Wednesday, March 30, 2022

MAKHDOOM KHALIQ U ZAMAN AND ZULIFQAR ALI BHUTTO

 MAKHDOOM KHALIQ U ZAMAN AND ZULIFQAR ALI BHUTTO آخر مخدوم خليق بہ موڪلائي ويو!

ذوالفقار قادري

هي اهي ڏينهن هئا جڏھن ذوالفقار علي ڀٽو جنرل ايوب خان سان تاشقند معاهدي بعد ساڻس سان اختلاف ڪري وزارت خارجہ تان استعفئ ڏئي چڪو هو ٖ سندس لاڙڪاڻي واري گهر المرتضئ هاؤس جي مکيہ دروازي تي ٻن نالن واريون پليٽون لڳل هونديون هيون ٖ مکيہ گيٽ جي هڪ پاسي تي سر شاهنواز ڀٽو ۽ ٻئي پاسي تي ذوالفقار علي ڀٽو بارايٽ لا جون تختيون لڳل هيون ذوالفقار علي ڀٽو جي استعفئ بعد جنرل ايوب خان ذوالفقار علي ڀٽو کي هيسائڻ خاطر گرفتار ڪيو تہ بيگم نصرت ڀٽو پنهنجي مڙس جي اهڙي گرفتاري کي عدالت ۾ چيلينج ڪيو ۽ عدالت ذوالفقار علي ڀٽو جي گرفتاري کي غيرقانوني قرار ڏيندي سندس آزادي جو حڪم نامون جاري ڪيو آزادي بعد هڪ رات ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي دوست ۽ سنڌ جي هڪ وڏي جاگيردار چانڊيہ قبيلي جي سردار نواب احمد سلطان چانڊيو سان سرور جي محفل دوران کيس ٻڌايو تہ هو هڪ نئين پارٽي جوڙڻ ٿو چاهي جنهن ۾ غريب ٖ مسڪين ٖ هاري ٖ مزدور ۽ ٽانگي وارا هوندا نواب احمد سلطان چانڊيو وڏو ٽھڪ ڏيندي ڀٽي کي چيو ها آئڊيا ڀلو آھي پر جيستائين گادي ڌڻي ٖ جاگيردار ٖ سردار ۽ نواب گڏ نہ کڻندي تو واري پارٽي صرف گڏھ گاڏي ۽ ٽانگي وارن جي پارٽي ئي رهندي ٖ ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي دوست جو مشورو ڪيترو قبول ڪيو اها تہ خبر پوء پئي پر ذوالفقار علي ڀٽو نومبر 1967ع تي لاهور ۾ ڊاڪٽر مبشر حسين جي گهر پيپلز پارٽي جو بنياد پئي وڌو تہ اڪثر کاٻي ڌر جا سوشلسٽ ڊاڪٽر مبشر حسين ٖ معراج محمد خان ٖ باباء سوشلزم شيخ رشيد ٖ جي اي رحيم ٖ خورشيد حسن مير ٖ مير رسول بخش ٽالپر ٖ ملڪ معراج خالد جهڙن روشن خيالن سان گڏ ذوالفقار علي ڀٽو پارٽي ۾ نالي وارا گادي ڌڻي مخدوم محمد زمان طالب المولئ ٖ پير غلام رسول شاهہ جيلاني ٖ پير عبدالقادر شاهہ جيلاني آف راڻيپور ٖ غلام مصطفئ کر ٖ رئيس غلام مصطفئ جتوئي ٖ نواب صادق حسين قريشي ٖ نواب سيف الله مگسي ٖ نواب احمد سلطان چانڊيو جهڙا روايتي گادي نشين ٖ سردار ۽ نواب بہ پارٽي ۾ کنيا اها ٻي ڳالهہ آھي تہ نواب احمد سلطان چانڊيو ستر جي اليڪشن ۾ پنهنجي دوست ذوالفقار علي ڀٽو جي پارٽي پ پ جي ٽڪيٽ وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو قمبر واري

