Tuesday, July 15, 2014

BENAZIR BHUTTO, THREATS OF ATTACKS & ELECTION CULTURE IN PAKISTAN

حملن جون ڌمڪيون ۽ چونڊ مهم جو ڪلچر!

 
خميس 25 آڪٽوبر 2007ع

                                                   گذريل هفتي مان هڪ قاتلانه حملي مان بچي ويس، پر منهنجا 0 4 1  ڪارڪن ۽ محافظ نه بچي سگهيا. هي قتلِ عام تمام وڏي تباهي آڻيندڙ هو، ڇو ته نه صرف مون کي منهنجي پارٽيءَ جي اڳواڻن کي نشانو بڻايو ويو، پر انهن لکين ماڻهن (اندازي موجب 30 لک) کي به نشانو بڻايو ويو، جيڪي جمهوريت ۽ جمهوري عمل جي حمايت ڪرڻ ۽ منهنجو استقبال ڪرڻ لاءِ آيا هئا. انهن بي گناهه انسانن جي قتلِ عام تي مون کي دلي رنج، غم ۽ افسوس آهي. 18 آڪٽوبر وارو سانحو ان صورتحال کي نروار ڪري ٿو، جيڪا اسان کي درپيش آهي. اسان اهڙين حالتن ۾ آزادانه، منصفانه ۽ شفاف چونڊن جي مهم هلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ دهشتگرديءَ جو خطرو موجود آهي. اهڙي صورتحال ۾ اسان آڏو تمام گهڻيون مشڪلاتون آهن، اسان عوام جي قتلِ عام جي خطري ۾ ڪهڙي چونڊن مهم عوام تائين پهچائينداسين، ڇاڪاڻ جو منهنجي زندگي ته خطري ۾ آهي ئي آهي، پر انهن کي به وڏو خطرو آهي، جيڪي بي گناهه انسان منهنجي آجيان لاءِ گهرن کان ٻاهر نڪرن ٿا.
مون تي ٿيندڙ حملو مڪمل طور غير متوقع نه هو، مون کي اعتبار جوڳن ذريعن وٽان اطلاع مليا هئا ته جيڪي ڌريون جمهوري عمل ۾ رخنو وجهڻ گهرن ٿيون، اهي مون کي نشانو بڻائينديون. خاص طور بيت الله محسود، جيڪو افغاني آهي ۽ شمالي وزيرستان ۾ طالبان جي قيادت ڪري رهيو آهي. حمزه بن لادن جيڪو هڪ عرب شخص آهي، اهو ۽ لال مسجد جو هڪ عسڪريت پسند مون کي مارڻ لاءِ موڪليا ويا آهن. مون کي اهو خوف آهي ته اهڙن ماڻهن کي اهي ماڻهو استعمال ڪري رهيا آهن، جيڪي منهنجي ملڪ جي انتظاميه ۽ سيڪيورٽيءَ سان لاڳاپيل آهن، جن کي هاڻي اهو خوف آهي ته جمهوريت جي واپسي انهن ڌرين جي منصوبن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيندي. اسان احتياطي اپاءَ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان هڪ بُلٽ پروف گاڏي آڻڻ جي درخواست ڪئي، اسان اهڙي ٽيڪنالاجي فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جنهن سان ڌماڪا خيز مواد جو پتو پئجي سگهي، ۽ اسان اهڙي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، جيڪو اڳوڻي وزير اعظم جي حيثيت سان منهنجو حق هو.
 هاڻي ان قتلِ عام کان پوءِ واري حقيقت اها آهي ته ان قتلِ عام واري هنڌ، اسٽريٽ لائيٽون بند ڪيون ويون هيون، جنهن جي ڪري خودڪش حملو ڪندڙ کي ٽرڪ جي ويجهو اچڻ جو موقعو مليو، اها ڳالهه انتهائي شڪ ۽ شبهي جي ڳالهه آهي. مون کي ان ڳالهه تي انتهائي پريشاني آهي ته ان ڌماڪي جي تحقيقات جي ذميواري هڪ اهڙي ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل پوليس منظور مغل کي ڏني ويئي، جيڪو ان وقت به موجود هو، جڏهن منهنجي مڙس کي تشدد جو نشانو بڻائي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هئي.
