Wednesday, March 23, 2022

Women play a vital role in the HUR Movement 1888 TO 1896 حر تحريڪ جون لازوال ڪردار عورتون

Women play a vital role in the HUR Movement

 حر تحريڪ جون لازوال ڪردار عورتون

حرياڻي ڌڃاڻي نظاماڻي ٖ سون ٻائي بهڻ ٖ غلام فاطمہ عرف ڪرڙي ڪيرياڻي ۽ ٻين سورمين جا داستان

سورمي ڌڃاڻي نظاماڻي فقير فتح محمد نظاماڻي جي گهر واري ۽ فقير عبدالقادر نظاماڻي جي ماء هئي امان ڌڃاڻي حر تحريڪ دوران برطانوي راڄ خلاف گوريلا جنگ جو حصو رهي امان ڌڃاڻي نظاماڻي حر ويڙھاڪن سان گڏ انگريزن خلاف ڪيترن ئي ڇاپہ مار ۽ گوريلا ڪارواين ۾ گڏ وڙھي آخر برٽش فورسز کيس سانگهڙ مان گرفتار ڪيو ٖ امان ڌڃاڻي نظاماڻي زندگي جا اٽڪل ڏهه سال سينٽرل جيل حيدرآباد , سينٽرل جيل سکر ۽ مختلف لوڙھن ۾ قيد رهي پر آڻ نه مڃيائين امان ڌڃاڻي نظاماڻي ڪجهه سال اڳ پنجانوي سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي ٖ سنڌ سندس سورهيائپ ۽ بهادري کي سلام پيش ٿي ان کان علاوه مکي جي ڳجهڙِ پٽ جي ڳوٺ محمد بخش هنڱوري جي بهادر حرياڻين ڳوٺ ۾ مرد نه هجڻ ڪري ڳوٺ جي سڀني عورتن گڏجي مورچا بند ٿي حرياڻي مسمات شاهل جي اڳواڻي ۾ انگريز فوجين سان سخت مقابلو ڪيو جنهن ۾ حرياڻي مسمات شاهل شهادت ماڻي ٖ سنجهوري ڳوٺ ڀڙي جي سُکي خاصخيلڻ حر تحريڪ جي جدوجهد ۾ فوج سان مقابلو ڪندي گرفتار ٿي ۽ سکر سينٽرل جيل ۾ پنهنجي جواني جا ڏينهن گهاريا ان واقعي ۾ سندس ھڪ تيرهن ورهين جي مائٽياڻي نينگري بختاور خاصخيلي انگريز ملٽري دستي هٿان شهادت ماڻي ٖ ڳوٺ گلشير وساڻ جي حرياڻي مسمات حاڪم  زادي“حر تحريڪ” دوران حر گوريلن جو ساٿ ڏيڻ جي الزام ۾ گرفتار ٿي پنهنجي زندگي جا ڪافي سال سينٽرل جيل حيدرآباد ۽ سينٽرل جيل سکر ۾ گهاريا ڪجهہ سال لوڙھن ۾ سخت پورهئي سان سزا ۾ بہ گذاريا مکي جي ڳوٺ ڪهڪارو پٽ جي حرياڻي مائي قائمان ملاڻي حر تحريڪ ۾ پنهنجي ٻين ساٿي عورتن سان گڏجي انگيز فوجي دستن سان سخت مقابلا بعد گرفتار ٿيون ۽ قيد ڪاٽيا ٖ جهول جي غلام فاطمه ڪيريو عرف ڪرڙي ڪيرياڻي پڻ ھڪ مسلح دستو تيار ڪيو جيڪو اڪثر رات جو انگريز فوجي چوڪين تي حملو ڪري کين ماري سندن هٿيار گولا بارود کڻي ويندو

