Sunday, March 6, 2022

بي موت مُئا، تو لاءِ ڪُٺا، انسان هزارين مان نه رُڳو shaikh ayaz

 بي موت مُئا، تو لاءِ ڪُٺا، انسان هزارين مان نه رُڳو.

هن دنيا ۾ اي ديسَ ! هُيا، نادان هزارين مان نه رُڳو.


جي راهِ اجل ڪَنهن ورتي آ، هن ڀُونءِ ڪئي ٻي ڀَرتي آ،

هيءَ ڌرتي توکي پَرتي آ، مھمان هزارين مان نه رُڳو.


اَک ساري رات نه جَھپڪي آ ۽ شبنم شبنم ٽپڪي آ،

جي باک گھري ٿي، بَکُ ته اِي زندان هزارين مان نه رُڳو.


ٿو ساري ڪو به نه سڃ مُئا، هُو رڃ مُئا جي اُڃ مئا،

ڇا پاپي پرکي پُڃَ مُئا، ارمان هزارين مان نه رُڳو.


ڇو چنڊَ اسان کي رات ٺَري، ڏي چانڊوڪيءَ جو زهرُ ڀري؟

آ ڪيڏو پويون پَھرُ پَري! حِيران هزارين مان نه رُڳو.


هي دَور ” اياز“ گذرڻو آ ، ۽ پنهنجو وارو ورڻو آ،

ڪو ٻَارڻ نِيٺ ته ٻرڻو آ ، امڪان هزارين مان نه رُڳو.ا!


 #شيخ #اياز

No comments:

Post a Comment

When you look at various woman