#ڪيلي جي ٿڙ جا ڌاڳا ۽ انھن مان ٺھندڙ شيون.
پاڪستان ۾ ڪيلي جي پوکي 90,000 کان 100,000 ايڪڙن تي مشتمل آهي. جنهن مان هر سال اٽڪل هڪ لک ملين ٽن ڪيلو حاصل ٿين ٿا.
ڪيلي جا وڻ هڪ ڀيرو ميوو ڏيندا آهن. پاڪستان سراسري طور ڏھ ٽن ڪيلا في ايڪڙ پيدا ڪري ٿو، جڏهن ته فصل لهڻ کانپوءِ چاليھ ٽن في ايڪڙ باقيات، جنھن ۾ ڪيلي جا پن ۽ ڪاٺ (ٿڙ) رھن ٿا. رڳو ڪيلي جو ڪاٺ 25 ٽن في ايڪڙ تي نڪرندو آھي.
ڪيلي جو ٿڙ عام لڪڙي جھڙو نہ هوندو آھي، ان ڪري ٻارڻ طور استعمال نه ٿو ڪري سگهجي ۽ ڪيلي جي لاٿ کان پوءِ وڻ جي باقي بچيل شين کي تلف ڪرڻ بہ مسئلو آهي.
انڪري هن کي اُس ۾ خشڪ ڪري، ساڙي صفائي ڪئي ويندي آھي. جنھن سان ماحولياتي آلودگي بہ وڌي ٿي.
ٻئي طرف ڏسجي تہ، خالق ڪريــم ڪيلي جي ٿڙن ۾ وڏي مقدار ۾ قدرتي مضبوط ڌاڳو رکيو آھي، جنهن جي صنعت کي موسي ٽيڪسٽائل سڏيو ويندو آهي. ٿڙ مان ڌاڳو ڪڍڻ بلڪل آسان آھي.
ڪمند جو جو رس ڪڍڻ واري سادي مشين تہ سڀني ڏٺي ھوندي. ان سان ملندڙ جلندڙ ننڍڙي مشين آھي جنھن کي ريسپاڊرو مشين سڏجي ٿو. جنھن جي مدد سان ڪٽيل ٿڙ جي تھ کي مشين مان گذاري ڌاڳو ۽ ڳر (گودو) الڳ ڪيو وڃي ٿو.
توهان اهو ٻڌي حيران ٿي ويندا ته دنيا ۾ ساليانو هڪ لک ٽن ڌاڳو موسي ٽيڪسٽائل ذريعي پيدا ڪيو ويندو آهي. عالمي منڊي جي حساب سان، انهي ڌاڳي جي قيمت تقريبن پاڪستاني ڪرنسي ۾ 100 روپيہ في ڪلو آھي. جنھن جو مطلب هڪ عام مزدور هڪ ڏينهن ۾ پندرهن کان ويهه ڪلو ڌاڳو آساني سان ڪڍي سگهي ٿو. يعني 1500 کان 2000 ڏھاڙي.
ريسپارڊون مشين ۾ ٻہ لوهي رولر ۽ ھڪ ننڍي موٽر لڳل هوندي آهي، جيڪڏهن هي مشين مقامي طريقي سان تيار ڪئي وڃي، تہ خرچ چاليھ/پنجاھ هزار کان مٿي نہ ايندو. ان کانسواءِ لاھور ۽ پنجاب جي ٻين شھرن ۾ بہ اھا مشين دستياب آھي. اهڙي نموني هڪ ماڻھو چاليهه کان پنجاھ هزار روپين جي سيڙپڪاري سان روزانو ٻه هزار ڪمائي سگهي ٿو.
ڪيلي جي ٿڙ مان حاصل ڪيل اھو ڌاڳو گهڻو مضبوط، لچڪدار ۽ نرم ٿيندو آهي. هن ڌاڳي مان گھريلو استعمال جا ڪپڙا، ڪرسين ۽ ميزن جا پوش، رومال، ٽشو، ٻارن جا ڪپڙا، دستڪاري، توريون، مسلا ۽ ٻيون اهڙيون ڪيتريون ئــي شيون ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ھي ڪم ماحول دوست ۽ سستو متبادل پڻ آهي. اهو ڌاڳو فلپائن ، انڊيا ، ويٽنام ۽ ويسٽ انڊين ملڪن ۾ تمام گهڻو مشهور آهي. پر وطنِ عزيز ۾ ماڻهو اڃا مڪمل طور تي ان کان اڻ واقف آهن.
مزي جي ڳالهه اها آهي جو ڌاڳو ڪڍڻ کان پوءِ ٿڙن مان تمام گھڻو رس ۽ ڳر (گودو) بہ نڪري ٿو. جنھن کي سرن سان ٺھيل حوض ۾ گڏ ڪري طاقتور مرڪبن سان ڀرپور قدرتي ڀاڻ حاصل ڪري سگھجي ٿو.
ٿڙ جي ڳر ۾ ڪجھ ڪيميائي مرڪب ملائي اعليٰ قسم جو ڪيميائي ڀاڻ ٺاھي وڪڻڻ بہ منافع بخش ڪاروبار ثابت ٿي سگھي ٿو، ان سلسلي ۾ ماھرن جي رھنمائي وٺڻ ضروري آھي.ان کان علاوه جمع ٿيل ڳر کي مخصوص مرحلن مان گذاري پلپ، ھلڪي معيار جو ڪاغذ ۽ پيڪنگ لاءِ استعمال ٿيندڙ ٻيو سامان بہ ٺاھي سگھجي ٿو.
ڳالھ ھتي ختم نٿي ٿئي. ڪيلي جي ڇلڙن کي ڊسپوزيبل برتن ٺاهڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، جيڪي پلاسٽڪ ۽ اسٽائيرين جي برتن کان وڌيڪ ماحول دوست ۽ غير نقصانڪار هوندا آهن.
ڊسپوزيبل برتن ٺاهڻ جي لاءِ هڪ ننڍڙو سانچو ۽ ڊائي جي ضرورت هوندي آهي. جنهن ۾ تھن کي ڪٽي ۽ دٻائي ڪا شڪل ڏبي آھي. انھيءَ دوران ڊائي ۾ ٿوري گرمي پڻ مهيا ڪئي وئي آھي. ڊسپوزيبل برتن ٻنهي سڪل ۽ ساون پنن ۽ ٿڙن مان ٺاهيا وڃن ٿا.
جيڪڏهن اسان حيدرآباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ جتي ڪيلي جو فصل پيدا ڪيو وڃي ٿو، هڪ ادارو قائم ڪري ماڻهن کي تربيت ڏيون، تہ يقيني طور تي ڇڏيل ۽ ڪيلي جي بقاياجات هڪ منافع بخش نعمت ثابت ٿي سگهي ٿي، اھڙي طرح خوشحالي آڻي سگهجي ٿي ۽ ماڻهن جي زندگين جو معيار بلند ڪري سگهجي ٿو
Thanks for being a reliable source of information and inspiration. And also check the san antonio municipal court
ReplyDelete