Thursday, May 8, 2014

ORPHAN GIRLS, OLD GROOM AND IGNORANCE OF LAW

يتيم نياڻي، پوڙهو گهوٽ ۽ قانون جي انحرافي!
دُنيا جو ڪو به مهذب معاشرو توڙي قانون 18 سالن کان گهٽ عمر جي نابالغ ڇوڪريءَ جي شادي ڪرائڻ جي اجازت نٿو ڏئي، جيستائين ڇوڪري 18 سالن جي نٿي ٿئي تيستائين ان جي شادي ڪرائڻ قانوني ڏوهه تصور ڪيو وڃي ٿو. تازو ننڍي عمر ۾ شاديءَ کي ڏوهه قرار ڏيڻ
وارو قانون سنڌ اسيمبليءَ مان پاس ڪيو ويو آهي، جنهن قانون جي پاس ٿيڻ باوجود به قانون جي انحرافي جاري آهي. روهڙيءَ ويجهو 8 ٻارن جي پِيءُ، 70 سالن جي پيرسن 10سالن جي يتيم نياڻيءَ سميره سان شادي ڪئي آهي، هن واقعي مان اهو صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته اسان وٽ  عورتن جي حوالي سان مختلف قانون ته پاس ڪيا وڃن ٿا پر انهن جي ڪا به پاسداري نٿي ٿئي، سنڌ ۾ عورت کي وڪري جو وکر بڻايو ويو آهي. سچ ته 10 سالن جي معصوم نياڻيءَ کي 70 سالن جي پوڙهي ”گهوٽ“ سان پرڻائڻ واري خبر پڙهي بيحد افسوس ٿيو ۽ روئڻ به آيو ته، اسان جي معاشري جو ڍانچو ڊهي رهيو آهي، سنڌ جون نابالغ نياڻيون ڪڏهن سڱ چٽيءَ، ڪڏهن بدي، ته ڪڏهن وري ڪنهن پوڙهي سا پرڻايون وڃن ٿيون. گهٽ عمر ۾ نياڻين جون ٿيندڙ شاديون سماجي توڙي ميڊيڪل جي حوالي سان تمام گهڻيون نقصانڪار ثابت ٿين ٿيون، جن جو وڏو عذاب متاثر ٿيل چوڪري سڄي زندگي ڀوڳيندي رهي ٿي، اهڙي قسم جي وڌندڙ واقعن جي خلاف اسان جو قانون، اسان جي پوليس، سول سوسائٽي، اين جي اوز،  انساني حقن جون تنظيمون ۽ ٻيا سماجي ڀلائين وارا ادارا ڪٿي آهن؟ ڇا انهن اهڙي قسم جي وڌندڙ واقعن جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي

No comments:

Post a Comment

When you look at various woman