Wednesday, May 7, 2014

PATHAN BROTHERS KILLED SISTER IN GHOTKI FOR PROPERTY SHARE LAST YEAR AND HER CHILDREN COME TO SUPREME COURT PAKISTAN FOR JUSTICE


گهوٽڪي جون 2 ناريون انصاف لاءِ سپريم ڪورٽ پهچي ويون
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گهوٽڪي جي ڳوٺ پير زمان جي رهواسي نينگرين روبينا ۽ ثمينا سندن زمين تي مبينا قبضو ڇڏائڻ ۽ ماءُ جي قتل ڪيس جي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪندي اها گهر ڪئي آهي ته کين تحفظ فراهم ڪيو
وڃي، سپريم ڪورٽ اسلام آباد پهتل 25 ورهين جي روبينا ۽ 10 ورهين جي ثمينا صحافين کي ٻڌايو ته 2012ع ۾ زمين جي تڪرار تان سندن ماءُ عائشا خان کي قتل ڪيو ويو، ڪيس ۾ اسان جا ئي ماما ۽ انهن جا پٽ ملوث آهن، روبينا ٻڌايو ته قتل جو ڪيس مقامي عدالت ۾ هلندڙ آهي پر مخالف ڌر وارا عدالت تائين وڃڻ جي اجازت نه ٿا ڏين، منهنجي  ماءُ کي به پوليس سيڪيورٽي ۾ قتل ڪيو ويو، جيڪا عدالتي حڪم تي اسان کي ڏني وئي هئي، هن ٻڌايو ته منهنجو ڀاءُ ۽ اسين ٻئي ڀينرون 2 سالن کان دربدر آهيون، پورو سال پريس ڪلب اسلام آباد آڏو احتجاج به ڪيو پر مخالفن خلاف ڪا ڪارروائي نه ٿي، هن ٻڌايو ته 32 ايڪڙ زمين تي به قبضو آهي، اتي وڃڻ جي اجازت نه آهي، عدالت هاري رکڻ جو به حڪم ڏنو پر مخالفن جي دٻاءُ سبب ڪير به هارپو ڪرڻ لاءِ راضي نه آهي، هن ٻڌايو ته اڄ به ماءُ جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي آهي پر ناني کي عدالت ڏانهن نه ڇڏيو ويو، ننڍي ڀيڻ جي تعليم به رڪيل آهي، هن ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جي انساني حقن جي سيل ۾ به اسان درخواست داخل ڪئي آهي، هن سپريم ڪورٽ ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته سندن زمين تان قبضو ڇڏايو وڃي ۽ قتل ڪيس جي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، هن ٻڌايو ته پوليس ڪيس جي جوابدارن فريد الله، عبدالله، عظمت الله، رفيع الله، سعيد الله، عطاءُ الله ۽ حفيظ الله کي ڇڏي ڏنو آهي.

   

No comments:

Post a Comment

When you look at various woman