Thursday, December 1, 2016

NAB OFFICIAL APPOINTED ILLEGAL IN BPS.21










اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ چيو آهي ته نيب جا نااهل آفيسر ماڻهن جي مستقبل سان راند کيڏي رهيا آهن. جيڪي 19هين گريڊ جا اهل ناهن انهن کي 21هون گريڊ ڏنو ويو آهي، هاڻ مقررين جو جائزو به اهي آفيسر پيا وٺن، جن کي اداري ۾ ضم ڪيو ويو آهي، انهن جي ابتدائي مقرري ئي سول سروسز رولز جي خلاف آهي، چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ نيب ۾ غيرقانوني مقررين جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي نيب جو وڪيل خواجا حارث پيش ٿيو، جنهن چيو ته نيب جي ڊپٽي چيئرمين جي سربراهي ۾ 4 رڪني ڪاميٽي مقررين جو جائزو وٺي رهي آهي، انهيءَ تي جسٽس امير هاني مسلم چيو ته اهو ڪم به اهي آفيسر ڪري رهيا آهن، جن کي  ضم ڪيو ويو آهي، 80 سيڪڙو نااهل آفيسر آهن، نيب جا سڀ آفيسر ٻئي هنڌان آيا آهن، جسٽس امير هاني مسلم چيو ته 2002ع ۾ جيڪي ماڻهو رکيا ويا، اهي سڀ ڊيپوٽيشن تي آيل آهن، انهن کي اڳتي هلي ضم ڪري ترقيون ڏنيون ويون، انهن پوءِ ڊگريون ورتيون، جن ٿرڊ ڪلاس ۾ ايم اي تاريخ ۾ ڪئي، انهن کي به ترقي ڏني وئي.اسان ته چئون ٿا ته ابتدائي مقرريون ئي غلط ٿيون آهن، جيڪا سول سرونٽ رولز جي ڀڃڪڙي آهي، خواجا حارث چيو ته مقررين جو جائزو وٺڻ لاءِ نيب جي ڊپٽي چيئرمين، اسٽيبلشمينٽ جي ايڊيشنل سيڪريٽري، لا اينڊ جسٽس جي سيڪريٽري سميت چئن ڄڻن تي ڪاميٽي ڪم ڪري رهي آهي، انهي تي جسٽس امير هاني چيو ته اوهان اسٽبلشميٽ ڊويزن جي سيڪريٽري کي ڇو شامل نه ڪيو آهي، جسٽس امير هاني مسلم چيو ته اوهان او پي ايس تي ماڻهو ويهاريا آهن، جيڪي 19هين گريڊ ۾ نااهل آهن، انهن کي اوهان 21هون گريڊ ڏنو آهي، اهي ماڻهن جي مستقبل سان راند کيڏي رهيا آهن، چيف جسٽس چيو ته نيب کي ٻن هفتن جو وقت ڏنو هو ته فيصلي تي عمل ڪري حتمي رپورٽ ڏيو پر معاملو اتي جو اتي آهي، سومر تائين حتمي رپورٽ ڏيو نه ته اسان فيصلو ٻڌائي ڇڏينداسين، انهي تي خواجا حارث چيو ته 8 تاريخ ڏيو، اسان حتمي رپورٽ ڏينداسين، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اسان وٽ ٻيا به ڪيس آهن، انهن کي به ڏسڻو آهي، هڪ ڳالهه کلندي کلندي ٿو چوان ته وقت گھٽ مقابلو سخت آهي، خواجا حارث جي ٻيهر استدعا تي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 7 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.
 KAWISH NEWS 01.12.2016

No comments:

Post a Comment

When you look at various woman