Friday, May 6, 2022

japan is japan

 جاپان جاپان آ

برانڊ جي دنيا ۾ عزت احترام سان نالو کنيو ويندڙ ملڪ

جاپان
اوڀر ايشيا جو معتبر ملڪ پئسفڪ سمنڊ جي اتر اولهه ۾ واقع ملڪ جاپان
بلوچستان جيتري ايراضي رکندڙ زلزلن جي حوالي سان مشهور علائقي
Ring of fire/young fold mountain area
۾ هئڻ باوجود وجود رکندڙ جاپان .
سج جي اڀرڻ واري ڌرتي جاپان جنهن جي گادي جو هنڌ ٽوڪيو .
آبادي 13 ڪروڙ پلس . ڪرنسي ين yen . ٻولي جاپاني
نيشنل ڊي 23 ڊسمبر . مذهب شنتوزم 93 سيڪڙو .
نيوز ايجنسي kyudo ڪيوڊو . اسٽاڪ ايڪسچينج نڪئي nikkai .
سامونڊي ڪنارو 29 751 ڪلوميٽر . ايراضي 377915 چورس ڪلوميٽر ... جاپان 4000 هزار جزيرن جي ميلاپ وارو ملڪ آهي .
جاپان 1940 ۾ جرمني ۽ اٽلي جو اتحادي بڻيو ۽ 1941 ۾ آمريڪا جي پرلهاربر اڏي کي تباهه ڪيائين جنهن 12 جهاز ۽ 2500 پلس ماڻهو مارجي ويا . ۽ 1945 ۾ آمريڪا هروشيما ۽ ناگاساڪي تي لٽل بواِء نالي ائٽمي بم ڪيرائي جاپان کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ جاپان بنا شرطن جي هٿيار ڦٽي ڪيا .
جاپان ان بعد دنيا ۾ امن جو سفير ٿي رهيو ۽ 1964 ۾ پهريون ايشيا جو ملڪ بڻيو جتي اولمپڪ رانديون ٿيون .
بي جنگ عظيم بعد جاپان محنتن کي مان ڏنو ۽ پنهنجو اوج وري موٽايو . سوشيرو هنڊا .هنڊا ڪمپني جي باني جاپان تي ڪيرايل بمن ۽ بارود مان هنڊا موٽرسائيڪل ٺاهي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو .
جاپان جنهن لاِء مشهور آهي ته " اهو ملڪ ڪچو لوهه وٺي سون کان وڏي اگهه ۾ ان کي وڪڻندو آ . "
هينو هنڊا هٽاچي پيناسانڪ ۽ ڪيترائي برانڊ جن دنيا ۾ ڌاڪو ڄمايو .
5586 کرب ڊالرس اڪائونٽ ۾ رکندڙ ملڪ ۽ آبادي 13 ڪروڙ پلس .
1945 جي جنگ عظيم ۾ شڪست کائيندڙ ۽ ائٽمي حملن ۾ لکين ماڻهو مري وڃن بعد
هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي اوج موٽائڻ لاِء گڏ ٿيا ۽ انهن ئي بمن جي لوهن ٽڪرن مان گاڏي تيار دنيا کي حيران ڪري وڌو .
1990 ع ٺيڪ 45 سال بعد دنيا جي ٻيو نمبر وڏي معيشيت بڻيا ۽ جنگين جي خوف جي اقوام متحده جي مڪمل سپورٽ ڪيائون ۽ اڄ به ان وڏي اداري جا ٻيو نمبر دونرس جاپاني آهن .
دنيا جي تعليمي ۽ سائنسي سپورٽ ڪندڙ جاپان سنڌ جي تعليمي بجيٽ ۾ 23 سيڪڙو سپورٽ ڪندڙ هن .
وقت جا پابند جي ٽرين هڪ منٽ کان گهٽ يا وڌ ليٽ ڪئي ته به ڊرائيور خودڪشي ڪندڙ هيا . حڪومت جي خوف کان نه پر قوم جي وقت جي ڪري ۽ هاڻ انهن کي همٿايو ويو آهي .
ننڍن ننڍن زميني ٽڪرن تي مشتمل هي ديس ڪتابن جو پاڙهو ملڪ آهي جتان جي پبلشرس جا ساري دنيا ۾ معاهدا هن ته جيڪو به ڪتاب چپبو ته ان جو ترجمو جاپاني بولي ۾ ٿيندو ۽ فلم جو به . ۽ جاپاني واحد قوم جن وٽ سڀ کان اول ڪتاب ۽ فلم ترجمو ٿي رسن ٿا .
رهائش جي حساب سان انتهائي مهانگو ملڪ جاپان دنيا جي ترقي پذير ملڪن جي مدد ڪندڙ به آ.
پاڪستان ۾ ڪوهاٽ ٽنل ۽ فورٽ منرو اسٽيل برج N70 بلوچستان ۽ پنجاب کي ملائيندڙ شاهڪار پل به جاپاننين جوڙي ڏني انتهائي مناسب ريٽ سان .
دنيا جي تاريخ لاِء زنده مثال قومن جي رهنمائي لاِء زنده مثال جاپان
سنڌ ورائو 1985 ع کان وٺي2020تائين هينو ڪوچ تي چڙهيا ڇا ته اسپيڊ اٿس اها به جاپان جي اٿئو .
سنڌيو سکو جاپان کان .
مالڪ بچايو جاپانين کي جيڪي پنهنجن وڏيرن جا سلامي ڪين بڻيا نت اڌ چانهه جي ڪوپ تي سڄو ڏينهن اتي ويٺا حوال ڪٽين ها ته اڄ جاپان ترقي ڪين ڪري ها .

No comments:

Post a Comment

When you look at various woman