تبديليءَ ڏانهن ويندڙ رستا
نصير ميمڻ
گذريل مضمون ۾ سنڌ اندر تبديليءَ جي حوالي سان ڪجهه رُخن کي بحث هيٺ آندو هيم، اڪثر ڪري سنڌ ۾ تبديليءَ بابت ڳالهه ڪرڻ وقت هيٺيان رويا سامهون ايندا آهن.
ذري گهٽ هر ماڻهو تبديليءَ جو خواهشمند نظر ايندو، پر هن جي خواهش هوندي ته مان گهر ويٺو هجان ۽ تبديلي پاڻ مرادو اچي وڃي. تبديليءَ جا اڪثر خواهشمند تبديليءَ جي عمل جو ڪنهن به شڪل ۾ حصو بڻجڻ لاءِ تيار ناهن، بلڪه تبديليءَ جي عمل ۾ شريڪ هر ڌر بابت وٽن شڪ شبهن ۽ شڪايتن جا انبار هوندا آهن. اهڙن
ماڻهن جو خيال آهي ته تبديليءَ لاءِ آسمان مان ڪا نئين مخلوق لهي اچي، سندن زندگين ۾ تبديلي آڻيندي.
تبديليءَ جي عمل ۾ شريڪ ماڻهن جا وري ٻه اهم مسئلا آهن. هڪ ته اهي چاهين ٿا ته تبديلي اڄ نه ته وڌ ۾ وڌ سڀاڻي تائين اچي وڃي. اڪثر ڪري دنيا ۾ آيل وڏن انقلابن جو ذڪر پڙهڻ/ ڪرڻ وقت هو، اهو وساري ويهندا آهن ته دنيا ۾ آيل انقلاب/ تبديلين پٺيان ڏهاڪن جون جدوجهدون، قربانيون ۽ وقتي ناڪاميون سمايل هونديون آهن. ٻيو ته سندن خيال هوندو آهي ته رڳو سچائي ۽ جذبو هجڻ سان تبديلي اچي سگهي ٿي. اڪثر ڪري اهي تبديلي پسند ساٿي وقتائتن فيصلن، دوست ۽ ٺهڪندڙ حڪمت عملين ۽ تبديليءَ لاءِ گهربل مهارتن ۽ وسيلن جي ضرورت کي سنجيدگيءَ سان نه ڏسندا آهن.
ڪجهه دوستن جو خيال هوندو آهي ته تبديلي لاءِ رڳو سياسي تنظيم سان سلهاڙيل هجڻ ضروري آهي ۽ ان کان سواءِ ٻيا ڪم ڪندڙ سمورا ماڻهو بي عمل آهن. جيتوڻيڪ سماج ۾ بنيادي تبديلي بحرحال سياسي عمل وسيلي ئي ممڪن آهي ۽ سياست، تبديليءَ لاءِ جدوجهد جو سڀ کان اعلى طريقو آهي، پر ان جو مطلب اهو هر گز ناهي ته سماج ۾ ٻيا ڪم ڪندڙ ماڻهو تبديليءَ جي عمل جو حصو نه ٿا بنجي سگهن. قوم جي اڏاوتBuilding) Nation (هڪ گهڻ پاسائو عمل آهي، جنهن ۾ سماج جي سمورن ڪردارن کي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو آهي، تنهن ڪري سماجي تبديليءَ جي عمل ۾ استادن، ليکڪن، صحافين، شاگردن، سماجي ورڪرن، رضاڪارن، محققن، فنڪارن، ڪامورن سميت هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته ڪابه سياسي هلچل انهن سمورن ڪردارن جي عمل کان سواءِ گهربل تبديلي نه آڻي سگهندي.
