Sunday, February 21, 2016

سائين جي ايم سيد پاران پيش ڪيل ٺهراءُ ۽ سنڌ جي خودمختيار! Freedom of Sindh by G.M Syed as on 3 March 1943

سائين جي ايم سيد پاران پيش
 ڪيل ٺهراءُ ۽ سنڌ جي خودمختيار!

آچر 17 جنوري 2016ع



لاهور 23 مارچ وارو ٺهراءَ جنهن کي قرارداد پاڪستان جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو انهيءَ ٺهراءَ ۾ لفظ States” واضح طور ڪتب آندو ويو آهي. 3 مارچ 1943 تي سائين جي ايم سيد سنڌ اسيمبلي ۾ جيڪو پاڪستان جو ٺهراءَ پيش ڪيو هو، انهيءَ ۾ پڻ آزاد قومي رياستن جو محاورو استعمال ڪيل آهي. سنڌ مسلم ليگ جي صدر جناب جي ايم سيد سنڌ ليجسليٽِو اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ هڪ ”غير سرڪاري“ ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن کي پيش ڪرڻ وقت ان کي ”پاڪستان جو ٺهراءُ“ سڏيائون. سنڌ اسيمبليءَ جي سڀني ميمبرن، جن ٺهراءَ تي بحث ۾ حصو وٺندي تقريرون ڪيون، تن تجويز ڪيل پاڪستان جي وفاقي ڍانچي ۾ سنڌ جي آزاد ۽ خود اختيار حيثيت جي گهُر ڪئي، جنهن جي ضمانت 1940ع جي ٺهراءَ ۾ اڳ ئي موجود به هئي. اڄ 72 سالن کان پوءِ سنڌ پنهنجي خود مختيار آزاد رياست واري حيثيت لاءِ واجهائي رهي آهي جنهن جو ان سان انجام ڪيو ويو هو.
سنڌ جي وزيراعظم (اُن دور ۾ هاڻوڪي وزيراعليٰ کي وزيراعظم (Prime Minister) سڏبو هو) سر غلام حسين هدايت الله بحث ۾ حصو وٺندي چيو: ”عزت مآب جي ايم سيد جي پيش ڪيل ٺهراءَ ۾ فقط هڪ ڳالهه کي بحث هيٺ آندو ويو آهي، جيڪا اِها آهي ته مسلمان ڪنهن به هڪ مرڪزي حڪومت جي ماتحت رهڻ نٿا چاهين، پر اُهي پنهنجي لاءِ آزاد رياستون يا وحدتون (States or Units) گهرن ٿا.“ بحث ۾ حصو وٺندي شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ چيو: ”سنڌي مسلمان بلڪل ڀرپور انداز ۾ واضح ڪن ٿا ته کين ڪوبه اهڙو مملڪتي نظام، جنهن ۾ کين ڪنهن به اهڙيءَ هڪ مرڪزي حڪومت جي ماتحت رهڻو پوي، جنهن ۾ ڪا ٻي قوم غالب هجي، قبول نه هوندو“. اسان وٽ سنڌ ۽ پنجاب جي صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ ڪي تڪرار هلندڙ آهن، مثال طور
سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ تي تڪرار وغيره...قدرت سنڌ صوبي کي سامونڊي ڪنارو عطا ڪيو آهي، انهن سامونڊي سرحدن جي حفاظت لاءِ اسان کي بحري فوج گهرجي، هوائي ۽ پيادل فوج پڻ اسان جي ضرورت آهي. هندستان ۾ نظرياتي اختلاف ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ، بين المملڪتي(Inter State)  مامرن جي نبيري لاءِ ڪنهن مرڪزي انتظامي جوڙجڪ (Machinary) جي ضرورت پيدا ٿيڻ کي آءٌ ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه نٿو سمجهان. هر صوبي کي پنهنجا قدرتي وسيلا حاصل آهن، ۽ سنڌ کي ڪراچيءَ ۾ سمنڊ جهڙي قدرتي نعمت مليل آهي. رڳو ڪسٽمس جي مد ۾ اسان جي حاصل ٿيندڙ آمدني ساليانو 8 کان 9 ڪروڙ رپيا آهي. انهيءَ کان علاوه اسان جي ٻِي آمدني پڻ آهي، جيڪا انڪم ٽئڪس، ريلوي ۽ ٽپال کاتن مان حاصل ٿئي