپس ڪيو ويو آهي، جسٽس امير هاني مسلم چيو ته هڪ ٻه نه سوين درخواستون آهن، سيڪريٽري سروسز پنهنجي ڀائيٽي کي پي ايس مقرر ڪرايو آهي، سيڪريٽري سروسز لاءِ ته ايڊووڪيٽ جنرل چيو هو ته هو سٺو ماڻهو آهي، چيف سيڪريٽري اسان ڇو گهرايو آهي؟ ڪيترائي ڪيس آهن جن ۾ آفيسر صرف ڪاغذن ۾ هٽايا ويا آهن پر عملي طور تي اهي ڪم ڪري رهيا آهن، مختلف کاتن جي ماڻهن کي ڪيئن ٿا پي ايس مقرر ڪريو؟ اهو ته ڪو به سيڪشن آفيسر ٿي سگهي ٿو، ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته مون کي اهو ٻڌايو ويو آهي ته سيڪشن آفيسرن جي کوٽ آهي، جسٽس امير هاني مسلم چيو ته اسان وٽ ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي خلاف به درخواست آئي آهي ته جيڪي ماڻهو اهل ئي نه آهن انهن کي چيئرمين ۽ ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي، اهو ڪم ڪريو جنهن جي اجازت قانون ۽ قاعدا ڏين، ڇا اسان وٽ ٻيو ڪو ڪم نه آهي جو هر چوٿين ڏينهن تي اوهان جا هي ڪيس ٻڌون؟ 30 سالن کان اوهان وٽ رولز ئي نه آهن، ان ڪري ئي اختيارن جو غلط استعمال ٿئي ٿو! ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته رولز جلدي ٺهي ويندا، ان تي جسٽس امير هاني مسلم چيو ته اهڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪريو ته جيستائين سمورن ادارن جا رولز نه ٺهندا، تيستائين سنڌ سروسز رولز لاڳو رهندو، سنڌ حڪومت پاران ادارن جا رولز ٺاهڻ جي خاطري ۽ غير قانوني ڊيپوٽيشن تي مقرر آفيسرن کي هٽائي پراڻن کاتن ۾ موڪلڻ واري رپورٽ تي عدالت چيف سيڪريٽري کي مليل توهين عدالت جا نوٽيس واپس وٺي ڇڏيا، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته جيڪي آفيسر من پسند پوسٽون وٺن ٿا، انهيءَ سان ڪامورا شاهي جي حيثيت ڪمزور نه ٿي ٿئي؟ سياسي مداخلت تي آفيسر مخالفت نه ٿا ڪن، بيوروڪريسيءَ ۾ سياسي مداخلت نه هجڻ گهرجي.23.9.2016 kawish

No comments:

Post a Comment

When you look at various woman