صوبائي تڪ تان ميجر دوست محمد هڪڙو جي حمايت ڪري پنهنجي دوست نواب احمد سلطان چانڊيو کي شڪست ڏياري ٖ ذوالفقار علي ڀٽو ستر جي چونڊ ۾ ٺٽي واري قومي اسمبلي جي سيٽ سردار يوسف چانڊيو کان کٽي جيڪا هن خالي ڪري ضمني چونڊن ۾ مخدوم امين فهيم کي ٺٽي مان قومي اسمبلي جو ميمبر چونڊرايو جڏھن تہ ذوالفقار علي ڀٽو بدين واري قومي اسمبلي جي سيٽ نجم الدين سريوال کان کٽي هئي جيڪا خالي ڪري مير علي احمد ٽالپر کي اتان ضمني چونڊ ۾ کٽرائي قومي اسمبلي جو ميمبر بڻايو ٖ اڳتي هلي 5 جولاء 1977ع جي مارشل لا بعد چڱا ڀلا پ پ کي ڇڏي ويا پر هالا جي مخدوم سرور نوح جي نو لکي گادي جو گادي ڌڻي مخدوم طالب المولئ پ پ سان بيٺو رهيو نہ صرف مخدوم طالب المولئ پ پ سان نڀايو پر سندس چوٿين پيڙھي بہ آصف علي زرداري ۽ سندس همشيره فريال ٽالپر جي زيادتين جي باوجود اڃا پ پ سان نڀائيندي پئي اچي ٖ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسي گهاٽ ۾ ھئڻ وارن ڏينهن ۾ رئيس حاڪم علي زرداري تہ ڀٽو مخالف ولي خان جي پارٽي ۾ شامل هو پر ھالا جو مخدوم خاندان بينظير ڀٽو سان ڏک سک ۾ بيٺو ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏيڻ بعد جڏھن جنرل ضياء سنڌ جي دوري آيو تہ جنرل ضياء انهن ڏينهن ۾ پيرصاحب پاڳاري ٖ مير برادران مير رسول بخش ٽالپر ٖ مير علي احمد ٽالپر ٖ مولا بخش سومرو ٖ الاهي بخش سومرو ٖسان ملاقات بعد جنرل ضياء سائين جي ايم سيد سان حيدرآباد سول اسپتال جي ديوان مشتاق وارڊ ۾ ملاقات پڻ ڪئي پير صاحب پاڳاري جنرل ضياء کي صلاح ڏني تہ سنڌ ۾ پ پ کي ٽوڙڻ لا۽ مخدوم طالب المولئ سان ملاقات ڪيو ۽ جنرل ضياء مخدوم طالب المولئ سان پڻ ملاقات ڪري سندن همدرديون حاصل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون هيون ٖپر مخدوم طالب المولئ جنرل ضياء مٿان واضع ڪيو تہ مان جيسين زنده آھيان ان وقت تائين ذوالفقار علي ڀٽو جي نياڻي بينظير ڀٽو سان غداري ڪرڻ جو سوچي بہ نہ ٿو سگهان ۽ اها روايت مخدوم امين فهيم بہ نڀائي پر جيڪڏھن ڏٺو وڃي تہ هالا جي مخدومن ۾ مخدوم خليق الزمان اهو واحد فرد هو جنهن عملي طور عوامي سياست جو انداز اختيار ڪيو ٖ مخدوم خليق الزمان مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو ٻيو نمبر فرزند هو سندس اصل نالو تہ مخدوم غلام محمد هو پر پيار منجهان کيس “ گل سائين “ چوندا هئا مخدوم خليق الزمان 13 فيبروري 1949ع تي جنم ورتو. مخدوم خليق الزمان پرائمري تعليم هالا مان ۽ گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪئي  هو ادبي، سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ وڏي دلچسپي رکندڙ شخص هو شاعريءَ ۾ سندس تخلص “ خليق “ هو ٖ هن شاعريءَ ۾ پنهنجي والد مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کان اصلاح ورتي ۽ ان حوالي سان مخدوم طالب المولئ سندس استاد هو مخدوم خليق الزمان سياست ۾ جنرل ضياء جي مارشل واري دور ۾ سرگرم ٿيو ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد ٿيڻ بعد جڏھن بينظير ڀٽو صاحبہ پنهنجي زندگي جي سياسي شروعات ڪئي تہ فيبروري 1978ع ۾ بينظير ڀٽو صاحبہ سان ان دوري ۾ مخدوم خليق بہ ساڻس گڏ ھو حيدرآباد بعد جڏھن هو هالا پهتا تہ هزارين ماڻھن سندن والهانہ استقبال ڪيو ۽ ھالا ۾ ئي مارشل لا اختيارن بينظير ڀٽو صاحبہ ۽ مخدوم خليق کي نظربند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا پر ڪجهہ عرصي بعد آزاد ٿيڻ بعد ٻنهي سياسي سفر جاري رکيو ٖ مخدوم خليق 1983ع واري ايم آر ڊي تحريڪ ۾ بہ نمايان ڪردار ادا ڪيو هزارين ماڻھن جي جلوس ۾ اچي گرفتاري پيش ڪيائين مخدوم خليق حيدرآباد سينٽرل جيل ٖ سينٽرل جيل سکر ٖ سينٽرل جيل مچ بلوچستان ٖ لانڍي جيل ڪراچي ۽ سينٽرل جيل ڪراچي ۾ طويل عرصو قيد ڪاٽيو ٖ مچ جيل کان جڏھن مخدوم خليق ٖ شهيد فاضل ٖ پير مظھر ٖ اياز سومرو ٖ غلام الله ماهوٽو ۽ ٻين کي سنڌ جي جيلن واپس ڪيو ويو تہ مخدوم خليق ٖ پير مظھر ٖ اياز سومرو وارن لانڍي جيل جي ان بيرڪ جنهن ۾ هو قيد هئا ان جو نالو “ پڃرو پنهوارن جو “ رکي ڇڏيو هو مخدوم خليق جي بينظير ڀٽو صاحبہ جي تمام ويجهو ۽ اعتماد وارن اڳواڻن ۾ هئڻ سبب ٖ بينظير ڀٽو صاحبہ جي شادي حوالي سان بہ ڪيترن ئي شخصيتن حيات محمد شير پائو ٖ مخدوم فيصل صالح حيات ٖ غلام مرتضئ جتوئي سان گڏ مخدوم خليق الزمان جي نالن حوالي سان بہ افواه پکيڙيا ويا پر بينظير ڀٽو صاحبہ جي شادي حوالي سان حقيقي طور اڳوڻي ڪمشنر سکر ڊويزن سيد محب الله شاهہ جي ڀاءُ سيد شجاع شاهہ جيڪو جنرل ضياء دور ۾ وفاقي سرڪار ۾ بيورو ڪريٽ ھو شجاع شاه جي فيملي سان بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو صاحبہ جي پڦي آنٽي منورالسلام رشتي جون ڳالهيون هلايون هيون پر شجاع شاه جنرل ضياء جي خوف سبب پوئتي هٽي ويو هو تہ پو۽ ان رشتي جون ڳالهيون اتي ئي ختم ٿي ويون هيون ٖ مخدوم خليق الزمان پ پ سنڌ جي نائب صدر جي عهدي تي فائز هو تہ بينظير ڀٽو صاحبہ 3 مئي 1986ع تي رئيس غلام مصطفئ جتوئي کي پ پ سنڌ جي صدارت تان هٽائي مخدوم خليق الزمان کي پ پ سنڌ جو صدر مقرر ڪيو تہ ٿوري عرصي بعد رئيس غلام مصطفئ جتوئي صاحب پ پ کان الڳ ٿي پنهنجي نيشنل پيپلز پارٽي جوڙي تہ ان ۾ غلام مصطفئ کر ٖ ملڪ رباني کر ٖ ميان محمد حنيف رامي ٖ ايس ايم ظفر ٖ حامد رضا گيلاني ٖ نواب غوث بخش رئيساڻي ٖ ڪمال اظفر ٖ ميان ساجد پرويز ٖ نفيس صديقي ٖ رانا حنيف ٖ اختر حسين شاهہ ٖ پير