مايوسيءَ جي ازلي پيغمبرن جو وري خيال هوندو آهي ته سماج ۾ تبديلي هونئن ئي نه ايندي. ايڏا ڏهاڪا گذري ويا، معاملا ته رڳو اڳي جيان وڌيڪ خراب ٿيا آهن، تنهن ڪري اجايو ان ڪم ۾ لڳي زندگيءَ جي سُک سڪون کي سهائڻ بجاءِ ماٺ ڪري پنهنجو وقت گذارجي، ان قسم جو رويو گهڻو ڪري عمل کان وانجهيل ماڻهن جو هوندو آهي، جيڪي سماجي تبديليءَ جي عمل جو ڪهڙيءَ ريت به حصو نه هوندا آهن ۽ سندن رڳ رڳ ۾ نراسِت سمايل هوندي آهي، انهن مان اڪثر همراهه سماج جو رت چوسيندڙ قوتن جا ساٿاري هوندا آهن ۽ پنهنجي سماج دشمن ڪردار کي اهڙن خيالن وسيلي جائز ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن. اهي ماڻهو سماجي جمود جا ان ڪري وڏا وڪيل ۽ حامي هوندا آهن ڇو ته ان ۾ سندن مفاد سمايل هوندا آهن.ان قسم جا رويا فطري ڳالهه آهن. ڊگهي غلاميءَ هيٺ رهندڙ سماجن ۾ اهڙا رويا سڄي دنيا ۾ مشاهدي هيٺ آيا آهن. ”تبديلي“ لاءِ جدوجهد ۾ سنجيدگيءَ سان رڌل ماڻهن کي انهن رنڊڪن باوجود پنهنجو سفر جاري رکڻ گهرجي. تبديليءَ جو سفر ڊگهو، اڙانگهو ۽ ٿڪائيندڙ هوندو آهي، جنهن ۾ مايوسين ۽ رنڊڪن کي ڏاهپ ۽ صبر سان منهن ڏيڻ جي ضرورت هوندي آهي. هڪ ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته تبديليءَ جي جدوجهد ۾ نتيجا ضرور اهم هوندا آهن، پر نتيجن جيتري ئي اهميت مستقل مزاجيءَ سان عمل جاري رکڻ جي به هوندي آهي. وقتي طور تي نتيجا نه ملڻ يا توقع کان گهٽ نتيجا ملڻ جو مقصد شڪست ناهي. جدوجهد جي ڪنهن خاص طريقي مان گهربل نتيجا نه ملڻ جو علاج حڪمت عملي تبديل ڪرڻ آهي. جيئن مٿي گذارش ڪيم ته تبديليءَ جي جدوجهد ۾ سماج جي هر ڌر کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، تنهن ڪري سماج ۾ موجود هر سوچيندڙ فرد ۽ اداري کي پنهنجو ڪردار طئي ڪرڻ گهرجي. اهو ڪردار حقيقت پسنديءَ جي آڌار حالتن سان ٺهڪندڙ ۽ چٽي نموني طئي ٿيل هجي. جيڪڏهن ڪنهن کي تحقيق ڪرڻي آهي ته اهو پنهنجي تحقيقي صلاحيت ۽ محنت کي سنڌ لاءِ وقف ڪري. ڪنهن کي ڪو ننڍو اسڪول يا ڪنهن هنري سکيا جو مرڪز کولڻ جي پهچ ۽ صلاحيت آهي ته ان کي يونيورسٽيءَ جي چڪر ۾ پوڻ بجاءِ ان هڪ ڪمري جي ننڍي اداري کي ساڳي اهيمت ڏئي ان سان نڀاءُ ڪرڻ گهرجي. وڏا خواب ڏسڻ ۾ ڪابه خرابي ناهي پر حالتن، وسيلن ۽ صلاحيتن کي مد نظر رکي پنهنجو ڪردار طئي ڪجي ۽ ان لاءِ حدف به اوترائي گهرجن ته جيئن مايوسي نه ٿئي.
هاڻي اچون ٿا ته هن گهُٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ سماج کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڪهڙا رستا اختيار ڪجن. سنڌي سماج کي جتي ٻاهرين چئلينجز سان منهن ڏيڻو آهي، اتي ان کي اندروني طور ڪمزور بڻائيندڙ طاقتن کي به منهن ڏيڻو آهي. سنڌ مٿان قابض مدي خارج ڀوتارڪو نظام ۽ ڪرپٽ ڪامورڪو سرشتو ان جي اوسر ۾ تمام وڌيڪ رنڊڪ آهي، انهن ٻنهي قوتن گڏجي ٻاهرين طاقتن هٿان ٿيندڙ استحصال جا رستا هموار ڪري ڇڏيا آهن. پنهنجي خسيس مفادن خاطر ڀوتارڪو ٽولو هڪ آواز ٿي ون يونٽ ۽ ٻٽو مڪاني نظام سنڌ مٿان مڙهڻ ۽ مارشل لائن جي حمايت جهڙا ڪارناما انجام ڏئي چڪو آهي. ون يونٽ ۽ ٻٽي مڪاني نظام کي لاڳو ڪرڻ وقت جڏهن سڄي سنڌ مزاحمت سان ٻري رهي هئي، مفاد پرست ٽولي جي بيانن ۽ تقريرن کي پڙهي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهي هر سنڌ دشمن عمل لاءِ ڪيئن ته کلي طرح سامهون اچي سگهن ٿا ۽ اقتدار جي هوس ۾ ڪيئن ته سنڌ جا مفاد نيلام ڪرڻ لاءِ هڪ اشاري جا منتظر رهن ٿا. ان ۾ ڪوبه اچرج