ٿي. اِها آمدني (هندستان جي) مرڪزي حڪومت کنيو وڃي ٿي. اسان کي پنهنجي اُن آمدنيءَ مان ڪوبه حصو پتي نٿو ڏنو وڃي. هن وقت اسان جي مالي صورتحال اِها آهي جو اسان جي صوبائي حڪومت صوبي اندر ٻارن لاءِ لازمي تعليم متعارف ڪرائڻ کان لاچار آهي، بيمار ماڻهن جي علاج ۽ دوا درمل لاءِ ضروري نوعيت جي انتظام ڪرڻ لاءِ اسان وٽ پيسا ناهن، ڇو ته اسان جي معاشي حالت ڪمزور آهي. اسان جي آمدنيءَ جو وڏو حصو مرڪزي حڪومت کنيو ٿي وڃي. اسان کي پنهنجي آمدنيءَ جي وسيلن مان مرڪزي حڪومت جهڙو ”سفيد هاٿي“ پالڻ جي ڪابه ضرورت ڪانهي....“ جناب محمد عثمان سومري (سنڌيءَ ۾ تقرير ڪندي) چيو: اسان وٽ سنڌ ۾، هندو ۽ مسلمان جو ڪوبه جهڳڙو ناهي. هر ماڻهو سنڌ جي آزادي ڏسڻ لاءِ ماندو آهي. پر، آزاديءَ مان اِها معنيٰ به هرگز ناهي ته ڪو اسان جو سنڌ صوبو بلوچستان، پنجاب يا پاڪستان جي ٻين صوبن سان شامل ٿيندو. سنڌ کي آمدنيءَ جا پنهنجا وسيلا ڪافي آهن ۽ تنهن ڪري جيڪڏهن اسين ٻين کان ڌار رهنداسين ته اُهو اسان لاءِ وڌيڪ فائديمند ٿيندو.“ خانبهادر محمد ايوب کُهڙي بحث ۾ حصو وٺندي چيو: ”مسٽر جناح 1940ع ۾ لاهور ۾ پنهنجي صدارتي تقرير ۾ چيو هو ته مسلم ليگ قومن لاءِ حق خود اراديت جي گهُر ڪئي آهي. اسين به اُها ئي ڳالهه ڪريون ٿا ته برطانوي حڪومت سنڌ ۽ ٻين صوبن جو اِهو مڪمل حق، خود اراديت وارو حق، تسليم ڪري، ۽ نه اُهو درجو جيڪو هينئر آهي، جنهن کي صوبائي خودمختياري، آزاد صوبا ته چيو وڃي ٿو، پر ڪيترين ڳالهين ۾ اسين مرڪزي حڪومت جا تابعدار آهيون“. جناب راءِ گوڪلداس چيو: ”عزت مآب ميمبر جي ايم سيد تجويز ڪري ٿو ته مسلمان مجموعي طور جدا قوم آهن، ۽ اُنهن لاءِ ڌار رياستون (States) هجڻ گهرجن. آءٌ سمجهان ٿو ته اِهو اُن وقت تائين ناممڪن آهي، جيستائين هندستان ۾ آزاد وحدتون قائم نه ٿيون ٿي وڃن، جيڪڏهن آءٌ انگريزيءَ ۾ چوان اِڪاين يا وحدتن جي فيڊريشن (Federation of Units)ته اُن فيڊريشن لاءِ هونئن ئي آزاد اِڪاين جو هجڻ لازم ملزوم آهي...آءٌ اِهو چوڻ ۾ سرهائي محسوس ڪريان ٿو ته عزت مآب جي ايم سيد هندن جي نمائندن کي پڪ ڏياريندي ۽ اِهو چوندي ته کيس (يعني جي ايم سيد کي) هندو ڌرم تي ڪنهن به قسم جي اَجوڳ ٽيڪا ٽپڻي يا تنقيد ڪرڻ جي ڪا نيت يا ارادو ڪونهي، ان کان پوءِ اِن تاثر کي ختم ئي سمجهڻ کپي“.
بحث جي پڄاڻيءَ تي جناب جي. ايم. سيد اُٿي بيٺو ۽ ٻِن تمام اهم نڪتن جي نشاندهي ڪيائين:
(1) مستقبل ۾ ڪهڙا فيصلا ڪيا ويندا، تنهن بابت آءٌ وڌيڪ ڪجهه به چئي نٿو سگهان. مستقبل جا فيصلا هِن صوبي جي عوام جي اُمنگن ۽ مرضيءَ تي ڇڏيل آهن.
 (2) ”ٻي ڳالهه، جيڪا راءِ صاحب ۽ ٻين ميمبرن اُٿاري آهي، سا آهي ملڪي دفاع بابت. سوال اِهو آهي ته افغانستان پنهنجي حفاظت ڪيئن ڪري رهيو آهي؟ اسان جو صوبو ته افغانستان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سُکيو ستابو ۽ شاهوڪار آهي. اسان جي صوبي جي آبادي دنيا جي ڪيترين ئي ننڍين رياستن کان گهڻي وڌيڪ آهي. جيڪڏهن دنيا جون ٻيون قومون، جيڪي آباديءَ جي لحاظ کان اسان کان ننڍيون به آهن، پنهنجي وطن جي حفاظت يا اُن جو دفاع ڪري سگهن ٿيون، ته پوءِ اسين به ڇو نه ٿا ڪري سگهون!“ راءِ صاحب گوڪلداس وچ ۾ مداخلت ڪندي چيو: ”شاهه صاحب اِهو محسوس نٿو ڪري ته اُهي حاڪم قومون آهن!“ جنهن تي مسٽر گزدر وراڻي ڏيندي چيو: ”اسين به هڪ حاڪم قوم بنجڻ گهرون ٿا.“
