Wednesday, December 2, 2020

Class 3 Three Sindhi subject Questions and Answers according to SINDH TEXT BOOK BOARD JAMSHORO

 ڪلاس ٽيون سنڌي

سوال: موھن جو دڙو ڪھڙي صوبي ۾ آھي؟

جواب:  موھن جو دڙو سنڌ صوبي ۾ آھي

سوال؛ـ  آباديءَ جي لحاظ کان پاڪستان جو ڪھڙو صوبو وڏو آھي؟

جواب : آباديءَ جي لحاظ کان پاڪستان جو وڏو صوبو پنجاب آھي

سوال : پکيڙ جي لحاظ کان پاڪستان جو ڪھڙوصوبووڏوآھي ؟

جواب؛،  پکيڙجي لحاظ کان پاڪستان جو وڏو صوبو بلوچستان آھي.

سوال  شاھراھ ريشم ڪھڙي علاقي مان گذري ٿي؟

جواب  شاھراھ ريشم گلگت بلتستان مان گذري ٿي ـ

سوال  خيبر پختونخواھ جي گادي جو ھنڌ ڪھڙو آھي؟

جواب  خيبر پختونخواھ جي گادي جو ھنڌ پشاور آھي.

سوال  سر حاجي عبد الله ھارون ڪٿي ڄائو؟

جواب  سر حاجي عبد الله ھارون ڪراچي ۾ ڄائو ـ

سوال  پيءُ جي وفات کان پوء کيس ڪنھن سنڀاليو؟

جواب  پيءُ جي وفات کان پوء سندس ماءُ سنڀاليو ـ

سوال  حاجي عبد الله ھارون ڪھڙي تحريڪ ۾ حصو ورتو؟

جواب  حاجي عبد الله ھارون پاڪستان جي تحريڪ ۾ حصو ورتو.

سوال  حاجي عبد الله ھارون وڌيڪ پڙھي ڇو نه سگھيو؟

جواب  حاجي عبد الله ھارون غربت سبب وڌيڪ پڙھي نه سگھيو.

سوال  سر حاجي عبد الله ھارون کي ماڻھو ڇو ياد ڪندا آھن؟

جواب  سر حاجي عبد الله  ھارون کي ماڻهو سندس نيڪ ڪمن جي ڪري ياد ڪندا آھن ـ

سوال  حضرت ابراھيم عليه السلام کي الله پاڪ خواب ۾ ڪھڙو حڪم ڏنو؟

جواب  حضرت ابراھيم کي الله پاڪ خواب ۾ حڪم ڏنو ته پنھنجي سڀ کان پياري شي الله جي راھ ۾ قربان ڪرـ

سوال  حضرت ابراھيم جي پياري پٽ جو نالو ڇا ھو؟

جواب حضرت ابراھيم جي پياري پٽ جو نالو حضرت اسماعيل ھوـ

سوال  الله پاڪ جي حڪم سان ڪھڙو جانور قرباني ء لاء ظاھر ٿيو؟

جواب  الله پاڪ جي حڪم سان ھڪ دنبو قربانيءَ لاءِ ظاھر ٿيو ـ

سوال  قربانيءَ جي گوشت جا ڪيترا حصا ڪبا آهن؟

جواب قربانيءَ جي گوشت جا ٽي حصا ڪبا آهن.

سوال  شعبان ڪھڙي ڳالهه جي ڪري پريشان ھو؟

جواب  شعبان شھر جي چوواٽي تي ٿيل حادثي جي ڪري پريشان ھوـ

سوال  سگنل ۾ ڪھڙي رنگ جون بتيون ھونديون آهن؟

جواب  سگنل ۾ ڳاڙهي، پيلي ۽ سائي رنگ جون بتيون ھونديون آهن ـ

سوال  ڳاڙهي بتي ڇا جو اشارو آهي؟

جواب  ڳاڙهي بتي گاڏي بيھاري ڇڏڻ جو اشارو آهي ـ

سوال  سائي بتي ڇا جو اشارو آهي؟

جواب  سائي بتي گاڏي ھلائي وڃڻ جو اشارو آهي ـ

سوال  جھان خان کوسو پاڻ کي مسڪين ڇو سڏائيندو ھو؟

جواب  جھان خان کوسو غريبن جو ھمدرد ھئڻ ڪري مسڪين سڏائيندو ھو؟

سوال  مسڪين جھان خان پوليس جي نوڪري ڇو ڇڏي؟

جواب مسڪين جھان خان ٿر جي غريبن جي خدمت جي جذبي ھيٺ پوليس جي نوڪري ڇڏي ـ

سوال  مسڪين جھان خان اسڪول قائم ڪرڻ لاءِ ڇا ڪيو؟

جواب  مسڪين جھان خان اسڪول قائم ڪرڻ لاءِ پنھنجو گهر ڏنو ۽ پاڻ وڃي منھن اڏي ويٺو ـ

سوال  مسڪين جھان خان جي زندگي مان اسان کي ڪھڙو سبق ملي ٿو؟

جواب  مسڪين جھان خان جي زندگي مان اسان کي اھو سبق ملي ٿو ته ھميشه غريبن ۽ ضرورت مندن جي مدد ڪرڻ گهر جي.

سوال  ڏياري ڇو ملھائي ويندي آهي؟

جواب  ھندو ديوتا سري رامچندر جي پنهنجي مخالف راوڻ کي ھارائي پنهنجي گهر واري سيتا سان گڏ واپس ڏيھ ورڻ جي خوشي  ۾ ڏياري ملھائي ويندي آهي ـ

سوال  ڏياريءَ جي ڏينهن ڇا ڪبو آهي؟

جواب  ان ڏينهن گهرن کي سينگاريو ويندو آهي ۽ نوان ڪپڙا پاتا ويندا آهن ـ

سوال  پرڪاش کي سندس دادا ڪھڙي چڱي ڳالهه ٻُڌائي؟ٔ

جواب  پرڪاش کي سندس دادا چڱي ڳالهه ٻڌائي ته سڀ انسان ھندو ۽ مسلمان پاڻ ۾ ڀائر آهن.

سوال  احمد ڇو اداس ۽ پريشان ھو؟

جواب  احمد پيءُ جي وفات بعد گهر جو گذر سفر ڏکيو ٿي وڃڻ جي ڪري اداس ۽ پريشان ھو.

سوال  چاچي قاسم احمد کي ڪھڙي راز واري ڳالهه ٻڌائي؟

جواب  چاچي قاسم احمد کي راز واري اھا ڳالهه ٻڌائي ته توھان جي زمين ۾ سون جي ديڳ پوريل آھي ـ

سوال  احمد پوريل ديڳ ھٿ ڪرڻ لاءِ ڇا ڪيو؟

جواب  احمد پوريل ديڳ ھٿ ڪرڻ لاءِ غير آباد ٻنيءَ ۾ جھنگ جي واڍي ڪري لاھ ڪڍي ھر ڏنا.

سوال  فصل پچي راس ٿيڻ تي چاچي قاسم احمد کي ڇا سمجھايو؟

جواب  فصل پچي راس ٿيڻ تي چاچي قاسم احمد کي چيو ته پٽ اھائي سون جي ديڳ آهي جيڪا تنھنجي وڏڙن جي زمين ۾پوريل ھئي.

سوال  اسان کي تارا ننڍڙا ڇو ڏسڻ ۾ ايندا آهن؟

جواب  اسان کي تارا ان ڪري ننڍڙا ڏسڻ ۾ ايندا آھن ڇو ته اھي اسان کان تمام گھڻو پري آهن ـ

سوال  چنڊ اسان کي ڪڏهن ننڍو ته ڪڏهن وڏو ڇو ڏسڻ ۾ ايندو آھي؟

سوال  چنڊ تي سج جي روشني ڪڏهن گھٽ ته ڪڏهن وڌ پوڻ جي ڪري اسان کي چنڊ ڪڏهن ننڍو ته ڪڏهن وڏو ڏسڻ ۾ ايندو آھي.

سوال  چنڊ کي روشني ڪٿان ملي ٿي؟

جواب  چنڊ کي روشني سج کان ملي ٿي ـ

سوال  خلا باز چنڊ تان پاڻ سان گڏ ڇا کڻي آيا؟

جواب  خلا بازچنڊ تان پاڻ سان گڏ مٽي ۽ پٿر کڻي آيا.

