Wednesday, March 23, 2022

18 مارچ 1993ع : محمد خان جوڻيجو جي لاڏاڻي جو ڏينهن جنرل ضياء وزيراعظم محمد خان جوڻيجو کي ڇو برطرف ڪيو؟ MUHAMMAD KHAN JUNEJO EX PRIME MINISTER OF PAKISTAN

 18 

مارچ 1993ع : محمد خان جوڻيجو جي لاڏاڻي جو ڏينهن

جنرل ضياء وزيراعظم محمد خان جوڻيجو کي ڇو برطرف ڪيو؟

1985

ع جي غيرجماعتي چونڊن نتيجي  ۾ جيڪا اسمبلي وجود ۾ آئي تہ جنرل ضياء جي خواهش هئي تہ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي ۽ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ سنڌ جي نفرت ۽ ڪروڌ کي ٿڌو ڪرڻ لا۽ سنڌ مان ڪنهن کي وزيراعظم بڻائجي سو جنرل ضياء ان سلسلي ۾ پير صاحب پاڳاري سان رابطو ڪري وزيراعظم لا۽ ڪو نالو تجويز ڪرڻ جي گذارش ڪئي ٖهونئن تہ سنڌ مان وزارت عظمئ لا۽ الاهي بخش سومرو ٖ مير علي احمد ٽالپر ۽ ٻيا بہ وزارت اعظمئ جا خواهشمند هئا پر پير صاحب پاڳاري وزارت اعظمئ لا۽ سنڌڙي واري محمد جوڻيجو جو نالو تجويز ڪيو جيڪو قبول ڪيو ويو اهڙي طرح محمد خان جوڻيجو ملڪ جو وزيراعظم بڻجي ويو ٖ سندس لا۽ مشھور هو تہ هو شريف ۽ ٿڌي مزاج جو ماڻھو آھي ٖ وزيراعظم ٿيڻ بعد محمد خان جوڻيجي شڪارپور جي ڳڙھي ياسين تعلقي جي ڊکڻ ڀرسان واري ڳوٺ “ بڊي “ واسي ڪيپٽن عثمان علي عيساڻي جيڪو انهن ڏينهن ۾ سرحد صوبي جي گورنر ليفٽننٽ جنرل فضل حق سان گڏ چيف سيڪريٽري صوبہ سرحد طور ڪم ڪري رهيو هو ان کي پنهنجو پرنسپل سيڪريٽري مقرر ڪيو ٖ ڪيپٽن عثمان علي عيساڻي جي وري جنرل ضياء ۽ جنرل فضل حق سان سٺي عليڪ سليڪ هئي ٖ جنرل فضل حق تہ جڏھن سرحد صوبي جو گورنر ۽ مارشل لا ايڊمنسٽريٽر بڻيو هو تڏھن هن ڪيپٽن عثمان علي عيساڻي کي وڏي عرصي تائين سرحد صوبي جو چيف سيڪريٽري بہ رکيو هو ٖ محمد خان جوڻيجو ۽ جنرل ضياء جا اختلاف ان ڏينهن کان شروع ٿي ويا جڏھن وزيراعظم محمد خان جوڻيجو جنرل ضياء تي واضع ڪيو تہ سول حڪومت ۽ مارشل لا گڏ نہ ٿا هلي سگهن آخر وزيراعظم محمد خان جوڻيجو جنرل ضياء جي خواهش جي ابتڙ ملڪ مان 30 ڊسمبر 1985ع تي مارشل لا جي خاتمي جو اعلان ڪرايو ٖ ان بعد وزيراعظم محمد خان جوڻيجو افغان مسئلي ۽ روسي فوجن جي واپسي ۽ جينيوا معاهدي بابت مارچ 1988ع تي ملڪ جي تمام سياسي پارٽين جي گول ميز ڪانفرنس گهرائي جنهن ۾ بينظير ڀٽو صاحبہ کي بہ دعوت ڏني وئي جنرل ضياء جي خواهش هئي تہ هو بہ ان آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري پر وزيراعظم محمد خان جوڻيجو جنرل ضياء تي واضع ڪيو تہ اوهان جي شرڪت سان اڪثر پارٽيون ڪانفرنس جو بائڪاٽ ڪنديون ان لاء اوهان جي شرڪت مناسب ناهي جنرل ضياء کي محمد خان جوڻيجو مان اها اميد نہ هئي خير وزيراعظم محمد خان جوڻيجو ڪامياب آل پارٽيز ڪانفرنس منعقد ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو ان بعد 14 اپريل 1988ع تي جنرل ضياء جي مرضي خلاف وزيراعظم محمد خان جوڻيجو جي هدايتن تي پاڪستان جينيوا معاهدي تي

