Tuesday, May 6, 2014

WHO IS THE ELECTRICITY THEFT AND THEIF ? IN SINDH AND PAKISTAN


بجلي چوري ڪير ٿو ڪرائي؟
بجلي ۽ پاڻيءَ جي مملڪتي وزير عابد شير علي پاران سنڌ واسين کي بجلي چور چوڻ واري بيان  خلاف مذمتي رٿ سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاس ٿي وئي. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته جيڪا به
بجلي چوري ٿئي ٿي، اها واپڊا وارن جي ملي ڀڳت سان ٿئي ٿي، واپڊا وارا عوام ڏانهن ڳرا بل، غلط يونٽ، ميٽر لڳرائڻ لاءِ الڳ چانهه پاڻي توڙي ٻيا ڪيترائي جُڳاڙ ڪرڻ ۾ ماهر هوندا آهن. مملڪتي وزير، جنهن سنڌ جي دوري دوران اليڪشن ۾ ته پنهنجي پارٽي اڳواڻن سان گڏ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ 3 سالن، 3 مهينن پوءِ 3 هفتن ۾ ختم ڪرڻ جون دعوائون ڪيون هيون، صوبن کي برابريءَ جا حق ڏيڻ جو چيو هو...پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته، اقتدار ۾ اچڻ بعد عوامي نمائندن جي نظر عوام تان ئي هٽيو وڃي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، نواز ليگ قيادت مملڪتي وزير پاران سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين جو نوٽيس وٺي ۽ بجاءِ عوام کي بجلي چور چوڻ جي، پنهنجي اداري مان ڪارين رڍن کي ڪڍيو وڃي، جنهن جي مدد سان بجلي چوري ٿي رهي آهي.
ساجد علي ملاح/نوابشاهه

No comments:

Post a Comment

When you look at various woman