Wednesday, March 23, 2022

JUSTICE SALAHUDDIN PANHWAR SINDH HIGH COURT

 JUSTICE SALAHUDDIN PANHWAR SINDH HIGH COURT

جسٽس صلاح الدين پنھور ،  حاصل ڪيل ڄاڻ موجب 9 آگسٽ 1966 ۾ منھنجي پاڙي جي يوسي کاھي جي ديھ ٻاورلو ۾ ڊاڪٽر غلام مصطفي پنھور جي گھر ۾ جنم وٺندڙ صلاح الدين پنھور پاڻ تعليم حاصل ڪري ايڊوڪيٽ بڻيو صلاح الدين پنهور 1996 ۾ سول جج به ٿيو،  عمرڪوٽ ۾ سول جج مقرر ھوندي بہ تاريغي فيصلا ڏنا، پر  1998 ۾ استعفيٰ ڏئي وڪالت شروع ڪئي ۽ 2002 کان 2006 تائين ميرپورخاص بار جو جنرل سيڪريٽري رھيو ۽ 2006 کان 2012 تائين ميرپورخاص بار جو صدر رھيو، قسمت جي ديوي مٿس مھربان رھي پاڻ جسٽس صلاح الدين پنھور سنڌ ھاءِ ڪورٽ جا فاضل جج ٿيا جنھن بعد ھن ٻيا ڪافي تاريغي فيصلا ڏنا جن ۾ لاڙڪاڻو، شڪارپور سميت اپر سنڌ ۾ نياڻين کي ڪاروڪاري ڪري قتل ڪرڻ وارو ڪيس، عطائين ڊاڪٽرن خلاف ڪاروائين وارو ڪيس، عوام کان اضافي ٽول ٽيڪس وصول ڪندڙ واري ڪيس سميت ھڪ اھو ڪيس جنھن کان اڳ پوري سنڌ جي زراعت تباھي ڪناري پھتل ھي، اھو ڪيس جڏھن سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ لڳو تہ جسٽس صلاح الدين پنھور تاريغي فيصلو ڏنو تہ ڊائريڪٽ وھندڙ غيرقانوني واٽر ڪورس ختم ڪري پراڻا غيرقانوني وڏا موڳا ختم ڪري قانون موجب ماپ رکيو جئين پڇڙن تائين پاڻي پھچي جنھن تي ايماندار آفيسر ڊائريڪٽر نارا ڪئنال منصور ميمڻ مڪمل عملرآمد ڪرائي ڏيکاريو جنھن بعد 20 سالن کانپوءِ واھن ۽ شاخن جي پڇڙن ۾ پاڻي پھتو جنھن تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ حيدرآباد بئنچ منصور ميمڻ تي بھترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي ريمارڪس ڏنا، ان کانپوءِ تازو جسٽس صلاح الدين پنھور اڳوڻو ايس ايس پي حيدرآباد ۽ ھاڻوڪو ڊي آء جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پاران ديپڪ کي گوليون ھلرائي جسم پروڻ ڪندي کيس ھاف فراءِ دوران اپھاج ڪيو ھو تہ سندس زال سنيتا راٺھوڙ سالن جا سال ڌڪا کائيندي رھي پر کيس انصاف نہ مليو جڏھن اھو ڪيس جسٽس صلاح الدين جي بئنچ آڏو لڳو تہ ھن وزيراعلي کي ان ڪيس ۾ طلب ڪرڻ جو اشارو ڏي گھرو وزرات کي سرڪار جي خرچ تي ديپڪ جو علاج ڪرائڻ، ديپڪ جي صحتمند ٿيڻ تائين 50 ھزار ماھوار خرچ ڏيڻ ۽ ديپڪ جي زال سنيتا راٺھوڙ کي سرڪاري نوڪري ڏيڻ جو فيصلو ٻڌايو ان تاريغي فيصلي کانپوءِ اڃان ھڪ ٻيو وڏو تاريغي فيصلو جسٽس صلاح الدين پنھور ڏنو جنھن ۾ ھن ريمارڪس ڏنا تہ گٽڪي جي ڪري ڪينسر جي ڪيسن جي انگ ۾ ڏينھون