Saturday, January 16, 2021

ISLAMIAT CLASS 3 TO 5 IMPORTANT QUESTION AND ANSWERS

ISLAMIAT CLASS 3 TO 5 IMPORTANT QUESTION AND ANSWERS

 «««««#ڪلاس_ٽي_کان_پنجين_تائين »»»#سبجيڪٽ_اسلاميات»»»»»»»

1 عربي ٻوليءَ جي اکرن کي ڇا چئبو آهي
جواب حروف ھجاء ،،يا حروف تھجي
2 حروف ھجاء گھڻا آھن
جواب 29
3 حرڪات جو مطلب ڇا آهي
جواب حرڪات،، حرڪت جو جمع آھي جنھن جو مطلب آهي چر پر.
حرڪت مان مراد زبر زير ۽ پيش آھي
4 پيش جو ٻيو نالو ڇا آهي
جواب ضمہ
5 تنوين ڇا کي چئبو آھي
جواب ٻن زبرن ، ٻن زيرن ۽ ٻن پيشن کي تنوين چئبو آهي .
6 تنوين مان ڪھڙي حرف جو آواز پيدا ٿئي ٿو.
جواب. نون جو
7 مد ھا ڪيترا قسم آھن
جواب. 2 قسم
8 سورة فاتحه ۾ ڪيتريون آيتون آهن
جواب. 7 آيتون.
9 اسلام جا بنيادي عقيدا گھڻا ۽ ڪھڙا ڪھڙا آھن؟
جواب بنيادي عقيدا ٽي آھن
1 عقيدہ توحيد
2 عقيدہ رسالت
3 عقيده آخرت
10 تلاوت جي معني ڇا آهي
جواب تلاوت جي معني آهي ڪنھن لکيل شيءِ کي پڙھڻ ، مگر ھي عام طور تي قرآن مجيد جي پڙھڻ تي لڳائبو آهي.
11 تورات ڪھڙي رسول سڳوري تي نازل ٿيو
جواب حضرت موسا عليه السلام تي
12 انجيل ڪھڙي پيغمبر تي نازل ٿيو
جواب. حضرت عيسي عليه السلام تي
13 نماز پڙهڻ لاءِ گھڻين شين جي پاڪائي ضروري آهي
جواب. ٽن شين جي
14 قبلو ڇا کي چئبو آهي
جواب جنھن. طرف مسلمان منھن ڪري نماز پڙھن ان کي قبلو چئبو آهي
15 ڪعبو شريف ڪٿي آھي
جواب مڪي مڪرمہ ۾ مسجدالحرام ۾
16 حجر اسود جي معني ڇا آهي
جواب. ڪارو پٿر
17 مسجد جي معني ڇا آهي
جواب. سجدي ڪرڻ جي جاءِ
18 پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جن سب کان پھريان ڪھڙي مسجد جوڙي
جواب. مسجد قباء،،
19مسجد نبوي ڪھڙي شھر ۾ آھي
جواب. مديني ۾
20 سيرت طيبه جي معني ڇا آهي
جواب سيرت جي معني آهي عادت / طريقو ۽ طيبه جي معني آهي پاڪ .
21 عيسائي راھب جو نالو ڇا ھو
جواب. بحيريا
22 حلف جي معني ڇا آهي.
جواب قسم يا معاھدو
23 شام ملڪ جي سفر ۾ پاڻ سڳورن سان گڏ ٻيو ڪير ھو
جواب حضرت خديجه رضه الله عنھا جو غلام. ،، ميسره،،
24 ڪعبي شريف جي ٻيھر اڏاوت وقت پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جي عمر مبارڪ ڪيتري ھئي
جواب 35سال
25 جبل نور مڪي مڪرمہ کان ڪيترو پري آھي
جواب. 4 ڪلو ميٽر
26. غار حرا ڪٿي. آھي.
جواب. جبل نور جي چوٽيءَ تي
27 صداقت جي معني ڇا آهي
جواب. سچائي ،،
28 سعي ڇا کي چئبو آهي
جواب صفا ۽ مروه جي وچ ۾ تيز ھلڻ کي .سعي چئبو آهي
29 پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم ڪھڙي جبل. تي. چڙھي ماڻھن کي سڏيو .
جواب. جبل صفا
30 حسن معاشرت جو مطلب ڇا آهي
جواب. روزمره جي زندگيءَ ۾ ماڻھن سان سٺي رويي کي حسن معاشرت چئبو آهي
31 قرآن مجيد ۾. پاڙيسرين جا گھڻا قسم. بيان ڪيل آهن
جواب. 3 قسم
32 بھتان جو. مطلب ڇا آهي
جواب ڪنھن. ماڻھوءَ تي ڪوڙو الزام ھڻڻ
33. حضرت ابراهيم عليه السلام ڪھڙي شھر ۾ پيدا ٿيو
جواب. عراق جي شھر آر ۾
»»»»»»»»»#ڪلاس_چوٿون»»»»»