يقينن مان ان خطري کان آگاهه هيم، ڇاڪاڻ جو مون کي القائده جا قاتل، جن ۾ رمزي يوسف به شامل آهي، ان کان اڳ ٻه دفعا حملو ڪري چڪا آهن. انهن جي دهشتگردي وارين وارداتن جو مون کي علم آهي، اهي پنهنجي نشاني کي بار بار ورجائيندا آهن. (جهڙي طرح ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي حملو ٿيو هو) اهڙي حقيقت خطري کي وڌيڪ نمايان ڪري ٿي. پاڪستان جي حڪومت ۾ شامل ڪجهه ماڻهن منهنجي وطن واپسي ۽ قائد اعظم جي مزار تي وڃڻ تي تنقيد ڪئي. مان اٺن سالن تائين جلاوطن رهيس. پاڪستان اهڙو ملڪ آهي، جتي سياست عوامي ۽ هيٺين سطح تي ٿيندي آهي. هي ڪيلي فورنيا يا نيويارڪ ناهي، جتي اميدوار فيس ڏئي ميڊيا يا خط و ڪتابت جي ذريعي چونڊ مهم هلائي سگهن ٿا. ان ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال نه صرف ناممڪن آهي، پر پاڪستان جي سياسي ڪلچر سان به نٿو ملي.
 پاڪستان جو عوام چاهي ان جو تعلق ڪنهن به پارٽيءَ سان هجي، اهو پنهنجي اڳواڻن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ گهري ٿو. اهو عوام ريلين جي توقع ڪري ٿو ۽ چاهي ٿو ته پنهنجي اڳواڻن جو خطاب پنهنجي سامهون لائوڊ اسپيڪر تي پاڻ ٻڌي. عام حالتن ۾ ئي ريليون ڪڍڻ ۽ وڏا جلسا ڪرڻ تمام وڏو چئلينج هوندو آهي، پر هاڻي دهشتگرديءَ جي پاڇي ۾ وڌيڪ مشڪل بڻجي ويو آهي. منهنجو ڪم اهو آهي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايان ته اهو ناممڪن نه ٿئي. ان مسئلي جي حل لاءِ اسان سياسي حڪمت عملي تيار ڪرڻ وارن ماهرن سان مشورا ڪري رهيا آهيون. اسان پنهنجي ملڪ جي سياسي ڪلچر جو خيال رکڻ گهرون ٿا ۽ عوام کي اٺن سالن جي طويل آمريت کان پوءِ سياسي عمل ۾ حصو وٺڻ جو موقعو ڏيڻ گهرون ٿا. ان سان گڏ ڏهه ڪروڙ ووٽرن کي سمورن معاملن کان آگاهه ڪرڻ گهرون ٿا، پر  اسان احتياط جو دامن به ڇڏڻ نٿا چاهيون. اسان پنهنجي قيادت کي غير ضروري طور تي ڪنهن خطري ۾ وجهڻ به نٿا گهرون ۽ خاص طور مان پنهنجي حامين کي قتلِ عام جي خطري ۾ وجهڻ نٿي چاهيان. جيڪڏهن اسان مهم نه هلائينداسين ته ان جو مطلب اهو هوندو ته دهشتگرد کٽي ويا، جيڪو جمهوريت لاءِ هڪ وڏو ڌچڪو هوندو. جيڪڏهن اسان مهم هلائينداسين ته تشدد جو خطرو موجود هوندو. اها هڪ غير معمولي مونجهاري واري صورتحال آهي. اسان  هن وقت ٻه طرفي حڪمتِ عملي تي توجهه ڏئي رهيا آهيون، جنهن ۾ سخت سيڪيورٽي ۾ ووٽرن سان انفرادي يا اجتماعي طور رابطو ڪيو ويندو آهي، جتي ماڻهن وٽ ٽيليفون جي سهوليت ميسر آهي، اتي اسان جي طرفان ٽيپ ٿيل پيغام ويندو. مان مختلف معاملن تي پارٽي پاليسين کان ماڻهن کي آگاهه ڪنديس ۽ انهن کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪنديس. ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ٽيپ ٿيل پيغام لائوڊ اسپيڪر ذريعي عوام تائين پهچايو ويندو. پاڪستان جي سياست جي روايتي قافلن جي بدران اسان چئني صوبن ۾ اهڙن قافلن ۽ ريلين بابت سوچي رهيا آهيون، جتي مان وڏن وڏن جلسن ۾ پنهنجيون پاليسيون بيان ڪري سگهان. اسان ووٽرن کي پولنگ اسٽيشنن تائين آڻڻ بابت طريقه ڪار متعلق سوچي رهيا آهيون ته جيئن مون کي خطرا گهٽ کان گهٽ هجن ۽ دهشتگردن کي چونڊن واري مهم دوران دهشتگردي ڪرڻ جا موقعا نه ملن.
سياسي عمل جي حُرمت کي دهشتگردن جي هٿان پائمال ٿيڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ اعتدال پسندي هر صورت  ۾ بحال هئڻ گهرجي. ان کي حاصل ڪرڻ جي اها ئي صورت آهي ته آزادانه ۽ منصفانه چونڊون  ڪرائي هڪ جائز حڪومت قائم ڪئي وڃي، جنهن کي عوام جو مينڊيٽ حاصل هجي ۽ اها قيادت سامهون اچي، جنهن کي عوام جي حمايت حاصل هجي. قاتلن کي ڪنهن به صورت ۾ پاڪستان ۾ جمهوريت جي واپسي ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

No comments:

Post a Comment

When you look at various woman