جناب جي ايم سيد پنهنجي تقرير جاري رکندي چيو: ”ته پوءِ اچو ته جاگرافيائي ٻَڌي ڪريون. ڪئناڊا ۽ آمريڪا جي متحد رياستن (USA) جا مثال اسان جي سامهون آهن. اُهي آزاد قومون آهن، ۽ اُهي هڪ ٻئي ۾ شامل نٿا ٿين. ميڪسيڪو جو مثال وٺو. اُهو هڪ آزاد ملڪ آهي ۽ ڪنهن ڀرپاسي واري ملڪ يا رياست سان اتحاد ڪرڻ نٿو چاهي. تنهن ڪري اسان جي لاءِ ڪِن مانَ وارن ميمبرن جو اهڙو خيال يا انديشو صحيح ناهي. سائين اسپيڪر صاحب! اِهي لفظ چئي آءٌ پنهنجي نشست تي ويهان ٿو.“
اسپيڪر: ”هاڻي آءٌ ٺهراءَ کي راءِ شماريءَ لاءِ پيش ڪريان ٿو.“
ڊاڪٽر هيمنداس واڌواڻيءَ چيو: ”آءٌ ٺهراءَ جي حمايت ڪندڙ ۽ مخالفت ڪندڙ ميمبرن جا ووٽ چاهيان ٿو.“
اسپيڪر: ”آءٌ اهڙيءَ ورهاست جي اجازت ڏيان ٿو....“
”پاڪستان جي ٺهراءَ بابت راءِ شماريءَ جو نتيجو: ٺهراءَ جي حق ۾ 24 ووٽ ۽ مخالفت ۾ 3 ووٽ – ڪل 27 ووٽ.“
تڏهوڪي سنڌ ليجسليٽوِ اسيمبليءَ ۾ ميمبرن جو ڪُل تعداد 60 هو، پر ٺهراءَ پيش ڪرڻ ۽ اُن تي راءِ شماريءَ واري ڏينهن يعني 3 مارچ 1943ع تي فقط 27 ميمبر ايوان ۾ موجود هئا، جن مان 24 ميمبرن يعني اسيمبليءَ جي ڪل ميمبرن جي 40 سيڪڙو ميمبرن، يا ائين کڻي چئجي ته اسيمبليءَ جي ڪُل ميمبرن مان هر 5 ڄڻن مان ٻن ڄڻن ٺهراءَ جي حق ۾ پنهنجو ووٽ ڏنو. ٽن هندو ميمبرن، جيڪي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ موجود هئا، تن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال نه ڪيو، جڏهن ته سندن ساٿي ميمبرن مان اڪثر ڄڻا ڪانگريس پاران شروع ڪيل ”هندستان ڇڏيو“ هلچل ۾ حصي وٺڻ سبب، جيلن ۾ واڙيل هئا.
پاڪستان جي ٺهراءَ تي اُن ڏينهن يعني 3 مارچ 1943ع تي، سنڌ اسيمبليءَ ۾ جيڪي به تقريرون ٿيون، تن مان واضح طور اِهو ئي نتيجو نڪري ٿي سگهيو، ۽ جن به ميمبر صاحبان - ۽ سڀ کان وڌ، ٺهراءَ پيش ڪندڙ جناب جي ايم سيد پاڻ به– اُن ٺهراءَ تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو، تن سڀني جي آڏو سڀ کان وڌ ۽ خاص ويچار جي ۽ چوڻ جي ڳالهه هڪ ۽ صرف هڪ ئي هئي، يعني، سنڌ جي سياسي تشخص جِي تسليميءَ جي ڳالهه- هندستان يا پاڪستان جي اندر يا اُنهن کان ٻاهر سنڌ جي حقِ آزاديءَ جي ڳالهه، ۽ ڪنهن به طرح مرڪزي سيڪيولر يا اڻ سيڪيولر نظام حڪومت ۾ ٻِيءَ ڪنهن قوم جي مستقل اڪثريتي بالادستيءَ جي قبولڻ کان انڪار جي ڳالهه- پر پاڪستان ۾ وري به 1947ع جي ورهاڱي ۾ اُها ئي ناپسند صورت سنڌ تي مڙهجي وَئي، جيڪا 1943ع ۾ پاڪستان جي ٺهراءَ تي ٿيل بحث دوران سنڌ يڪراءِ طور نٿي چاهي.
(Coutesy by Kawish) ibrahimjoyo@yahoo.com   آچر 17 جنوري 2016ع

No comments:

Post a Comment

WHY YOU ANGRY