Wednesday, March 23, 2022

ذھني دٻاءُ Stress

 ذھني دٻاءُ Stress

  کي جيڪڏهن وقت تي نه سڃاڻي سگھجي ته نتيجو جسماني، ذھني تڪليف يا ڪنھن مستقل بيماري جي صورت ۾ به نڪري سگھي ٿو . يقينن اوھان مان گھڻن کي اھو تجربو ٿيو ھوندو. 

 مستقل ذھني دٻاءُ Stress اوهان کي ھاءِ بلڊ پريشر ، شگر جھڙيون بيماريون به ڏئي سگھي ٿو.


دٻاءُ/زور يا Stress ڇا آھي؟

ڪنھن به نقصان ڏيندڙ صورتحال ۾ اسان جي جسم جو ردعمل Stress آھي. جڏھن به اوھان پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪيو ته جسم ۾ ھڪ ڪيميائي ردعمل ٿيندو آھي جيڪو اوھان کي ممڪن نقصان کان بچائڻ لاء حرڪت ۾ اچي ويندو آھي . ھي ردعمل " وڙھو يا ڀڄو " #Fight_or_flight يا Stress آھي . 

ان صورتحال ۾ جسم ۾ موجود Adrenal gland  اھڙا ھارمونز خارج ڪندو آھي جيڪي fight or flight جھڙي قدرتي نماءُ phenomenon سان لاڳاپيل ھوندا آھن . ڪارٽيزول #Cortisol  کي stress harmon به چيو ويندو آھي . 

ھن ھارمون جي ڪري دل جو ڌڙڪو وڌي ويندو، ساھ تڪڙو ٿي ويندو، مشڪون تاڻجي وينديون ۽ بلڊ پريشر وڌي ويندو ؛ ھاڻ

توھان ڪوبه ردعمل ڏيکارڻ لاء تيار آھيو !! اھو پاڻ بچائڻ جو قدرتي طريقو آھي .

دٻاءُ يا Stress جو مطلب  مختلف ماڻھن ڏانھن مختلف آهي . جيڪڏهن ڪا شيءِ ھڪ ماڻھو لاء stress آھي ته ٻئي ماڻهوءَ لاءِ ان جي ڪا اھميت ڪانھي . ائين کڻي چئجي ڪي ماڻھو stress جو مقابلو ٻين جي نسبت بھتر نموني ڪري سگھن ٿا . 

ٿوري مقدار جو stress اسان جي لاء فائديمند به ثابت ٿي سگھي ٿو . مثال طور ڳري ٽريفڪ ۾ اڳيان ويندڙ  گاڏي سان ٽڪرائجڻ جي ڊپ کان اوھان جو پير بريڪ تي ھجي ته اھا سٺي شئي آھي. 

اسان جو جسم ٿوري مقدار جي stress کي برداشت ڪرڻ لاءِ مناسب آھي پر وڏي صورت ۾ ۽ مستقل ڪنھن به قسم جو stress جسم لاء تمام گھڻو نقصان ڪار آھي ۽ ان جو نتيجو مختلف بيمارين ۾ نڪري سگھي ٿو جيئن #دل جون بيماريون، #ھارٽ_اٽيڪ ، #فالج ، #شگر جي بيماريون وغيره وغيره . 

ڪجھ حقيقتون stress بابت : 

شڪايتن جي ھڪ تمام ڊگھي لسٽ کان پھرين ڪجھ حقيقتون ٻڌائڻ ضروري آھن جن سان پڙھندڙن کي اندازو ٿيندو ته ڪنھن به اسپتال جي اوپي ڊي م ايندڙ اڪثريت ڪھڙن مريضن جي ھوندي آھي .

__ 40 سيڪڙو ماڻھو stress جي ڪري صحت جي مسئلن ۾ مبتلا ٿين ٿا.

__ 75 کان 90 سيڪڙو ڊاڪٽر اھڙن مريضن کي ڏسن ٿا جيڪي stress سان لاڳاپيل مسئلن ۾ ورتل ھوندا آھن. 

__ ھڪ تنظيم OSHA (The Occupational Safety and (Health Adminstration اسٽريس کي ڪم ڪرڻ جي جڳھ لاءِ خطرو قرار ڏنو آھي . 

___ دٻاءُ stress جي ڪري مٿي جو سور، ھاء بلڊ پريشر، چمڙي جون بيماريون، دٓ م، سٓنڌن جون بيماريون، ڊپريشن ۽ ڳڻتي جھڙا مسئلا پيدا ٿين ٿا . 