هو اهڙين اوچتو ڇاپہ مار ڪارواين سبب مائي فاطمہ کي ڪرڙي ڪيرياڻي چوڻ لڳا آخر هو گرفتار ٿي ۽ زندگي جو وڏو عرصو جيل ۽ لوڙھن ۾ گذاريائين اهڙي طرح ديس جي آزادي لاءِ “آزادي يا موت” ۽ “ وطن يا ڪفن “ جي جدوجهد ۾ حرياڻي سون ٻائي بهڻ کي بہ سنڌ جي عورت گوريلا اڳواڻ طور ياد ڪيو ويندو انگريزن خلاف جڏھن 1888ع کان 1896ع تائين واري عرصي دوران جيڪا حر تحريڪ شروع ٿي تہ حرن جي انهن گوريلا ۽ ڇاپہ مار ڪارواين ۾ مائي سون ٻائي بهڻ جو مرڪزي ڪردار رهيو ٖ مائي سون ٻائي بهڻ حر ڪمانڊر محبت فقير بهڻ جي ڀيڻ ۽ وڏي وريام فقير خاصخيلي رلي واري جي زال هئي وڏي وريام فقير خاصخيلي کي سون ٻائي بهڻ مان ٻہ پٽ بچو بادشاه خاصخيلي ۽ پير بخش فقير خاصخيلي ٿيا پير بخش فقير خاصخيلي نار وارو فقير سان مشھوري ماڻي ٖ شھيد بچو بادشاهہ جي شادي مائي سعيدان خاصخيلي سان ٿي جڏھن تہ سندس ڀاءُ پير بخش فقير جي شادي مائي بيگم بهڻ سان ٿي بچو بادشاهہ جڏھن انگريزن خلاف بغاوت جو اعلان ڪري گوريلا جنگ جو آغاز ڪيو ۽ حرن ڇاپہ مار ڪاروايون شروع ڪيون تہ انهن ڇاپہ مار ڪارواين ۾ بچو بادشاهہ جي ماءُ مائي سون ٻائي بهڻ جو ذڪر نہ ٿئي تہ حر تحريڪ اڌوري ليکي ويندي ٖ مائي سون ٻائي بهڻ نہ صرف پنهنجي پٽن بچو بادشاهہ خاصخيلي ۽ پير بخش خاصخيلي سان گڏ گوريلا ڪارواين ۾ شامل رهي پر سندس  ٻئي ننهرون بچو بادشاهہ جي زال مائي سعيدان ۽ پيربخش فقير خاصخيلي جي زال مائي بيگم بهڻ بہ ان گوريلا ڪارواين ۾ شريڪ رهيون مائي سون ٻائي بهڻ جو ڀاءُ محبت فقير بهڻ ۽ پير بخش وساڻ عرف پيرو وزير بچو بادشاه جي گوريلا جٿي جا ڪمانڊر هئا ٖ فقير پير بخش وساڻ عرف پيرو وزير شادي ڪو نہ ڪئي بچو بادشاه جي ڪمانڊ ۾ حر ويڙھاڪن انگريزن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو ۽ هنن بچو بادشاه جي اڳواڻي ۾ هڪ متبادل سرڪار جوڙي ڇڏي هئي سندن راڄ سانگهڙ ٖ ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر تائين وسيع هو مکي ٻيلي کان مٺڙاؤ ۽ شھدادپور تائين وارو سمورو علائقو  انگريز فوجن سان شديد مزاحمتي جنگ جو مرڪز رهيو پو۽ جڏھن هڪ سازش تحت بچو بادشاه ٖ عيسو فقير ڏاهري ۽ ٻيا حر مجاهد گرفتار ٿيا تہ انگريزن کين سانگهڙ شھر جي چوڪ تي سرعام  ڦاهي چاڙهيو جڏھن تہ پير بخش وساڻ عرف پيرو وزير سانگهڙ لڳ انگريز فوج سان مقابلي ۾ شھادت ماڻي بچو بادشاه ۽ سندس ساٿين جي ڦاهي بعد مائي سون ٻائي بهڻ ۽ سندس ٻئي ننهرون بچو بادشاه جي گهر واري مائي سعيدان ۽ پير بخش خاصخيلي جي گهر واري مائي بيگم بهڻ بہ گرفتار ٿيون ۽ انگريزن کين عمرقيد جي سزا ڏئي ڪاري پاڻي ڪٽڻ لا۽ جيسلمير جيل روانو ڪري ڇڏيو گڏو گڏ سوين حر مجاهد مرد ۽ عورتن کي لوڙھن ۾ قيد ڪيو ويو اهي طويل قيد ڪاٽڻ بعد جڏھن انگريزن جي برصغير تان حڪومت ختم ٿي تہ پو۽ انهن بهادر حرياڻين کي آزاد ڪيو ويو ٖ حر تحريڪ سعدان خاصخيلڻ ٖ مريم خاصخيلڻ ٖ بصران خاصخيلڻ ٖ مرادان خاصخيلڻ ٖ فريدان خاصخيلڻ ٖ زهران خاصخيلڻ ٖ عاقلان خاصخيلڻ ٖ مائي ڀان خاصخيلڻ ٖ هوندل خاصخيلڻ ٖ مرکان خاصخيلڻ ٖ لال خاتون خاصخيلڻ ٖ سرندي خاصخيلڻ ٖ هول خاتون خاصخيلڻ ٖ جادو خاصخيلڻ سميت ڪئين گمنام حرياڻين کي سلام جيڪي سنڌ وطن  ZULFIQAR QADRI                      لا۽ وڙھيون ٖ شهادتن سان گڏ جيلن ٖ لوڙھن ۽ روپوشين جي زندگي گهاريائون

No comments:

Post a Comment

When you look at various woman