Sunday, December 27, 2020

Geometry Primary to Secondary

جاميٽري

سوال1 :جاميٽري Geometry ڇا کي چئبو آهي؟ 

جواب: زمين جي ماپ جي علم کي جاميٽري چئبو آهي.

سوال2 :جاميٽري ڪهڙي ٻولي جو لفظ آهي؟

جواب: جاميٽري لاطيني ٻولي جو لفظ آهي. جيڪو ٻن لفظن جو ميلاپ آهي. جيو

GEO معني زمين ۽ 

ميٽري Metry معني ماپ 

سوال3 :ٽٻڪو POINT ڇا کي چئبو آهي؟

جواب: ڪنهن جاء جي بيهڪ ظاهر ڪندڙ نقطي کي ٽٻڪو چئبو آهي.

سوال4 :ليڪ ٽڪر ڇا کي چئبو آهي

جواب: ٻن ٽٻڪن جي وچ واري رستي کي ليڪ ٽڪر چئبو آهي. 

مثال: B ليڪ ٽڪر A

سوال5 شعاع RAY ڇا کي چئبو آهي؟

جواب: ٽٻڪن جو اهڙو رستو جنهن جي منڍ جي خبر هجي پر ڇيڙي جي خبر نه هجي ان کي شعاع چئبو آهي. 

مثال: B شعاع A

سوال6 :ليڪ LINE ڇا کي چئبو آهي؟

جواب: ٽٻڪن جو اهڙو رستو جنهن جي منڍ ۽ چيڙي جي خبر نه هجي ان کي ليڪ چئبو آهي. 

مثال: B ليڪ A

سوال7 :ڪنڊ ANGLE ڇا کي چئبو آهي؟

جواب: اهڙي جاء جتي ٻه ليڪون هڪ ٻئي کي ڪٽين ته ان جاء کي ڪنڊ چئبو آهي.

سوال8 :ڪنڊن جا ڪيترا ۽ ڪهڙا قسم آهن؟ 

جواب: ڪنڊن جا 5 پنج قسم آهن. 

1 سوڙهي ڪنڊ 40 

2 گوني ڪنڊ 

3 ويڪري ڪنڊ 120

4 سڌي ڪنڊ 

5 ابتي ڪنڊ 210

سوال9 :سپليمينٽري ڪنڊون ڇا کي چئبو آهي؟

جواب: اهڙيون ٻه ڪنڊون جن جو جوڙ 180 ڊگري هجي انهن کي سپليمنٽري ڪنڊون چئبو آهي. 

سوال10 :ڪامپليمينٽري ڪنڊون ڇا کي چئبو آهي؟

جواب: اهڙيون ٻه ڪنڊون جن جو جوڙ 90 ڊگري هجي انهن کي ڪامپليمينٽري ڪنڊون چئبو آهي. 

سوال11 :ٽڪنڊو Triangle ڇا کي چئبو آهي؟

جواب: اهڙي بند شڪل جنهن کي ٽي ڪنڊون ۽ ٽي پاسا هجن ته ان کي ٽڪنڊو چئبو آهي.

ٽڪنڊي جا قسم: 

پاسي جي لحاظ کان ڪنڊن جي لحاض کان 

1 اپور پاسو ٽڪنڊو 1 گوني ڪنڊ ٽڪنڊو 

2 ٻپور پاسو ٽڪنڊو 2 سوڙهي ڪنڊ ٽڪنڊو 

3 اڻپور پاسو ٽڪنڊو 3 ويڪري ڪنڊ ٽڪن

سوال12 :چوڪنڊو Square ڇا کي چئبو آهي؟

جواب: اهڙي بند شڪل جنهن جون چار ڪنڊون ۽ چار پاسا هجن ته ان کي چوڪنڊو چئبو آهي.

چوڪنڊي جا قسم: 

1 .چورس 2 .مستطيل 3 .پور وڇوٽ پاسو چوڪنڊو 

4 .رامبس 5 .ٽريپرم 6 .لغڙ 

سوال13 :چورس Square ڇا کي چئبو آهي؟

جواب: اهڙو چوڪنڊو جنهن جا چارئي پاسا ماپ ۾ برابر هجن ۽ چارئي ڪنڊون گونيون هجن ان کي 

چورس چئبو آهي. 

سوال14 :مستطيل Rectangle ڇا کي چئبو آهي؟

جواب: اهڙو چوڪنڊو جنهن جا آمهون سامهون وارا پاسا پاڻ ۾ برابر هجن ۽ چارئي ڪنڊون گونيون هجن

ته ان کي مستطيل چئبو آهي. 

سوال15 :گول Circle ڇا کي چئبو آهي؟

جواب: ٽٻڪن جو اهڙو رستو جيڪو مرڪز جي چوڌاري هڪ جيتري مفاصلي تي ڦري اچي ته ان کي گول

چئبو آهي. 

سوال16 :مرڪز Center ڇا کي چئبو آهي؟

جواب: گول جي وچ واري ٽٻڪي کي مرڪز چئبو آهي.

سوال17 :قطر Diameter ڇا کي چئبو آهي؟

جواب: اهڙو سڌو ليڪ ٽڪر جيڪو گول کي ٻن برابر حصن ۾ ورهائي ته ان کي قطر چئبو آهي۔

سوال18 :نيم قطر يا ريڊاس Radius ڇا کي چئبو آهي؟

جواب: اهڙو سڌو ليڪ جيڪو گول جي ڪنهن به ٽٻڪي کان نڪري مرڪز تائين پهچي ته ان کي 

نيم قطر چئبو آهي. 

سوال19 :احاطو Perimeter ڇا کي چئبو آهي؟

جواب: ڪنهن به بند شڪل جي سڀني پاسن جي ماپ جي جوڙ کي احاطو چئبو آهي. 

سوال20 :ايراضي Area ڇا کي چئبو آهي؟

جواب: ڪنهن به بند شڪل جي والاريل علائقي جي ماپ کي ايراضي چئبو آهي.

No comments:

Post a Comment

When you look at various woman