1 عقيدو ڇا کي چئبو آهي
جواب مظبوط نظرئي ۽ يقين کي
2 آخرت جي معني ڇا آهي
جواب. پوءِ ايندڙ شيءِ
3 اسلام جي معني ڇا آهي
جواب. پنھنجو پاڻ کي حوالي ڪرڻ
4 اسلام جي عمارت گھڻن رڪنن تي قائم آھي
جواب. پنجن رڪنن تي
5 وحي جي معني ڇا آهي
جواب. اشارو ڪرڻ
6 پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم تي پھرين وحي ڪٿي ۽ ڪھڙي مھيني ۾ نازل ٿي
جواب. غار حرا ۾ رمضان جي مهيني ۾
7 اسلام جي پھرين شھيد عورت ڪير ھئي
جواب. حضرت سميه
8 ھجرت جي معني ڇا آهي
جواب وطن ڇڏڻ
9 حبشه ڪٿي آھي ۽ اڄ ڪلھ ان کي ڇا ٿو سڏجي
جواب حبشه آفريقا جو ملڪ آھي جنھن کي ھاڻ،، ايٿوپيا سڏجي ٿو
10 شعب. ڇا کي چئبو آهي
جواب. ٻن جبلن جي وچ ۾ سوڙھي ميدان کي
11 نبوت جي ڏھين سال کي ڇا ٿو سڏجي
جواب. عام الحزن يعني غم جو سال
12 طائف جي سفر دوران پاڻ سڳورن صه. سان گڏ ٻيو ڪير ھو
جواب حضرت زيد بن حارث رضه
13 معراج جي لفظي. معني ڇا آهي
جواب بلند ٿيڻ جو ذريعو
14 معراج ۽ اسراء ۾. ڪھڙو فرق آھي
جواب مسجد حرام کان مسجد اقصا تائين جي سفر کي اسراء ۽ باقي اڳتي جي سفر معراج چئبو آهي
15 مسجد اقصا ڪھڙي ملڪ ۾ آھي
جواب فلسطين ۾
16 معراج جو واقعو ڪھڙي نبوي سال ۾. پيش آيو
جواب ٻارھين نبوي
17 مدينه منوره جو پھريون نالو ڇا ھو
جواب يثرب
18 مدينه منوره مڪي مڪرمہ کان ڪيترو پري آھي
جواب تقريباً 442 ڪلو ميٽر
19 وطن ڇا کي چئبو آهي
جواب ان ملڪ کي جنھن. کي پنھنجون جاگرافيائي حدون ھجن
20 نيل ندي ڪٿي. آھي
جواب. مصر ۾
21 ڪھڙي ملڪ جي عجائب گهر ۾. حضرت موسي عليہ السلام جي لٺ مبارڪ رکيل آهي
جواب ترڪي جي عجائب گھر ،،. توپ ڪاپي ،،، ۾
22 فاروق لفظ جي معني ڇا آهي
جواب. حق ۽ باطل جي وچ ۾ فرق ڪرڻ
»»»»»»»»»»»»#ڪلاس_پنجون ««««««»»
1 اطاعت جي معني ڇا آهي
جواب. اطاعت عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معني آهي تابعداري
2 سنت جي معني ڇا آهي
جواب. طريقو يا رستو
3 روزي کي عربي ٻوليءَ ۾ ڇا چئبو آهي
جواب. صوم جنھن جي معني آهي رڪجي وڃڻ
4 مؤاخات جو مطلب ڇا آهي
جواب مؤاخات عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معني آهي بائپي
5 ميثاق جي معني ڇا آهي
جواب. معاھدو
6 ميثاق مدينه گھڻن شرطن تي مشتمل ھو
جواب 54 شرطن تي
7 اسلام ۽ ڪفر جي وچ ۾ پھرين جنگ ڪھڙي ھئي
جواب غزوه بدر
8 غزوه بدر ڪڏھن پيش آئي
جواب. 17رمضان سن 2 ھجري ۾
9 غزوه احد ڪڏھن لڳي
جواب 7 شوال 3 ھجري ۾
10 غزوه احد ۾ ڪيترا مسلمان شھيد ٿيا
جواب. 70 مسلمان
11 پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جو پيارو چاچو ڪھڙي غزوه ۾ شھيد ٿيو
جواب. غزوه احد ۾
12 پاڻ سڳورن صه جو ڏند مبارڪ ڪھڙي غزوه ۾ شھيد ٿيو
جواب. غزوه احد ۾
13 غزوه خندق ۾ مسلمانن جو تعداد ڪيترو ھو
جواب 3 ھزار
14 غزوه خندق کي غزوه احزاب ڇو چئبو آهي
جواب ان جي ڪري ھن غزوه ۾ ڪافرن جي گھڻن ٽولن حصو ورتو ھو

No comments:

Post a Comment

When you look at various woman