#Common_sign_and_symptoms 


1. اڪثر #مٿي ۾ #سور  رھڻ، ڄاڙي ڏکڻ

2. ڏند ڪُرٽڻ 

3. ھٻڪڻ ، ھڪلائڻ

4. ڏڪڻي، ھٿن ۽ چپن جو رڦڻ 

5. #ڪنڌ_جو_سور ، #پٺيء_جو_سور

مشڪن muscles جو ڇڪجڻ 

6. ھلڪو مٿو ٿيڻ، بيھوشي يا چڪرائجڻ 

7. ڪنن ۾ سيٽيون وڄڻ، مختلف آواز اچڻ

8. اڪثر پگھرجي وڃڻ ، مُنھن سڙڻ

9. ھٿ پير ٿڌا ٿي وڃڻ

10. وات جي سُڪي وڃڻ ، ڳھڻ ۾ ڏکيائي ٿيڻ

11. ھر ھر زڪام ، انفيڪشن يا وات ۾ ڇالا ٿيڻ 

12. جسم تي داڻا ، رھڙون ٿيڻ

13. ھر ھر الرجي ري ايڪشن ٿيڻ

14. ھانوٓ جو سڙڻ، معدي جو سور ، دل ڦِرڻ

15. قبض، دست وغيره

16. ڏاڪار اچڻ، گيس پيدا ٿيڻ

17. ساھ کڻڻ ۾ ڏکيائي، وڏا وڏا ساھ کڻڻ

18. اوچتو اچتو پريشاني جا دورا پوڻ

19. ڇاتيءَ ۾ سور، دل جو ڌڙڪو وڌڻ، نبض جو تيز ھلڻ

20. ھر ھر پيشاب اچڻ

21. گھڻي پريشاني، ندامت جو احساس ٿيڻ يا ڊڄڻ

22. سيڪس جي خواهش جو گھٽجي وڃڻ

23. گھڻي ڪاوڙ، اداسي، مايوسي جو وڌي وڃڻ

24. بک جو گھٽجڻ يا بنھ وڌي وڃڻ

25. ننڊ جو نه اچڻ، خراب خواب ڏسڻ

26. ذھني يڪسوئي گھٽجي وڃڻ

27. نيون شيون سکڻ ۾ ڏکيائي ٿيڻ

28. ويسر جو وڌڻ، غير ترتيبي ، منھجي پوڻ 

29. فيصلا ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿيڻ

30. گھڻي بار وڌي وڃڻ جو احساس ٿيڻ

31. روئڻ جو لاڙو يا آپگھات جا احساس وڌڻ 

32. اڪيلائي ء ڪمتري جا احساس وڌي وڃڻ

33. پاڻ کي ٺاھڻ ء پابندي ۾ گھٽ دلچسپي ھجڻ

34. بيزاري، ، مايوسي وڌي وڃڻ

35. شڪي ٿيڻ، پير لوڏڻ 

36. ننڍي شين تي وڏو ردعمل ڏيکارڻ

37. ننڍا ننڍا حادثا ڪرڻ جو عمل وڌي وڃڻ 

38. ڪم ڪرڻ جي صلاحيت جو گھٽجي وڃڻ

39. غلط ڪم جي ڪري ڪوڙ ڳالهائڻ ء بھانا بنائڻ

40. تڪڙو ڳالھائڻ، وڦلڻ

41. گھڻو شڪ ڪرڻ يا محتاط رھڻ

42. پريشاني ونڊڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪرڻ

43. ماڻھن سان گھٽ ملڻ ء تنھائي پسند ٿيڻ

44. مستقل ٿڪ،. ڪمزوري ۽ ماندڪائي

45. اڪثر اجايون دوائون کائڻ

46. وزن جو گھٽجڻ يا وڌي وڃڻ

47. سگريٽ ڇڪڻ، الڪوحل واپرائڻ وڌي وڃڻ 

48. جوا،. فضول خرچ ڪرڻ

49. ڊپريشن وغيرہ 

 #Stress_Managment 

ماڻھو جيڪڏهن stress تي قابو پائڻ سکي وٺن ته زندگيءَ صحتمند ۽ خوش گذاري سگھن ٿا . 

ڪجھ مشورا ھيٺ ڏجن ٿا 

__ پنھنجو رويو مثبت رکو . 

__ قبول ڪري وٺو ته ڪجھ حالتون اھڙيون ھونديون آھن جن کي اوھان ڪنٽرول نٿا ڪري سگھو . 

__ يقين سان چوڻ وارا ٿيو نه ڪين اڳرائي ڪندڙ ھجو . 

__ پنھنجي فيصلن ، راين ۽ عقيدن تي يقين رکو نه ڪين ڪاوڙ ڪندڙ يا بچاء ڪندڙ ٿيو

__ رليڪس ٿيڻ جي طريقن کي سکو ء انھن جي پريڪٽس ڪيو جيئن يوگا، ميڊيٽيشن وغيره

__ باقاعدگيءَ سان ورزش ڪيو، جسم فٽ ھوندو stress سان مقابلو ڪندو . 

__ صحتمند ۽ معياري کاڌو کائو .

__ وقت کي مناسب طريقي ۽ ڪم جي حوالي سان ورھايو

__ اجاين ڳالهين کي نه ڪرڻ سکو ۽ حدون مقرر ڪيو.

__ دلچسپين، راندين ء مشغلن لاء وقت ڪڍو

__ آرام ۽ ننڊ لاءِ پورو وقت ڪڍو

__ الڪوحل، نشه آور شين کان بچو

__ سماجي معاملن لاءِ دوستن ڏانهن رجوع ڪيو ۽ جتي اوھان خوش رھو اتي وقت گذاريو . 

__ ضرورت پوڻ تي سائيڪالاجسٽ يا ٻين ذھني صحت وارن ادارن سان لھ وچڙ ۾ اچو 

__ اھڙن ماھرن سان ملو جيڪي زندگي ۾ stress کي منھن ڏيڻ جا طريقا سيکارين.


(ڊاڪٽر زبيده جوڻيجو جي وال تان ڪاپي)

No comments:

Post a Comment

When you look at various woman