Monday, December 12, 2022

Ghana, Africa

 جاگرافي سيريز ۾ اڄ جي پوسٽ اولهه آفريقا ۽ دنيا جي پرامن ديس #ghana  گهانا بابت . 


گهانا جنهن جو پراڻو نالو گولڊ ڪووسٽ آهي . جنهن جي سڃاڻپ ڪوامي نڪروما ۽ ڪوفي عنان آهن. 


گهانا  هڪ گهڻ لساني ۽ قدرتي وسيلن سان مالامال ڪنڌار ملڪ آهي . پرامن ايترو جو سندن وٽ ڪُل فوج ئي چوڏهن هزار آهي . 10 هزار آرمي ٻه هزار نيوي ۽ ٻه هزار هوائي فوجي شامل آهي . ملڪ جي معيشيت جو صرف 0.5 سيڪڙو ڊفينس تي خرچ ڪندڙ آهن . 


ڏکڻ ائٽلانٽڪ ۽ وولٽا درياِء جي ڪناري جو هي ملڪ گرم ۽ خشڪ موسم رکندڙ وارياسو ۽ سامونڊي ديس هئڻ باوجود سڄي ايراضي تي 21 سيڪڙو ٻيلا به رکندڙ آهن . 


هن ديس جي اصل باشندن جي ڪنهن کي خبر ناهي پر 12 صدي ۾ هتي بونومين ۾ سون جو واپار شروع ٿيو .15 صدي ۾ ڏکڻ گهانا ۾ اڪانا قبيلو آيو پوِء پورچوگيز ۽ ان بعد ٻيون يورپي طاقتون آيون جيڪي علائقي تي حق حاڪميت لاِء لڙندا رهيا . 

اتر ۾ ڊيگبن ۽ ڏکڻ ۾ اشانتي سلطنتون ٺهيون ۽ اهي 18 صدي تائين طاقتور هيا جيڪي دنيا کي غلام وڪرو ڪندا هيا ۽ موٽ ۾ هٿيار ۽ بارود خريد ڪندا هيا ٻي سرزمين تي قبضي لاِء جيئن اڄ سامراجي ملڪ وسيلا وڪڻي هٿيار خريد ڪندا آهن مظلومن کي ڊيڄارڻ لاِء . 


 19 صدي ۾ انگريز بهادر هن سرزمين تي پير کوڙيا جن کي هتان وارن هوش محمد شيدي سنڌي جيان ڀرپور مزاحمت ڪئي پر نيٺ انگريز به هتي وڻ وسايا .انگريزن هن خطي کي گولڊڪوسٽ ۽ ٽوگولينڊ  جو نالو ڏئي ڪالوني بڻايو . 


گهانا 06 مارچ 1957 تي انگريز کان آزادي ماڻي . 


گهانا . پراڻو نالو گولڊڪوسٽ نئون نالو گهانا

گادي جو هنڌ . عقراِء 

آبادي . 33107275 پلس ماڻهو 

ايراضي . 238 535 چورس ڪلوميٽر

سامونڊي ڪنارو . 11000 چورس ڪلوميٽر


پاڙيسري ملڪ . آئيوري ڪوسٽ ۽ برڪينافاسو 

مذهب عيسائيت 

ٻولي 

انگريزي سرڪاري 

قومي ڏينهن .06 مارچ 


هيڊآف اسٽيٽ صدر 

هيڊ آف گورنمينٽ صدر 

حڪومت . آئيني جمهوريت 

وڏا شهر . عقره . ٽيما ۽ ٽيڪوراڊي ڪماسي.ڪيپ ڪوسٽ 

تعليمي شرح .79 سيڪڙو .


وڏي چوٽي . جبل افڊيٽ 855 ميٽر

هيٺاهون هنڌ ائٽلانٽڪ سمنڊ .  


وڻج واپار 30 ارب ڊالر ۽ شامل ائٽم . سون 11 ارب ڊالر 

تيل 6 ارب ڊالر . ڪوڪوئا بينز ميگنيز .ڊائمنڊ ڪاٺ مڇي رٻڙ لوڻ چن جو پٿر شامل آهن . 


ڪوامي نڪروما ادب جو عالمي ايوارڊ به ماڻيو ۽ ملڪ جو پهريون سربراهه به بڻيو . ان بعد ڪوفي عنان اقوام متحده جو جنرل سيڪريٽري هيو . 


آفريقا جنهن لاِء مشهور آهي ته هي اونداهون کنڊ آهي پر ان جي ملڪن جي ترقي ڏسي چئي سگهجي ٿي ته اونداهين ۾ هتان جا خطا آهن پر هي روشن ملڪ ۽ کنڊ آهن . . 


جاويدحالتي گهانا آفريقا 

ڳوٺ فريدآباد لاڙڪاڻو .سنڌ

No comments:

Post a Comment

When you look at various woman