سوال  شبنم ۽ نوري پاڻ ۾ ڇا آهن؟

جواب  شبنم ۽ نوري پاڻ ۾ ساھيڙيون آهن ـ

سوال  شبنم ۽ نوري گهر ۾ ڪھڙا ڪم ڪنديون آهن ؟

جواب  شبنم ۽ نوري سبڻ ۽ ڀرڻ، ٻوٽن کي پاڻي ڏيڻ، ٿانو ملڻ، گهر جي ڇنڊ ڦوڪ ڪرڻ جا ڪم ڪنديون آهن ـ

سوال شبنم ۽ نوريءَ شميم جي ڪيئن مدد ڪئي ؟

جواب  شبنم ۽ نوريءَ شميم جي رھجي ويل پڙھائي ۾ ساڻس گڏ ويھي مدد ڪرائي ۽ امتحان جي تياري ڪرائي ـ

سوال  اسلام آباد جا ساوا جبل ڪھڙا آهن؟

جواب  اسلام آباد ۾ ساوا جبل مارگلا جا جبل آهن ـ

سوال  ڪوھ مري کي جنت جو ٽڪرو ڇو ٿا چون؟

جواب  ڪوھ مري کي سندس اوچائي ۽ قدرتي سونهن جي ڪري جنت جو ٽڪرو چون ٿاـ

سوال  بندرگلي ۾ ڀولڙا ۽ انسان ڪيئن نظر آيا؟

جواب  بندرگليءَ ۾ ڀولڙا ۽ انسان پاڻ ۾ دوستن وانگر ٿي نظر آيا ـ

سوال  جيڪا برف پھاڙن تي سدائين ڄميل رھي ان کي ڇا چئبو آهي؟

جواب  ان کي گليشير يا برفاني ڇپون چئبو آهي.

سوال  گل ۽ ميوا ڪٿي ٿيندا آهن؟

جواب  گل ۽ ميوا باغن ۾ ٿيندا آهن ـ

سوال  ڌرتي جو گهڻو حصو ڇا سان ڍڪيل آهي؟

جواب  ڌرتي جو گهڻو حصو مٽي جي تھ سان ڍڪيل ھوندو آھي.

سوال   مٽي ۾ ڪھڙيون شيون مليل ھونديون آھن؟

جواب  مٽيءَ ۾ جبلن جي واري، وڻن جا ڪک پن ۽ چيڪي مٽي مليل ھوندي آھي.

سوال  الله پاڪ اسان لاء ڌرتيءَ ۾ ڪھڙيون شيون پيدا ڪيون آھن؟

جواب الله پاڪ اسان لاءِ ڌرتيءَ ۾ ڪوئلو، گئس، پيٽرول، سنگ مرمر، لوھ، سون ۽ چاندي وغيره ـ

سوال  سيد الھندو شاھ ڪٿي پيدا ٿيو؟

جواب  سيد الھندو شاه تعلقي ڪنڊياري جي شھر درٻيلي ۾ ڄائو ـ

سوال  سندس سڀ کان وڏو۽ يادگار ڪارنامو ڪھڙو آھي؟

جواب  سندس سڀ کان وڏو ۽ يادگار ڪارنامو نوشھري فيروز ۾ مدرسو قائم ڪرڻ آهي ـ

سوال  ھو ڪھڙو لباس پائيندو ھو؟

جواب  ھو وڏي شلوار، پھراڻ ۽ مٿي تي پٽڪو ٻڌندو ھوـ

سوال  سيد الھندي ڪڏهن وفات ڪئي؟

جواب  سيد الھندي 1919 ۾ وفات ڪئي.

سوال  ڪٽنب ۾ ڪھڙا رشتا اچي وڃن ٿا ؟

جواب  ڪٽنب ۾ ماءُ پيءُ ڀيڻ ۽ ڀائر اچي وڃن ٿا ـ

سوال  سماجي رشتن ۾ ڪير اچي وڃن ٿا؟

جواب  سماجي رشتن ۾ دوست، استاد، پاڙي وارا ۽ ڳوٺ وارا اچي وڃن ٿا ـ

سوال  وطن ۽ قوم ۾ نيڪ نامي ڪيئن ڪمائي سگھجي ٿي؟

جواب  وطن ۽ قوم ۾ نيڪ نامي سٺي اخلاق سان ڪمائي سگھجي ٿي ـ

سوال  اعليٰ انساني گڻ ڪھڙا آھن؟

جواب  سڀني جو قدر ڪرڻ اعليٰ انساني گڻ آهي.

سوال  پاڪستان جي پاڙيسري ملڪن جا نالا ٻڌايو؟

جواب ايران، چين، افغانستان ۽ ھـندستان پاڪستان جا پاڙيسري ملڪ آهن ـ

By ..
IBA HM ABRAR AHMED

No comments:

Post a Comment

When you look at various woman