Friday, May 6, 2022

Switzerland Play ground of Europe. سئٽزرلينڊ

سئٽزرلينڊ
Play ground of Europe.
ڪرنسي سئس فرينڪ . ٻولي جرمن 63 سيڪڙو .
وڏا شهر . زيورچ .جنيوا . بيسل . برن ۽ لوسين (اولمپڪ هيڊڪوارٽر)
سئٽزرلينڊ جنهن جي ايراضي ۾ 60 سيڪڙو جبل آهن جيڪي هر وقت برف سان ڍڪيل رهن ٿا .
Gothard base tunnel largest tunnel of world
دنيا جي وڏي ٽنل مان هڪ آهي . جنهن جي ڊيگهه 57 ڪلوميٽر آهي .
سئٽزرلينڊ ٻنهي جنگ عظيم پنهنجي نيوٽرلٽي کي برقرار رکيو . پر اقوام متحده جي ٺهڻ بعد ان جي ڪيترن ئي ادارن جو هيڊڪوارٽر سندس شهر جنيوا بڻيو .
International Labour org . Geneva
UN High commissioner for Human rights.Geneva
UN High Commissioner For Refugees.Geneva
World Health Organization .Geneva
World meteorological org. Geneva
World Trade org .
FiFA . Zurich
Int olympic committee Lausane .
Red cross .Geneva .
UN watch Geneva .
شامل آهن .
مشهور شخصيتن جي لسٽ ۾ سئٽزرلينڊ جا اهي ماڻهو شامل آهن جن پنهنجي فيلڊ ۾ نوبل پرائيز حاصل ڪيا آهن .
Werner Arber . Medicine .
Macimelian Berner medicine
Flex Bloch phyics
Elie Ducommun Peace Activist
Walter Rudolf Hess Medicine
Emil kocher Medicine
Karl Muller Physics
Paul Herman Muller chemistry
بهرحال فزڪس ۽ ميڊيسن جي فيلڊ سئٽزلينڊ جي ماڻهن پنهنجو پاڻ ملهايو آهي .
خوبصورت پهاڙن ندين ۽ چراگاهن جو ديس
فرانس آسٽريا جرمني ۽ اٽلي جو پاڙيسري ۽ وچ يورپ جو خوبصورت ديس
ايراضي صرف سنڌ جي پنجين حصي برابر 41 هزار پلس اسڪوائر ڪلوميٽرس
پڙهائي جو تناسب 100 پرسنٽ ميل فيميل ۾ .
1291ع کان مڪمل قوميت ۾ جڙيل ۽ ڪنهن۽به اداري کان ڪوهين ڏور رهندڙ ملڪ
اتي جي ماڻهن جي عمر مردن ۾ تناسب 81 سال ۽ مائين جي 85 سال آهي ۽
گراس انڪم 85 هزار ڊالرس جيڪا انتهائي وڏي آهي .
سئٽزرلينڊ جي آبادي 2020ع تائين 86 لک هئي .
جاگرافيائي لحاظ کان مڪمل لينڊ لاڪ (اهو ملڪ جنهن وٽ سامونڊي ڪنارو نه هجي ۽ جيڪي مڪمل بند هجي )
سئٽزرلينڊ وٽ دنيا جو بهترين ۽ محفوظ ترين بئنڪنگ سسٽم صدين کان رائج آهي
تڏهن ئي دنيا جي ڪيترن ئي ڪرپٽ ۽ ظالم ماڻهن پنهنجا خزانا ان ڌرتي تي لڪائڻ لاِء رکيا .
ان خزاني جا اصل وارث ويا موڪلائي سو اهو خزانو ملڪيت بڻيو سئس ماڻهن جي ۽ اهي بڻيا خوشحال .
اسان وارن به هت ڀينگ ڪئي ان جا پيچرا به اتي ئي رسيا پر سئتزرلينڊ وارن جي انتهائي پرائيويسي جي ڪري اهي خزانا هت ڪين اچي سگهيا .
سئس ماڻهو پنهنجي وطن سان انتها پيار ڪندڙ آهن تڏهن ئي اهي ڌارين کي پاڻ وٽ رهائڻ کان ازلي بيزار آهن .
تڏهن ئي انهن پنهنجي حڪومت جي اقوام متحده جي دفترن جي مکيه آفيسن جي جنيوا منتقلي تي ارها ٿيا .
بعد ۾ انهن پنهنجي حڪومت جي فيصلي کي قبول ڪيو .
بحرحال پنهنجي وطن سان انتهائي سچا ۽ تمام ننڍي ايراصي هئن باوجود پنهنجي
ڌرتي جي مالڪي ڪندا پيا اچن .
وطن قومن جي امانت هوندا آهن .
ڊگهي نظر وارا فيصلا قومن جي وجود جي بقا جي ضمانت هوندا آهن .

No comments:

Post a Comment

When you look at various woman