Wednesday, December 14, 2022

Croatia ڪروشيا

 ڪروشيا . 

جاگرافي سيريز ۾ اڄ جي پوسٽ ڏکڻ اوڀر يورپ کنڊ جي قدرتي نظارن سان ڀرپور ديس ڪروشيا #croatia بابت .


ڪروشيا جي اڄ جي سرزمين ڪنهن وقت ۾ Austro-Hungrio سلطنت جو پهرين جنگ عظيم تائين حصو هئي . 

1918ع ۾ ڪروٽس سرب ۽ سلوينين گڏجي گڏيل سلطنت جوڙي جيڪا 1929ع ۾ يوگوسلاويا جي نالي سان ظاهر ٿي . 


ٻي جنگ عظيم بعد يوگوسلاويا هڪ آزاد خودمختيار ڪميونسٽ رياست ٿي اڀريو جنهن ۾ ڇهه سوشلسٽ رياستون هيون ۽ جنهن جي اڳواڻي مضبوط هٿن ۾ هئي مارشل جوزف بروز عرف مارشل ٽيٽو سڄي دنيا ۾ روشناس ڪرايو . 


جيتوڻيڪ ڪروشيا 1991 ع ۾ آزادي جو اعلان ته ڪيو پر انهن کي پنهنجا علائقا وٺڻ ۾ سال لڳا. ڇو جو يوگوسلاويا جي فوج ۾ اڪثريت سربن جي هئي . بعد ۾ اقوام متحده جي Intervention جي ذريعي سڀ مسئلا 1998 تائين حل ٿيا .


ڪروشيا 2009 ع ۾ نيٽو کي جوائن ڪيو ۽ يورپي يونين کي 2013 ۾ .


 فٽبال جا شوقين به آهن . تڏهن ئي سندن جي ٽيم وٽ مضبوط بيس به آهي .قطر ورلڊ ڪپ ۾ سندن جي ٽيم ارجنٽائن هٿان سيمي فائنل هارائي چڪي آهي . پر مختصر عرصي ۾ سٺو نالو ڪمايو اٿن پنهنجي محنتن سبب . 

لوڪا ميڊرن سندن جو مشهور رانديگر آهي . 


ڪروشيا دنيا جي ان لوڪيشن تي واقع آهي جتي هڪ سال ۾ 2715 ڪلاڪ اس هوندي آهي . 


ڪروشيا . 

گادي جو هنڌ. زگرب 

سڪو . ڪونا 

ايراضي . 56.594 چورس ڪلوميٽر

پاڙيسري ملڪ . بوسنيا هرزگوينا . هنگري .مونٽينيگرو . سربيا ۽ سلووينيا . 

وڏا شهر . زگرب . زيڊان . روونج . بول 

وڏي چوٽي . ٽروگليؤ جبل 1913 ميٽر 

هيٺاهون هنڌ . Adriatic sea 0 ميٽر

آبادي . 41 لک 90 هزار پلس ماڻهو .

ڪروٽس 90 سيڪڙو ۽ سرب 5 سيڪڙو باقي ٻيا .

عيسائي مذهب رومن ڪيٿولڪ 87 سيڪڙو . 

تعليمي شرح 92 سيڪڙو 


گورنمينٽ .پارليماني ريپبلڪ . 

آزادي جو ڏهاڙو . 25 جون 1991 

قومي موڪل . 30 مئي 1990 . ان ڏينهن تي ڪروشيا جي اسيمبلي پنهنجي آزادي لاِء ووٽ ڏنا . 

ان ڏينهن کي Statehood Day چوندا آهن . 


درياِء ڊينوب ڪروشيا جي زمينن کي آباد ڪري ٿو ۽ Adriatic سمنڊ جا ڪنارا سندس جي سرزمين کي خوبصورت بڻائن ٿا . 


112 ارب ڊالر جي مضبوط معيشيت رکندڙ ڪروشيا وٽ 19 ارب ڊالر جو خالص سون به سندس جي بئنڪن ۾ موجود آهي . 


ڪروشيا جا قدرتي وسيلا . تيل ۽ ڪوئلو مناسب مقدار ۾ 

باڪسائيٽ لوهه جپسم ۽ لوڻ . 

ڪروشيا جي زمين ڪٿي سڌي ميداني ڪٿي هيٺاهان جبل ڪٿي جابلو واديون به آهن . 


ساليانو 31 ارب ڊالر جو وڻج واپار ڪندڙ ڪروشيا زراعت ۾ به خودڪفيل آهي ته صنعتن ۾ پڻ . 

ميڊيٽيرئن موسم هئڻ ڪري اونهارو گرم ۽ سيارو ٿڌو اٿن . تنهن ڪري مڪئي ڪڻڪ ڪمند پٽاٽا ۽ سويابين به پوکين ٿا . 

صنعتن ۾ تيل ۽ ڪيميڪل جا ڪارخانا 

ڌاتن جا ڪارخانا . پيپر ۽ ڪاٺ جا ڪارخانا . جهاز ٺاهڻ جا ڪمپليڪس ۽ سياحت اهم آهن . 


خوبصورت ڍنڍن وادين درياِء ۽ سامونڊي ڪنارن هئڻ ڪري لکين سياح گهمڻ لاِء ايندا آهن . ڪروشيا مختصر عرصي ۾ پائدار ترقي ڪئي آهي ۽ دنيا جي ننڍن قومن لاِء سياسي سبق وانگي سندن جي تحريڪ هڪ مثال آهي . 


ڪروشيا خوبصورت ديس خوبصورت ڌرتي . 


جاويدحالتي ڪروشيا 

ڳوٺ فريدآباد لاڙڪاڻو .سنڌ

1 comment:

  1. I'm thankful for the valuable perspectives you offer on your blog. Also check the whitehall mayor's court

    ReplyDelete

When you look at various woman