Thursday, December 1, 2016

سنڌ تُنهنجي مٽي... سنڌ تُنهنجي مٽي, SINDH CULTUTE
















پاڪ پوتر ڀري ٻڪ ڏيندي مِٽي
مون اکين تي رکي سنڌ تُنهنجي مٽي
                      سنڌ تُنهنجي مٽي... سنڌ تُنهنجي مٽي                     
تنهنجو ڪوئي بدل، تنهنجو ثاني نه ڪو
پاڻ ڄاڻون نه ٻِي، ڳالهه ڄاڻون نه ٻِي
سنڌ تُنهنجي مٽي... سنڌ تُنهنجي مٽي

اولڙا اجرڪن جا ٿا مُرڪن جتي
محبتن جا ٿا جگنو پيا هِرڪن جتي
شل! هميشه لئه ٿئي ڪا، هي نفرت مُڏي!
سنڌ تُنهنجي مٽي... سنڌ تُنهنجي مٽي

تنهنجي ٿر ۽ جبل تي جو وسڪار ٿئي
ڏيهه ساري ۾ ڪيڏي ٿي مهڪار ٿئي
ڪين ڪٽبي ڪڏهن چاندني جان چِٽي
سنڌ تُنهنجي مٽي... سنڌ تُنهنجي مٽي

پائين ٽوپي يا ڏين ٿو تون پٽڪي کي ور
سونهن تنهنجي سان نکريو پوي ٿو ننگر
مَن مُنهنجي ۾ پائي ٿي جهمريون خوشي
سنڌ تُنهنجي مٽي... سنڌ تُنهنجي مٽي

شال موئن دڙي کي جواني اچي
تنهنجي مهراڻ ۾ ڪا رواني اچي
ڪري آجيان کيتن جي خوشبو اچي
سنڌ تُنهنجي مٽي... سنڌ تُنهنجي مٽي

توکي ڏسندي اکين جا ڇپر ٿا ٺرن
لکَي ’منٺار‘ تولئه اکر ٿا ٺرن،
سِڪ مارن کي تنهنجي امڙ آ سچي.
سنڌ تُنهنجي مٽي... سنڌ تُنهنجي مٽي
TAKEN FROM KAWISH NEWS 1.12.2016

No comments:

Post a Comment

When you look at various woman