نه ٿيندو، جيڪڏهن سڀاڻي سنڌ جو ڀوتارڪو ٽولو سنڌ جي ورهاڱي جي بل تي صحيحون ڪري رهيو هجي. ان ڀوتارڪي ٽولي سنڌ جي سياست، انصاف ۽ سماجي خدمتن جي سمورن ادارن کي يرغمال بنائي رکيو آهي. در حقيقت سنڌ کي ٻاهرين طاقتن کان وڌيڪ ان موقعي پرست وڏيرڪي ۽ وچولي طبقي جي ابن الوقت ٽولي کان خطرو آهي. هو سڄي دنيا اڳيان جمهوريت جا چيمپيئن بڻجي، غربت ۽ جهالت هٿان سٽيل ماڻهن کي اربين روپين جي اثاثن کان محروم رکي، کين خيراتي ڪارڊن تي محتاج بڻائي سندن حمايت به حاصل ڪري وٺن ٿا. عوام کي پنهنجي عزت نفس جي احساس ۽ سندن وسيلن جي ڦرلٽ کان اڻ ڄاڻ رکي، کين ذهني محڪوميءَ هيٺ رکي سندن مزاحمتي سگهه کي به مڏو ڪري ڇڏين ٿا. انهن خدمتن جي عيوض ٻاهريون طاقتون کين هميشه پنهنجو فطري اتحاد بڻائي کين داڻو آڇينديون رهن ٿيون. ٻاهرين قوتن لاءِ ماڻهو ماري ۽ وسيلن تي والار ڪرڻ ملامت کڻڻ کان وڌيڪ سولو آهي ته سماج اندر پنهنجي اندروني اتحادين وسيلي کاٽ هڻائي کين محڪوم بڻائي رکن. سماج کي مڏو رکڻ لاءِ انهن قوتن کي اقتدار ۾ آڻي سرڪاري ڪاروهنوار وسيلا، اختيار، انصاف، ٻڌي ڇوڙي، تعليم، صحت سڀ سندن رحم ڪرم تي ڇڏي سڄي سماج کي چؤکنڀو ٻڌي سندن پيرن ۾ اڇلي اندروني محڪوميءَ ۾ جڪڙي ڇڏڻ نهايت اثرائتو طريقو آهي.
هي حڪمرانيءَ اهو ئي طريقو آهي، جيڪو يورپي سامراجي ملڪن ٻين مها ڀاري لڙائيءَ کان پوءِ ايشيا ۽ آفريقا، جڏهن ته آمريڪا، لاطيني آمريڪا ۾ استعمال ڪيو هو. ان کي جديد بيٺڪي نظام چيو وڃي ٿو، جنهن هيٺ ملڪن ۾ ماڻهن تي سڌو سنئون قبضو ڪرڻ بجاءِ اتي پنهنجا وفادار حڪمران مڙهي، سندن ساڳيو استحصال برقرار رکجي. ان طريقي سان اصل حڪمرانن تي تهمت به نه ايندي ۽ عوام به غلام رهندو. پاڪستان جي جاگيردار ٽولي کي اهو طريقو برطانيا کان سکيا ۽ ورثي ۾ مليو هو.
بنگلاديش ۽ ايم آر ڊي تحريڪ کان پوءِ پاڪستان جي حڪمران ٽولي سنڌ ۾ ساڳئي فارمولي کي استعمال ڪيو. اها اندروني غلامي سنڌ جي آجپي ۾ بنيادي رنڊڪ آهي، تنهن ڪري جيستائين تبديليءَ جي جدوجهد جو رخ اندروني غلاميءَ مان آجپي ڏانهن نه ٿيندو، ٻاهرين غلاميءَ خلاف جدوجهد گهربل نتيجا نه ڏئي سگهندي. سنڌ کي هن ڌُٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ هڪ باضمير ۽ باصلاحيت وچولي طبقي جي ضرورت آهي، جيڪو پنهنجي سياسي ۽ سماجي تحرڪ وسيلي قوم کي نفسياتي ڊپريشن مان ڪڍي سگهي. اصولي طور اهو ڪم قومپرست ۽ کاٻي ڌر جي سياسي ڌرين کي ڪرڻ گهرجي، پر بدقسمتيءَ سان اهي ڪمزور قيادت، خسيس مفادن ۽ غلط حڪمت عملين سبب پنهنجو تاريخي ڪردار ادا نه پيون ڪن. انهن ڌرين پاران سنڌ لاءِ ادا ڪيل سندن ڪردار ۽ جدوجهد کان مڪمل طور انڪار ممڪن ناهي، پر چئلينجز جي ڳنڀيرتا اڳيان جنهن سطح جي جدوجهد ۽ جواب جي گهرج آهي، انهن جو پورائو گهربل حد تائين ٿيندي نه پيو نظر اچي. سياسي ادارن جو ڪمزور ٿيڻ ڪنهن به جڪڙيل سماج لاءِ سٺو سنئوڻ ناهي. تبديليءَ جي عمل ۾ جتي سماج جا ٻيا ادارا پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، اتي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته سياسي ادارن جو ڪوبه متبادل ناهي، تنهن ڪري سماج جي ٻين ادارن/ فردن کي تبديليءَ لاءِ پنهنجي حصي جي جاکوڙ ڪرڻ سان گڏ سياسي ادارن کي گهربل ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ مجبور ڪرڻ وارو ڪردار به ضرور ادا ڪرڻ گهرجي. مجبور ڪرڻ مان هتي مراد رد ڪرڻ ۽ سکڻيون تنقيدون ڪرڻ بجاءِ سندن ٻانهن ٻيلي ٿيڻ آهي.
No comments:
Post a Comment