Sunday, December 11, 2022

How to get scholarship in universities?

 How to get scholarship in university ? 

يونيورسٽي ۾ داخل ٿيڻ کانپوء غريب ۽ ھوشيار شاگرد لاء مختلف اسڪالرشپس رکيل ھونديون آھن ۔ ڪجھ اسڪالرشپس چئن سالن لاء ته ڪجھ وري ھڪ چڪر ئي ملنديون آھن ۔ تقريبن ھر شاگرد جو سوال ھوندو آھي ته اسڪالرشپ جي فارم ۾ اھڙي ڪھڙي ڳالھ رکجي ته اسڪارشپ ملي سجگھي ،اسان اڄ سڄو پراسيس کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا ۔ 

1:اسڪالرشپ وٺڻ لاء بنيادي ڳالھ ته اوھان جي داخلا ميرٽ تي ھجي ان کانپوء اوھان اپلاء ڪرڻ جي اھل ھونده ۔

:2ھر اسڪارشپ جي ايڊ ۾ آمدني جي ھڪ حد مقرر ٿيل ھوندي مٿي آمدني رکندڙ اپلاء نٿا ڪري سگھن  جھڙوڪ جنھنجو والد سرڪاري طور وڏي پگھار کڻندڙ ھجي (اھا ٻي ڳالھ آھي ته شاگرد ڪوڙو انڪم سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائي اسڪارشپ وٺندا آھن ۔

 2 :  اسڪالرشپ ڏيندڙ اھو ڏسندا آھن ته خرچ پورا ڪري سگھو ٿا يا نه ان جي ڪري خرچ ۽ آمدني وچ ۾ فرق رکڻ لازم ھوندو آھي  ۔ اوھان جا خرچ آمدني کان ڪجھ (2/4)ھزار وڌيڪ ھجڻ گھرجن ۔

ھر اسڪارشپ ۾ اوھان جا گيس /لائٽ جا بل گھربل ھوندا آھن ڇو ته اوھان جي  انرجي ڪنزمپشن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته اوھان غريب آھيو يا امير وڏا بل جمع ڪرائڻ کان پاسو ڪيو ۔

پڙھائي جا خرچ ،ميڊيڪل جا خرچ ،فوڊ جا خرچ عام نوعيت جا لکو ۽ ھميشه لوڪل ٽرانسپورٽ واري باڪس کي ٽڪ ڪندا ڪريو۔ اگر اوھان جي انڪم 30ھزار لکيل آھي ته اوھان جا خرچ 33/34 ھزار ھجڻ گھرجن ۔ 

گھربل ڪاغذات :سيلري سلپ/انڪم سرٽيفڪيٽ /افيڊوٽ(۽ اگر واده فوت آھي ته فوتي سرٽيفڪيٽ )،اسڪارشپ زڪات واري اداري جي ھوندي ته زڪوات  چيئرمن جو سرٽيفڪيٽ ۔

ڪاغذات ڪٿان وٺجن : اوھان کي انڪم سرٽيفڪيٽ پنھنجي تعلقه جي مختيار ڪار آفيس مان وٺڻو پوندو جنھن ۾ صرف پي جي ڪارڊ جي ڪاپي ۽ ڪلارڪ يا پٽيوالي کي ٻه سو چانھن جا ته سرٽيفڪيٽ ملي ويندو (ھڃر مھانگائي جو دور آ سرٽفڪيٽ 20ھزار تائين ھجي ڇو ته ھڃر غريب جو گھر به گھٽ ۾ گھٽ 20ھزار ۾ ھلي ٿو ۔)

افيڊيوٽ اسٽامپ وينڊر واري وٽان آساني سان ملي وڃي ٿو ۔ 

زڪوات سرٽيفڪٽ پنھنجي UC زڪوات چيئرمين وٽان يا زڪوات جي ضلعي آفيس مان وٺي سگھجي ٿو ۔

چئن سالن ۾ ايندڙ اسڪارشپس :

احساس /بينظير اسڪارشپ ،سنڌ انڊومينٽ فنڊ /نيڊ ڪم بيس ،اسڪارشپس فار مائنريٽيز صرف غير مسلم ۽ ڪجھ ٻيون ۔

Interview :سڀني عملن کانپوء انٽرويو ٿنيدو آھي ،انٽرويو ۾ اوھا جو ڀريل فارم ڏسي سوال پڇيا ويندا آھن ۔  اوھان جي ڊريسنگ ،لڪ وغيره نوٽ ڪيو ويندو آھي ڪڏھن ڪڏھن موبائيل به چيڪ ڪئي ويندي آھي ان لاء سادا ڪپڙا ۽ نارمل موبائيل کڻي وڃو ۔ فارم مان سوال پڇيا ويندا آھن ته ايتري جگھٽ انڪم آھي ته اوھا فيس ڪٿان پي ڪئي؟ ۽ يوني ۾ خرچ ڪيئن ٿا ھلايو؟ ان جي ڪري اھڙن سوالن جا مطمئن ڪندڙ جواب ۽ پنھنجي ڀريل فارم مان تياري ۔

ڪري وڃو (سپلي لڳڻ سان احساس /بيظير اسڪالرشپ تي ڪو به فرق نٿو پوي ) 

plz share  for easiness of others .

(From Faiza educationist

1 comment:

  1. Getting scholarship in universities is very important . Thanks for this post . Also check the ashtabula county court

    ReplyDelete

When you look at various woman