صحيحون ڪيون جنهن جي نتيجي ۾ افغانستان مان روسي فوجن جي واپسي ممڪن بڻي ان بعد وزيراعظم محمد خان جوڻيجي پنهنجي پرنسپل سيڪريٽري ڪيپٽن عثمان علي کي چيو هو جنرل ضياء کي ٻڌائي تہ هو ڪڏھن وردي لاهڻ پسند ڪندا “ هڪ ڏينهن جنرل ضياء پنهنجي ساٿي جنريلن جنرل اختر عبدالرحمان ٖ جنرل خالد محمود عارف ٖ جنرل فضل الحق سان ڪچهري پئي ڪئي ۽ ڪيپٽن عثمان علي عيساڻي بہ موجود هو جنرل ضياء ڪنهن ڳالهہ تان ٽھڪ ڏنو ٖ جنرل ضياء جي ان ٽھڪ دوران ئي عثمان علي عيساڻي جنرل ضياء کي چيو “ وزيراعظم محمد خان جوڻيجو پڇي رهيو آھي تہ “ جنرل صاحب ڪڏھن وردي لاهڻ پسند ڪندا “ فوجي وردي کي لاهڻ جو چوڻ ايئن آھي جيئن شينهن کان پڇا ڪجي تہ تنهنجي کل ڪڏھن لاهجي جنرل ضياء اهو ٻڌي حيران ٿي ويو ۽ سندس خوشي هوا ۾ رفو ٿي وئي ان ڏينهن ئي جنرل ضياء وزيراعظم محمد خان جوڻيجي جي جا۽ تي مري واري خاقان عباسي کي وزيراعظم بنائڻ جو اصولي فيصلو ڪري ڇڏيو ٖ اڃا اهو پلان جڙيو ئي مس تہ 10 اپريل 1988ع تي راولپنڊي جي اوجڙي ڪيمپ وارو واقعو رونما ٿيو اوجڙي ڪيمپ ۾ افغان جنگ جي حوالي سان آمريڪي سي آ۽ اي پاران پاڪستان جي ڳجهي اداري آ۽ ايس آ۽ معرفت روس خلاف افغان ويڙھاڪن  کي جيڪي هٿيار فراهم ڪيا ويندا هئا اهي اوجڙي ڪيمپ ۾ ذخيرو ڪري رکيا ويندا هئا آمريڪي اختيارين انهن هٿيارن بابت جڏھن پاڪستاني ادارن کان حساب ڪتاب گهريو تہ افغان جنگ کي ڊيل ڪندڙ جنرل ضياء جا قريبي ساٿي جنرل اختر عبدالرحمان ۽ جنرل حميد گل پريشان ٿي ويا اهڙي طرح 10 اپريل 1988ع تي راولپنڊي شهر ۾ واقع اوجڙي ڪيمپ ۾ واقع هٿيار گولا بارود جا ذخيرا ڌماڪن سان ڦاٽي پيا راولپنڊي شھر مٿان هزارين راڪيٽ ۽ ميزائل ڪرڻ لڳا ان سانحي جي نتيجي ۾ راولپنڊي ۽ اوس پاس رهندڙ سوين ماڻھو اجل جو شڪار ٿي ويا انهن ئي انڌن ميزائلن مان هڪ ميزائل موجوده نئين وزيراعظم شاهد خاقان جي پيءٗ ۽ ان وقت وزيراعظم محمد خان جوڻيجي ڪابينہ جي وزير پيداوار خاقان خان عباسي جي ڪار مٿان وڃي ڪريو جنهن جي نتيجي ۾ هو ٿڏي تي مارجي ويو ۽ سندس هڪ پٽ سخت زخمي ٿيڻ بعد ڪوما ۾ ھليو ويو جيڪو تيرهن سال ڪوما ۾ رهڻ بعد گذاري ويو اهڙي طرح خاقان عباسي جنرل ضياء طرفان محمد خان جوڻيجي جي جا۽ تي وزيراعظم ٿيڻ بجا۽ راه رباني اختيار ڪري ويو ٖ اوجڙي ڪيمپ واقعو بہ محمد خان جوڻيجو لا۽ ڪو سٺو سنوڻ ثابت نہ ٿيو ٖ وزيراعظم محمد خان جوڻيجي جنرل ضياء تي واضع ڪيو تہ اوجڙي ڪيمپ واقعي ۾ غفلت ڪندڙ ڪيترا بہ بااثر هجن پر کين ڪٽھڙي ۾ آندو ويندو 12 اپريل 1988ع تي وزيراعظم محمد خان جوڻيجو پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ڏھين ڪور راولپنڊي جي ڪور ڪمانڊر ليفٽننٽ جنرل عمران الله خان جي سربراهي ۾ هڪ تحقيقاتي ڪميشن جوڙي اوجڙي ڪيمپ واقعي جا پيرا جنرل ضياء ۽ سندس ساٿي جرنيلن جي گهرن تي پئي لڳا سو آخر جنرل ضياء تنگ ٿي وزيراعظم محمد خان جوڻيجو کي چين جي سرڪاري دوري تان واپس تي جڏھن هو اڃا جهاز ۾ هو تہ جنرل ضياء کيس 29 مئي 1988ع ۾ برطرف ڪري ڇڏيو ۽ محمد خان جوڻيجو بغير پروٽول جي پنهنجي ذاتي ڪار ۾ ايئر پورٽ کان گهر روانو ٿي ويو ٖ اڳتي هلي هن شريف ماڻھو کي مسلم ليگ جي صدارت تان لاهي نواز شريف کي مسلم ليگ جو صدر بڻايو ويو ٖ اهڙي طرح مسلم ليگ بہ گهڻن ئي ڌڙن ۾ ورهائجي وئي جنرل ضياء جي هوائي حادثي ۾ مري وڃڻ بعد آڪٽوبر 1988ع جي اليڪشن ۾ سندس مقابلو پ پ اميدوار وڏيري شاهنواز جوڻيجو سان ٿيو جنهن ۾ شاهنواز جوڻيجو اليڪشن کٽي ويو ۽ محمد خان جوڻيجو هارجي ويو ٖ آخر هي شريف ماڻھو 18 مارچ 1993ع تي لاڏاڻو ڪري ويو

ذوالفقار قادري

No comments:

Post a Comment

When you look at various woman