Tuesday, July 15, 2014

BANAZIR BHUTTO, WHY DID ATTACKED ON ME?

منهنجي مٿان حملو ڇو ٿيو؟

 
اربع 24 سيپٽمبر 2007ع

                 اڄ مان جنهن مقام تي آهيان، اتي مون کي آپگهاتي حملي آور ڊيڄاري نٿا سگهن. پاڪستان ۾ نئين نسل جا دل ۽ دماغ فتح ڪرڻ لاءِ جنگ جاري آهي. اها جنگ پاڪستان جي جمهوري مستقبل جي جنگ آهي، نئين نسل کي انهيءَ ڳالهه جي چونڊ ڪرڻي آهي ته هو اعتدال پسندي ۽ انتها پسندي، تعليم ۽ جهالت، جمهوريت ۽ آمريت،  رواداري ۽ تعصب، امن ۽ جنگ مان ڪهڙي شيءِ جي چونڊ ڪري ٿو. مان جمهوريت واري جدوجهد جي قيادت ڪرڻ لاءِ پاڪستان واپس آئي آهيان. منهنجي حمايتين جو رت ڪراچي جي روڊن تي وهايو ويو ۽ ان رت جا ڇنڊا اسان جي ڪپڙن تي به پيا. مان انهيءَ عزم جو عهد ڪريان ٿي ته جمهوري قدرن لاءِ جدوجهد ڪندي رهنديس.
مون کي خبر آهي ته هٿيار بند ۽ انتها پسند قوتون مون کان خوفزده آهن ۽ مون کي پنهنجو دشمن سمجهن ٿيون. 0 8 ع واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي انتها پسند ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ هڪ ڀيري چيو هو ته هن جي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي غلطي اها هئي جو هن موقعو ملڻ باوجود مون کي زندهه ڇڏي ڏنو.
پاڪستان جي عوام جي مستقبل جي جنگ پاڪستان جي هر شهر، هر ڳوٺ ۽  سموري ملڪ جي هر ڪنڊ ۾ جاري آهي. ڪراچي ايئرپورٽ تي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ۽ ڏورانهن علائقن مان ماڻهو جمع ٿيا هئا، توڙي جو انهن کي خطري جي خبر هئي. اهي ساڳيا ماڻهو پاڪستان جي عوام جي صحيح ترجماني ڪن ٿا ۽ اهي ئي ماڻهو ملڪ جا اعتدال پسند ماڻهو آهن. پاڪستان  مستقبل ۾ ڪهڙي رخ ڏانهن وڃي ٿو. ان جو فيصلو شفاف ۽ آزاد چونڊون ڪنديون، جيڪي هن سال جي آخر ۾ ٿيڻيون آهن. جمهوريت جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهڻ لاءِ انتها پسند هر قسم جوطريقو آزمائيندا. انهن ماڻهن عوام جي راءِ جي اظهار ۽ ڪنهن ٻي پارٽيءَ سان گڏجڻ واري حق ۽ آزاديءَ کي سلب ڪرڻ لاءِ تشدد جو استعمال ڪيو ته جيئن عوام کي جمهوريت جي بحاليءَ واري رستي کان پري ڪري سگهجي. مون تي حملو فقط هڪ فرد تي حملو نه هو، پر انهن سمورين جمهوري قوتن مٿان حملو هو، جيڪي پاڪستان ۾ جمهوريت چاهين ٿيون. هي حملو دراصل پاڪستان مٿان حملو هو، هي حملو هر شهري جي انساني ۽ سياسي حقن ۽ جمهوري عمل جي بحاليءَ مٿان حملو هو. هن حملي جو مقصد اسان جي معاشري ۾ سمورين سياسي پارٽين کي خوفزده ۽ بليڪ ميل ڪرڻ هو. انتها پسند ڊڪٽيٽرشپ جي ڇانوَ ۾ پلجن ٿا ۽ انهن کي خبر آهي ته اعتدال پسندي ۽ جمهوريت جي آمد سان انهن جو خاتمو اچي ويندو. اهي جمهوريت ۽ اعتدال پسنديءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ سمورا حربا استعمال ڪندا. جن ماڻهن گذريل هفتي ڪراچيءَ ۾ 0 4 1  ڄڻن کي قتل ڪيو، اهي اسلام جي پيغام جي روح جي خلاف ورزي جا مجرم آهن. اسلامي قانون وڏي پيماني تي واضح ڪري ٿو ته اسلام ۾ هٿين خالي شهرين ۽ معصوم ماڻهن تي پُرتشدد حملي ۽ سندن ملڪيت کي تباهه ڪرڻ جي سختيءَ سان منع آهي. انهن جو اهو عمل معاشري خلاف جنگ آهي. اهي ماڻهو هوائي جهاز اغوا ته ڪري سگهن ٿا، پر اسلام جي پيغام کي اغوا نٿا ڪري سگهن.
منهنجي قافلي مٿان حملو ڪندڙن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ان ڪري تحقيقات ۾ رڪاوٽون وڌيون پيون وڃن، ۽ اهو ئي سبب آهي، جو پرڏيهي ماهرن کان جانچ ڪرائڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن ذميوارن کي لڪائڻ جي ضرورت ڪونهي ته پوءِ عالمي ماهرن کان تحقيقات کان ڇو پيو لنوايو وڃي. منهنجي مٿان حملي ۾ انتهائي طاقتور ڌريون ملوث آهن. هن وقت تائين مون کي ايتري سيڪيورٽي فراهم ناهي ڪئي وئي، جيتري سيڪيورٽيءَ جي ضرورت آهي.  
هٿيار بند ۽ انتها پسند ڄاڻن ٿا ته وار لارڊز پاران دهشتگرديءَ جي سياست واري مهم کان پاڪستان کي فقط جمهوريت ئي بچائي سگهي ٿي. اهي ماڻهو سياسي عمل ۽ قانون تي حملو ڪري پاڪستان مٿان قبضي جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اهي ماڻهو پاڪستان جي غريب عوام جي بهتر مستقبل ۽ جمهوريت  جي خوابن ۽ اميدن کي قتل نٿا ڪري سگهن. عالمي برادري 8 1  آڪٽوبر تي ٿيل دهشتگردي جي مذمت ڪئي آهي، دهشتگردي جو شڪار ٿيندڙن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعائون ڪيون آهن.
اسان جون سموريون دعائون ۽ همدرديون انهن ماڻهن سان آهن ۽ انهن جي پونيئرن سان آهن، جن پنهنجي زندگين جو نذرانو پيش ڪيو. انهن ماڻهن جمهوريت جي مقصد ۽ عوام جي بنيادي حقن لاءِ عظيم ترين قرباني پيش ڪئي الله تعاليٰ انهن ماڻهن جي روح کي ابدي سڪون عطا ڪري. انهن بهادر شهرين کي ياد ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو ٿيندو جو پاڪستان کي هڪ مضبوط، معتدل جمهوري ملڪ بڻايو وڃي.

No comments:

Post a Comment

When you look at various woman