Tuesday, July 15, 2014

BANAZIR BHUTTO, HOW IT IS PURE ELECTION DURING MARSHALAW

”مارشل لا“ دوران ٿيندڙ چونڊون شفاف ڪيئن هونديون؟

 
جمع  16  نومبر 2007ع

                 ائين ته سوويت يونين ۾ پولٽ بيورو به چونڊون ڪرائيندي رهي، پر ڇا انهن کي چونڊون چئي سگهجي ٿو؟ يقينن ڪنهن به عمل کي چونڊون چوڻ ۽ واقعي چونڊون ٿيڻ ٻه جدا جدا ڳالهيون آهن.
                 هن وقت آئون لاهور ۾ گهر ۾ نظر بند آهيان ۽ اسلحي سان ليس پوليس گهر جو گهيرو ڪري بيٺل آهي. جنرل مشرف طرفان پارلياماني چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ جي باوجود مون کي شڪ آهي ته ڪا به تبديلي نه ايندي. مون هن سال جنرل مشرف تي اهو واضح ڪيو هو ته موجوده اسيمبلين مان سندس چونڊ غير قانوني هوندي پر جنرل مشرف نه مڃيو. اسان هڪ ٻئي جو موقف تسليم نه ڪرڻ تي اتفاق ڪيو  ۽ فيصلو ڪيو ته جنرل مشرف جي صدارتي عهدي لاءِ اهليت جي باري ۾ سپريم ڪورٽ جيڪو به فيصلو ڪندي ان کي تسليم ڪيو ويندو. جڏهن سپريم ڪورٽ صدارتي عهدي جي حوالي سان جنرل مشرف جي اهليت جو فيصلو ڏيڻ جي ويجهو پهتي هئي ته جنرل مشرف ”مارشل لا“ نافذ ڪري ڇڏيو، آئين کي معطل ڪري ڇڏيو، سپريم ڪورٽ جي ججن کي برطرف ڪري ڇڏيو. اڄ قوم جنرل مشرف جي  غلطيءَ جي سزا ڀوڳي رهي آهي. هن وقت اسان هڪ اهڙو پاڪستان ڏسي رهيا آهيون، جتي چونڊن جي شيڊيول جو اعلان ته ٿيو آهي، پر مسئلو انهن ڳالهين جو آهي، جن  جي حوالي سان ڪو به اعلان ناهي ٿيو. ان ڳالهه جي ڪا به نشاندهي ناهي ڪئي ويئي ته جنرل مشرف پنهنجي واعدي موجب 5 1  نومبر تي فوج جي سربراهيءَ تان رٽائر ٿي ويندو. ايمرجنسي جي خاتمي جو اعلان ناهي ڪيو ويو. نئين اليڪشن ڪميشن ناهي جوڙي ويئي. منصفاڻين، آزاد ۽ شفاف چونڊن لاءِ قدم نه کنيا ويا آهن. جانبدار اهلڪارن کي ناهي هٽايو ويو. ناظمن کي معطل ناهي ڪيو  ويو، جن وٽ بندوقون ۽ فنڊ آهن. بندوقون پوليس جي ماتحت آهن ۽ فنڊ حڪومتي وسيلن جي ماتحت، جيڪي چونڊن تي اثر انداز ٿيندا. ان کان سواءِ ججن، وڪيلن، انساني حقن جي ڪارڪنن ۽ شاگردن کي سڄي ملڪ مان گرفتار ڪيو ويو آهي. آزاد ميڊيا کي بند ڪيو ويو آهي. ٽي وي چئنلن کي خبرون نشر ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي. ڪيترن ئي غير ملڪي صحافين کي ملڪ مان ڪڍيو ويو آهي. ملڪ ۾ هزارين سياسي ڪارڪنن، جن ۾ اڪثريت پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جي آهي، کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس منهنجي گهر جو گهيراءُ ڪيو آهي ۽ گهر ڏانهن ايندڙ رستي ۾ مختلف قسمن جو رڪاوٽون کڙيون ڪيون ويون آهن، خاردار تارون وڇايون ويون آهن، بڪتر بند گاڏيون بيهاريون ويون آهن ۽ واريءَ سان ڀريل ٽرڪن سان رستو بلاڪ ڪيو ويو آهي، ته جيئن عوام کي منهنجي گهر تائين اچڻ کان روڪيو وڃي. اهڙي طرح هر شهر ۾ رڪاوٽون کڙيون ڪيون ويون آهن، ته جيئن عوام هڪ شهر کان ٻئي شهر ڏانهن نه وڃي سگهي.
