آئيني جي اڳيان
منفي روين جي آسيب کان آزاد ڪيئن ٿجي؟
شبنم گل
صُبح جو گهڻي ڀاڱي گهرن ۾ ٽي وي هلندي رهي ٿي. آفيس لاءِ نِڪرڻ وارا گهڻا ڪم هڪ وقت ۾ ڪندا آهن. نيرن سان گڏ اخبار به پڙهبي آهي ۽ گڏو گڏ ٽي ويءَ تي به نظر هوندي آهي. بيگم صاحبه جي فرمائشي فهرست سان گڏ اڻ کُٽ هدايتون پڻ. ذهن مڪمل طور تي ڪنهن هڪ پاسي نه هوندو آهي. ڪجهه ڏينهن جي ڳالهه آهي مون صُبح جو سوير سوچيو ٽي وي نه کولجي ته بهتر ٿيندو. صُبح سمئي جي خاموشي ۽ سڪون سان گذاريل پَلَ طاقت جي گوريءَ جيان ٿين ٿا. جِهرڪين
۽ پکين جون ٻوليون ڪَنن ۾ رسُ گهولڻ لڳيون. نه ته ٽي وي جي گوڙ ۾ انسان فطري آواز ٻڌڻ کان محروم ٿيو وڃي. خبرن ۾ هوندو به ڇا آهي سواءِ سياسي ڇڪتاڻ، اينڪرز جون ڪاوڙ ڏياريندڙ ڳالهيون، حادثا، ٽارگيٽ ڪلنگ وغيره سڀ کان ڏکوئيندڙ ڳالهه بيگناهه مارجي ويلن جا لاش، پوءِ سڄو ڏينهن بدمزگيءَ سان گذري ٿو.
صُبح جا پل اُتساهه ڏياريندڙ ٿين ٿا، فطرت جي تازگيءَ سان ڀرپور. اڄ اخبار پڙهڻ تي دل نه ٿي چوي. جڏهن کان ننڍڙي ٻارڙي مقدس آرائين جون تڪليفون ۽ اَذيت ۾ ويڙهيل زندگيءَ کان محروم چهرو ڏٺو آهي، تڏهن کان اخبار کولڻ تي دل نه ٿي چوي. گلن، ٻُوٽن، پوپٽن ۽ بادلن جي دنيا سڪرات ۾ هجي ڄڻ ته. هڪ وحشي دنيا، ڀوائتي چهري سميت ڊيڄارڻ لڳي ٿي، شايد وحشي دور واپس موٽي آيو آهي. صُبح جو ڪجهه گَهڙيون ساوڪ جي سونهن ۾ گذريون، باغ ۾ هڪ مختلف دنيا آباد آهي، جيڪا منفي روين جي آسيب کان آزاد آهي، جتي گلن جا چهرا ماڪ ڀِنل آهن، سُرهاڻ سان واسيل فضا احساس کي تحرڪ عطا ڪري ٿي. ماکيءَ جون مکيون گلن سان چُهٽيون پيون آهن. ماکيءَ جي مَک جي پِتڪڙي ذهن ۾ هڪ ملين نيو رونز (نيو رونز هڪ جِيو گَهرڙو آهي، جيڪو دماغ جو پيغام جسم جي ٻين حصن تائين پُهچائي ٿو. جيڪو نروس سسٽم جو هڪ اهم جُز آهي.) آهن، جيڪي کيس رنگ، روشني، آهنگ ۽ طرف جي سمجهه عطا ڪن ٿا، جنهن ۾ مشڪل فيصلن جو ڏانءُ پڻ شامل آهي. ايتري ننڍڙي ذهن ۾ موجود مثبت سوچ پوري انسانيت جي مسيحائي ڪري ٿي. يوناني ۽ رومي يقين رکندڙ هئا ته ماکي زخمن کي ڇُٽائي شفا ڏيئي ٿي، تنهن ڪري قديم زماني کان ماکي اينٽي سيپٽڪ (جراثيم ڪَش دوا) طور استعمال ٿئي ٿي. ڪجهه وقت اڳ جي ڳالهه آهي ته منهنجي هٿ تي ڪم دوران گرم پاڻي هارجي پيو. مون کي ماکيءَ جي افاديت جي خبر هئي، سو هڪدم ماکي لڳائي ڇڏيم، ته ڪلاڪ کانپوءِ هٿ تي ڪوبه نشان نه هو ۽ چمڙي محفوظ رهي. ساڳئي وقت انسان جي دماغ ۾ سئو بلين نيو رونز آهن، پرکيس مسئلن ۽ مونجهارن مان نڪرڻ لاءِ رستو نه ٿو ملي سگهي! ۽ هو تخريبي ڪمن ۾ وقت ضايع ڪري رهيو آهي. اهو جديد دور جو انسان آهي، جيڪو پاڻ جهڙي انسان جو ماسُ پيو روڙِي پَٽي.