آفتاب شاهہ جيلاني ٖ ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي ٖ ملڪ لعل خان ٖ غازي صلاح الدين ٖ عثمان ڪينيڊي ٖ الله بچايو لغاري ٖ امتياز تاج ۽ ٻيا بہ پ پ ڇڏي جتوئي صاحب سان وڃي شامل ٿيا اهڙي وقت ۾ جڏھن هڪ طرف رئيس غلام مصطفئ جتوئي پ پ ڇڏي ٻي پارٽي جوڙي تہ ٻئي پاسي ان کان اڳ ڊسمبر 1985ع ۾ ممتاز علي ڀٽو صاحب سنڌي بلوچ پختون فرنٽ جو اعلان ڪري چڪو هو حفيظ پيرزادو ٖ رئيس نبي بخش ڀرڳڙي ٖ نواب يوسف ٽالپر ٖ احمد علي سومرو ٖ ثمر علي شاهہ ٖ جميل سومرو ۽ ٻيا ڪافي پ پ ڇڏي ممتاز علي ڀٽو جي سنڌي بلوچ پختون فرنٽ ۾ شموليت ڪري چڪا هئا ان ڏکئي وقت ۾ مخدوم خليق پ پ سنڌ جي صدر جي حيثيت ۾ سموري سنڌ جي ضلعن جو تنظيمي دورو ڪري پ پ سنڌ کي متحد ۽ منظم ڪري هر ضلعي ۾ پارٽي اليڪشن ڪرائي تنظيمي طور پ پ کي مضبوط ڪيو ٖ بينظير ڀٽو صاحبہ ۽ مخدوم خليق بابت هڪ قصو بہ مشهور ڪيو ويو تہ بينظير ڀٽو صاحبہ مخدوم خليق کي گاڏي مان لاهي ڇڏيو هو هن قصي کي حقيقتن جي برعڪس ڪري پيش ڪيو ويو هو جڏھن تہ بينظير ڀٽو صاحبہ مخدوم خليق الزمان جو دل سان احترام ڪندي هئي مان ان واقعي جو چشم ديد شاهد آھيان هي انهن ڏينهن جو قصو آھي جڏھن ممتاز علي خان ڀٽو ٖ رئيس غلام مصطفئ جتوئي ٖ عبدالحفيظ پيرزادو ۽ ٻيا پارٽي ڇڏي هليا ويا هئا انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ بينظير ڀٽو صاحبہ سان مخدوم خليق الزمان ۽ مير هزار خان بجاراڻي ۽ ٻيا ساٿي ساڻس گڏ هوندا هئا ٖ مخدوم خليق کي گاڏي مان لاهڻ جو اصلبواقعو هيئن هو تہ بينظير ڀٽو صاحبہ کي سپاف جي شهيد صدر فقير اقبال هيسباڻي جنهن کي سول اسپتال حيدرآباد جي موجوده او پي ڊي کان هيٺ پٺاڻ ڪالوني جي چاڙھي وٽ پوليس ۽ ٻين ادارن گولي هڻي شهيد ڪيو ۽ لالا جهانگير پٺاڻ معذور ڪيو ويو هو سو بينظير ڀٽو صاحبہ کي فقير اقبال هيسباڻي جي تعزيت واسطي ڳوٺ فقير خوش خير محمد هيسباڻي خيرپور وڃڻو هو هيسباڻين جي ڳوٺ بعد بينظير ڀٽو صاحبہ کي پير آف راڻي پور پير سيد عبدالقادر شاه جيلاني جي فرزند پير علي تقي شاه جي دعوت تي راڻي پور بہ وڃڻو هو ٖ بينظير صاحبہ المرتضئ هاؤس لاڙڪاڻي مان قافلي جي صورت ۾ روانو ٿي ٖ بينظير صاحبہ جي گاڏي مخدوم خليق الزمان پئي هلائي ٖ جڏھن تہ بينظير صاحبہ سان گڏ پيجارو گاڏي ۾ مير هزار خان بجاراڻي ۽ ناهيد خان بہ هئا ٖ انتهائي ڇتي گرمي هئي ٖ نئون ديرو ٖ مديجي ٖ ڳاهيجا ٖ لکي غلام شاهہ کان ٿيندا سکر پهتاسين اتي غلام قادر ڀٽو وٽ سکر گهوٽڪي جي ڪارڪنن سان گڏجاڻي ڪري قافلو خيرپور روانو ٿيو خيرپور ۾ منظور وساڻ جي گهر تي گڏجاڻي ڪري هيسباڻي فقيرن ڏانهن قافلو روانو ٿيو ڳوٺ فقير خوش خير محمد هيسباڻي پهچي فقيرامداد هيسباڻي ۽ فقير اوشاق هيسباڻي سان فقير اقبال هيسباڻي جي تعزيت ڪري قافلو راڻي پور لا۽ ڪرونڊي ٖ فيض گنج کان ٿيندا راڻي پور پهچڻ وارا هئاسين سخت گرمي ۽ مسلسل سفر سبب مخدوم خليق الزمان کي الرجي سبب زڪام ٿي پيو ٖ ٻئي طرف بينظير ڀٽو صاحبہ جي طبيعت بہ صحيح نہ هئي ٖ کيس بہ الرجي سبب زڪام ٿي ويو هو ٖ بار بار ٽشو پيپر سان نڪ مان وهندڙ پاڻي کي صاف ڪندي رهي آخر راڻيپور ڀرسان پهتاسين تہ بينظير صاحبہ مخدوم خليق کي گاڏي روڪڻ جو چيو ٖ مخدوم خليق فورن گاڏي روڪي تہ بينظير صاحبہ کيس چيو “ خليق صاحب توکي خبر آ مون کي زڪام کان فورن الرجي ٿي ويندي آھي ٖ اوهان مهرباني ڪري پويان ٻي گاڏي ۾ وڃي ويهو ۽ گاڏي ۾ پويان ويٺل مير هزارخان بجاراڻي کي چيائين “ بجاراڻي صاحب اوهان اچي گاڏي ڊرائيو ڪيو “ ان تي مخدوم خليق ٖ بينظير صاحبہ کي چيو مون بہ اهو پئي چاهيو پر اوهان کي چئي نہ سگهيس “ مخدوم خليق ڊرائيونگ سيٽ ميرهزارخان بجاراڻي جي حوالي ڪئي ۽ وڃي ٻي گاڏي ۾ ويٺو اهڙي طرح اسان پير آف راڻيپور جي فرزند پيرعلي تقي شاه جي دعوت تي سندن رهائش گاه پهتاسي ٖ رات دير سان اسان جي لاڙڪاڻي واپسي ٿي ٖ ٻئي ڏينهن اسان ڳڙھي خيري مير غلام محمد شالياڻي ڏانهن روانا ٿياسي بينظير صاحبہ جي گاڏي ساڳيو مخدوم خليق هلائي رهيو هو ٖ ان واقعي کي اڄ ڏينهن تائين صحيح پيش نہ ڪيو ويو آھي ٖ مون ڪافي سال اڳ ڪاوش ۾ ان باري ۾ لکيو هو پر  اڄ مخدوم خليق الزمان واري وڇوڙي جي خبر ٻڌي پنهنجي يادگيرين کي تازو ڪيم ٖ بينظير ڀٽو صاحبہ جي آصف علي زرداري سان شادي بعد اڳوڻي صدر آصف علي زرداري نہ پئي چاهيو تہ ڪو مخدوم خليق الزمان پارٽي ۾ اڳيان هجي مخدوم خليق الزمان 1988ع وارين چونڊن ۾ پ پ ٽڪيٽ تان ٽنڊوالهيار واري تڪ تان قومي اسمبلي جو ميمبر بہ چونڊيو  ان بعد مخدوم خليق الزمان پ پ کان پري ٿيندو ويو ۽ 1991ع ۾ ڄام صادق علي ۽ پيرصاحب پاڳاري جي مدد سان سينيٽر بہ ٿيو ٖ مير مرتضئ ڀٽو جي وطن واپسي بعد مخدوم خليق الزمان مير مرتضئ ڀٽو جي قافلي ۾ شامل ٿي ويو اڳتي هلي مير مرتضئ ڀٽو جي شھادت بعد سياست کان گوشانشين ٿي ويو آخر هالا جي مخدوم خاندان جو هي بهادر فرد هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو ٖ مخدوم خليق الزمان پنهنجي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ اڪثر پنهنجي شاعر جون سٽون پيو گنگنائيندو هو

“ هن سان ٻيهر وفا ڪري ڏِسبي،

پاڻ سان هڪ دغا ڪري ڏِسبي..

زندگانِي ڀلي حَسِين هُجي،

توتان گهوري فِدا ڪري ڏِسبي..

دل گُهري ٿِي وري ٿيان تُنهنجِي،

هيءَ خطا تي خطا ڪري ڏِسبي..

شرم ڇالاءِ ڀائنجي اي خليق،

اڄ ورِي التجا ڪري ڏِسبي

No comments:

Post a Comment

When you look at various woman