ڏينھن اضافو ٿئي پيو ۽ اھو انگ خطرناڪ حد تائين پھچي ويو آھي ۽ گٽڪي تي دھشتگردي پکيڙڻ جھڙو ڏوھ آھي جنھن تي 337J جو قلم لڳائي فروخت ڪندڙ کي 10 سال يا عمر قيد جي سزا وارا سيڪشن تحت ڪيس داخل ڪيو ان ڪيس ۾ ھن آء جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪئي تہ توھان کي ڪيترو گٽڪي جي وڪرو جي اجازت تي حصو پتي ملي ٿو جنھن تي پوليس رپورٽ ڏني تہ آءِ جي کي ڪجھ نٿو ملي تنھن تي ھن چيو پوءِ بند ڇو نٿو ڪيو وڃي ھن چيو تہ پوليس کان بند نٿو ٿئي تہ اسان ڪاروائين لاءِ ايف آء اي ۽ نيب جي حوالي ڪاروائيون ڪيون جيڪي گٽڪي فروخت ڪندڙن کي گرفتار ڪن، جنھن بعد پوري سنڌ ۾ ھڪ ئي ڏينھن ۾ 337J تحت گٽڪا ۽ سفينا فروخت ڪندڙن تي ڪيترا ڪيس داخل ٿيا گٽڪو فروخت ڪندڙ گرفتار ٿيا، پوليس گٽڪو فروخت ڪندڙ کي وڪرو ڪرڻ کان منع ڪري ڇڏي، ھڪ ڏينھن ۾ ان ڪاروبار تي ٻنجو اچي ويو، مونکي فخر آھي جسٽس صلاح الدين پنھور تي جيڪو کاھي کان ميرپورخاص پھچي جتان کان اڳتي جسٽس ٿي اڄ پوري سنڌ جي غريب، ڏتڙيل عوام جو سھارو بڻجي تاريغي فيصلا ڏي رھيو آھي انھن فيصلن ۾ هارين جي بيگر ختم ڪري انهن جا ڪيس AC ۽ DC کان واپس وٺي سول ججز ڏانهن موڪلي سنڌ ٽيننسي اڪٽ 1950 ۾ ترميم ڪري سڌارا آندا وڃن اهو فيصلو به ڏنو آهي ۽ صحت، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سي اين جي تي بندش،  شاگردن کان اڌ ڪرايو وٺڻ ۽ عورتن لاء سيف هائوس کولڻ ۽ ٻيا به کوڙ سارا انساني حقن جي حوالي سان تاريخي فيصلا ڏنا آهن، مان چوان ٿو جيڪڏھن جسٽس صلاح الدين پنھور جھڙا جج ھر ڪورٽ ۾ ھجن تہ انصاف اسان کي دھليز تي ملندو جتي جو قاضي منصب تي ويٺل بغير لالچ جي فيصلا ڏي ۽ وڪامي نہ تہ جن بہ سڌا ٿي وڃن ھي تہ روڳو سنڌ جي انتظامي مشينري آھي،  دعا آھي تہ جسٽس صلاح الدين پنھور جلد چيف جسٽس آف پاڪستان ٿي پوري پاڪستان جي عوام جي دردن جو درمان بڻجي ۽ اللّٰہ پاڪ کئانس اڃان بہ نيڪي جا ڪم وٺي جسٽس صلاح الدين پنھور ذاتي طور تي پنھنجي اباڻي ڳوٺ ۾ لائيبري، ڪمپوٽر ليب سميت ڪيتريون سھولتون ڏي غريب ٻارن جي مفت تعليم لاءِ پاڻپتوڙي رھيو آھي پر ان سان گڏو گڏ ھو پنھنجي ڳوٺ جي بيروزگار نوجوانن کي رڪشا، لوڊر فري ۾ وٺي ڏنا آھن تہ جئين اھي ڪنھن جي آڏو ھٿ جھلڻ بجاءِ عزت وارو روزگار ڪري سگھن ۽ پنھنجي پيرن تي بيھي سگھن، ڪاش ھر انسان جي سوچ ۽ درد رکندڙ دل جسٽس صلاح الدين پنھور جھڙي ھجي ھا؟ تہ اڄ اسان جي سنڌ جنت جو ڏيک ڏئي ھا...

No comments:

Post a Comment

When you look at various woman