باغ ۾ مثبت توانائي جو وهڪرو محسوس ٿي رهيو هو، جديد دور ۾ ايئرڪنڊيشنڊ جي استعمال سبب ماڻهن گهر جي اڱڻ يا باغ ۾ ويهڻ ڇڏي ڏنو آهي. فطري روشني ۽ تازي هوا کان محروم ماڻهو غير صحت بخش زندگي گذاري رهيا آهن.ساوڪ جي رنگ لاءِ چيو وڃي ٿو ته سائي رنگ جي ماحول ۾ وقت گذارڻ ڪري منتشر ذهن جي يڪسوئيءَ ۾ اضافو ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو توازن ۽ هم آهنگيءَ جي علامت آهي، ائين ذهن کي پر سڪون ڪري ٿو. باغ ۾ چند لمحا گذاري اندر آيس ته موبائيل وڄي رهي هئي. مارٽن ڪوپر 1973ع ۾ موبائيل ايجاد ڪري، وائرليس ڪميونيڪيشن جي دنيا ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو، جيڪا ضرورت کان وڌيڪ اڄڪلهه دل وندرائڻ جو رانديڪو آهي، جنهن جي گهڻي استعمال سان تابڪاري نقصان انسان جي صحت کي متاثر ڪري رهيا آهن. اڄڪلهه موبائيل ٻارن ۽ ٽين ايجز ۾ وڌيڪ مقبول آهي. جيڪا کين دنيا سان جوڙي ٿي ڇڏي، پر ساڳئي وقت سماجي رابطن ۽ ويجهن رشتن کان پري ڪري ٿي. جديد دنيا خوشبوءَ کان محروم ڪاغذي گلن جو ڏيک ڏيئي ٿي، جنهن ۾ سهپ گهٽ ۽ ڏيکاءُ وڌيڪ آهي. ائين ٿو محسوس ٿئي ته هر شئي ڊسپلي (نمائش) تي رکيل آهي. دوستي، رشتا، ناتا ۽ محبتون پڻ دنيا داري نڀائڻ جو ذريعو آهن، پر فطرت جي دنيا مختلف آهي. هي باغ مختلف آهي. هتي روشني، رنگ ۽ معصوميت آهي. هر رنگ خالص ۽ سچو آهي، پکين جا آکيرا فطرت جو فريب يا دوکو نه آهن، انساني گهرن جيان.......! پَکي پيار سان گهرڙو اَڏين ٿا. هو انسانن جي ترجيحات، پسند ۽ ناپسند کان مختلف آهن. پکي پريت نڀائين ٿا. ڀٽائيءَ جو فطري مشاهدو لاجواب هو. اهو ئي سبب آهي ته هن انسانن کي تلقين ڪئي آهي ته، هو پريت ۽ نڀائڻ واري رَمز انهن پَکين کان سِکن. اَڄ ماڻهن اُڀ ڏانهن ڏسڻ ڇڏي ڏنو آهي. آسمان جي هڪ وسيع دنيا آهي، جتي پَکي سدائين زمين تي رهندڙن کي تحرڪ عطا ڪندا رهن ٿا.
اِها حقيقت آهي ته اڄ جو ڏينهن شروعات ۾ مختلف لڳي ٿو. اخبار، ٽيلي ويزن ۽ موبائيل کان دوري، سُک ۽ شانتي جو اُهڃاڻ لڳي ٿي. اسان جي زندگي اَڄڪلهه گهڻي ڀاڱي ٻاهرين اثر ۾ گذري ٿي. ماڻهن ڄڻ ته پنهنجي زندگي جيئڻ ڇڏي ڏني آهي، جنهن محفل ۾ وڃي ويهو ماڻهو پرائِي پَچارَ ۾ رُڌل نظر ايندا. ٻيا ڇا پيا ڪن، زندگي ڪِيئن پيا گذارين، يا هو خراب ٿي ويا آهن. منفي اثر هيٺ ٻئي کي خراب چوڻ يا شڪايت ڪرڻ حقيقت ۾ ان انسان جي پنهنجي احساسِ ڪَمتري کي ظاهر ڪري ٿو. احساس ڪمتري به وڏي ذهني بيماري آهي، جيڪا شخصيت جي عدم توازن جو اُهڃاڻ آهي. شخصي ڀَڃ ڊاهه جو رد عمل. اُتي مون کي آمريڪا جو شاعر والٽ رٽمن ٿو ياد اچي. جنهن ماڻهن کي مخاطب ٿي چيو هو ته: ”تون جيڪو هڪ عام انسان آهين، پورهيت آهين يا هاري، ڪورِي هُجي يا ڪُنڀر، تون ئي هڪ پوري ڪائنات آهين. پنهنجو پاڻ سُڃاڻ، پنهنجي وجود تي شرمسار ٿيڻ بدران، پنهنجي هئڻ تي فخر ڪر.“ اِها حقيقت آهي ته پورهيت طبقو نه هُجي ته اميرن جو ڪاروبار ۽ عمارت جو ڀرم به جيڪر قائم نه رهي. هتي هاڻ ٻه طبقا آهن، هڪ احساسِ برتري ۾ مبتلا اُهي انسان آهن، جن جي پاڻ کان ننڍي تي اَک نه ٿي ٻُڏي. ٻيا اُهي جيڪي احساسِ ڪمتري جي ڪُن کان ٻاهر نڪري زندگيءَ کي محسوس ڪرڻ کان قاصر آهن. ڪوڙي تعريف جو زهر جڏهن کان ماڻهن هڪٻئي کي پِيارڻ شروع ڪيو آهي، تڏهن کان ماڻهو پاڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه ڏسي نه ٿو سگهي. جنهن قوم کي ”مان، مان“ ”جي، جي سر“ جي عادت پئجي وڃي، اها اندر ۾ کوکلي ٿي وڃي هڪ ڏينهن پَٽَ سان وڃي لڳي ٿي. نِهٺائي، همدردي ۽ مُحبت ميٺاجُ سماجي زندگي ۾ استحڪام پيدا ڪن ٿا. دنياوي گوڙ کان پري اَڄُ جو سڄو ڏينهن سُڪون ۽ سانت جي ڇانوري ۾ ويڙهيل محسوس ٿيو. سڪون ۽ سانت آهي، جيڪا ذات جي پروڙ ۽ مثبت اظهار جو ڏانءُ سيکاري ٿي.!
No comments:
Post a Comment