جنرل مشرف جمهوري طاقتن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري رهيو آهي، جڏهن ته هو اسامه بن لادن ۽ انتها پسندن  کي پڪڙڻ جو يا ته هو ڪو ارادو ئي نٿو رکي يا وري کين پڪڙڻ جي اهليت نٿو رکي. اها نومبر 2007ع ۾ پاڪستان جي حقيقي صورتحال آهي.  جنرل مشرف جي حڪومت صرف پنهنجو جواز ڳولهي رهي آهي ۽ سڄا وسيلا ان جواز جي تلاش تي خرچ ڪري رهي آهي. جنرل مشرف 1999ع ۾ نافذ ڪيل مارشل لا ٻيهر نافذ ڪئي آهي ۽ ٻيو دفعو سپريم ڪورٽ جي ججن کي برطرف ڪيو آهي. 1999ع ۾ پهريون ڀيرو جنرل مشرف واعدو ڪيو هو ته هو ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت قائم ڪندو. اليڪشن ڪميشن چونڊن واريون لسٽون جاري ڪيون، جنهن کي سپريم ڪورٽ ۽ نيشنل ڊيموڪريٽڪ انسٽيٽوٽ انٽرنيشنل افيئرز ناقص قرار ڏئي ڇڏيو. ڪيترين ئي پولنگ اسٽيشنن کي خفيه رکيو ويو آهي. جنرل مشرف جي سياسي مخالفن کي مهم هلائڻ ۽ منظم ٿيڻ کان روڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ رياستي ميڊيا تائين رسائي به روڪي ويئي آهي. اسان گڏجاڻيون نٿا ڪري سگهون، اسان ريلي نٿا  ڪڍي سگهون ۽ جڏهن عوام کي رستن تي آڻڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ته عوام مٿان ڳوڙها آڻيندڙ گيس اڇلائي وڃي ٿي، انهن تي لٺبازي ڪئي وڃي ٿي ۽ انهن تي رٻڙ جون گوليون هلايون وڃن ٿيون. پاڪستان ۾ صرف فوجي ڊڪٽيٽر شپ ئي ناهي پر پاڪستان مڪمل طور تي پوليس اسٽيٽ بڻجي ويو آهي. ملڪ ۾ قانون جي حڪمرانيءَ تي حملو ڪرڻ بعد جنرل مشرف هڪ طرف آرمي ايڪٽ 1952ع ۾ ترميم ڪري ڇڏي آهي ته جيئن فوج کي اهو اختيار ڏنو وڃي ته ا ها شهرين تي فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلائي سگهي. شهرين جو ڪورٽ مارشل فوجي ضابطن تحت هوندو ۽ خفيه هوندو ۽ شهرين کي قانون جي مدد حاصل ڪرڻ جي به اجازت نه ڏني ويندي. ان ڳالهه جي ڪا ڪوشش ناهي ڪئي وئي آهي ته عام شهرين ۽  عسڪريت پسند گروپن سان تعلق رکڻ وارن ۾ فرق ڪيو وڃي. گهڻن ماڻهن کي يقين آهي ته اهي قانون جمهوري قوتن جي خلاف استعمال ٿيندا، نه ڪي دهشتگردن جي خلاف. هيءَ اها ئي جمهوريت آهي، جيڪا جنرل مشرف ڏسڻ گهري ٿو.
1970ع واري ڏهاڪي واري شروعات دوران جڏهن آئون آمريڪا ۾ رهندي هيس، ته مون عوام کي جمهوريت جي ذريعي تبديلي آڻيندي ڏٺو. آئون اڄ به عوام جي طاقت کي هڪ دفعو وري گڏ ٿيندي ڏسي رهي آهيان. جج، وڪيل، صحافي، سول سوسائٽي ۽ سياسي ڪارڪن گڏ ٿي ويا آهن ۽ جنرل مشرف طرفان ٻيو دفعو ”مارشل لا“ نافذ ڪرڻ جي مخالفت ڪري رهيا آهن. اهي سڀ ماڻهو جنرل مشرف کي جمهوريت جي راهه ۾ رڪاوٽ سمجهن ٿا. انهيءَ ڪري مون جنرل مشرف کان  مطالبو ڪيو آهي ته اهو فوج جي سربراهي ۽ صدارتي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ۽ هڪ اتفاق راءِ جي عبوري حڪومت لاءِ رستو صاف ڪيو وڃي، جيڪا اقتدار پرامن طور عوام جي چونڊيل نمائندن کي منتقل ڪرڻ جي نگراني ڪري. سوويت يونين جي عوام کي خبر هئي ته پولٽ بيورو جون چونڊون فراڊ هيون ۽ پاڪستان جي عوام کي به معلوم آهي ته ”مارشل لا“ تحت اهي چونڊون به جعلي آهن.

No comments:

Post a Comment

When you look at various woman