Monday, April 4, 2022

20 مارچ 1943ع سورھہ بادشاهہ جي شھادت جو ڏينهن پير صبغت الله شاهہ ثاني PEER SIBGATULLAH SHAH RASHIDI

 20 مارچ 1943ع 

سورھہ بادشاهہ جي شھادت جو ڏينهن

ذوالفقار قادري

اڄ 20 مارچ سنڌ جي هڪ عظيم مزاحمتي ڪردار پير صبغت الله شاهہ ثاني “ سورهہ بادشاهہ “ جي شھادت جو ڏينهن آھي ٖ  چارلس نيپيئر اڃا سنڌ فتح ئي نہ ڪئي هئي تہ حرن سيد احمد شھيد سان گڏ رنجيت سنگهہ سان جنگيون جوٽيون ٖپو۽ وري جڏھن فيبروري ۽ مارچ  1843ع تي انگريزن جي لشڪر چارلس نيپيئر جي اڳواڻي ۾ مياڻي ۽ دٻي جي جنگين ۾ جرنيل هوش محمد قمبراڻي جي شھادت ٿي ۽ سنڌ جي ميرٽالپر حاڪمن کي پنهنجن جي غداري سبب شڪست آئي ۽ سنڌ برطانوي وڪٽوريا ڪراس جهنڊي جي حاڪميت هيٺ آئي تہ پير صبغت الله شاه راشدي اول جي مريدن مان خليفي غلام نبي لغاري جي اڳواڻي ۾ حر جماعت جي فقيرن بغاوت ڪئي ٖ جنهن کي پير حزب الله شاه راشدي وڌيڪ منظم ڪيو حر جماعت جي فقير دريا خان ڇاپہ مار ڪارواين کي اڃا تيز ڪيو پر هڪ معرڪي ۾ فقير دريا خان گرفتار ٿيو ۽ انگريزن کيس 1888ع ۾ ڦاهي جي سزا ڏني ٖ حر گوريلا تحريڪ ۽ انهيء مزاحمتي جنگ کي انگريزن ڌاڙيلن جي تحريڪ جو نالو ڏنو هنن جي نظر ۾ اهي باغي ڌاڙيل هئا پر حقيقت ۾ حر تحريڪ وطن پرستي جي تحريڪ هئيٖ فقير غلام نبي لغاري ۽ فقير دريا خان لغاري وارن جي مزاحمت جاري هئي تہ 1880ع ڌاري حر فقير بچو خاصخيلي انگريزن خلاف ڪاروايون ڪري پنهنجي زير اثر علائقن ۾ ٻارهن رڪني متوازي سرڪار جوڙي انگريز سرڪار جي رٽ کي ڪمزور ڪيو جنهن ڪري بچو خاصخيلي کي “ بچو بادشاه “ چوڻ لڳا جڏھن تہ سندس نائبن ۾ پيرو وساڻ عرف پيرو وزير واليڏنو فقير ٖ محبت فقير بهڻ ۽ عيسئ فقير ۽ ٻيا شامل هئا ٖ محبت فقير بهڻ جي ڀيڻ سون ٻائي پيرو وزير جي گهر واري هئي جيڪا پڻ مزاحمت ڪارن سان ڇاپا مار ڪارواين ۾ شانہ بشانہ شريڪ رهي ٖ سون ٻائي حر مزاحمتي جو هڪ لازوال ڪردار رهي آھي آخر هڪ مسلح جهڙپ ۾ گرفتار ٿي انگريزن سون ٻائي عمر قيد جي سزا ڏئي ڪاري پاڻي موڪلي ڇڏيو ٖ بچو بادشاه ۽ عيسئ فقير کي سانگهڙ ۾ ڦاهي ڏني وئي پيرو وساڻ عرف پيرو وزير 1896ع ۾ شھيد ٿي ويو ٖ 1921ع ۾ پيرشاه مردان شاه جي وفات بعد ٻارهن سالن جي عمر سندس فرزند پير سيد صبغت الله شاھہ ثاني جڏھن سجاده نشيني سنڀالي تہ هن پنهنجي وڏن جي شروع ڪيل جدوجهد کي اڃا تيز ڪيو سندس انهن سرگرمين سبب آگسٽ 1930ع ۾ مختلف الزامن هيٺ سزا ڏئي “ رتنا گري “ جيل موڪليو ويو ٖ پير صاحب جي جيل وڃڻ سبب سندن مريدن حر مزاحمتي تحريڪ کي اڃا

تيز ڪيو ٖ سورھہ بادشاه آڪٽوبر 1936ع ۾ سزا پوري ڪري واپس آيو ٖ اها حر مزاحمتي تحريڪ مختلف مرحلن ۾ جاري رهي ان عرصي ۾ ڪيئي مزاحمتي ڪردار اڀريا جن کي انگريز سرڪار ڌاڙيلن جو نالو ڏيندي رهي ٖ انگريز سرڪار لا۽ بچو بادشاه جو پٽ وريام فقير ٖ گل نظاماڻي ٖ امام بخش سنجراڻي ٖ واليڏنو فقير ٖ لقمان فقير ٖ ابراهيم فقير ٖ سائين رکيو فقير ٖ علي شير چانگ ٖ غازي رستم ٖ الله بچايو فقير ٖ نورو وساڻ ۽ ٻيا مٿي جو سور بڻيا رهيا ٖ مئي 1942ع ۾ اڏيري لعل وٽ 7 اپ لاهور ايڪسپريس ريل کي اڏايو ويو جنهن ۾ ڪئين ماڻھو مارجي ويا اها ڪاروائي مٽو خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ڪئي وئي ٖ انهن ئي ڏينهن ۾ گل فقير جي اڳواڻي ۾ انگريزن خلاف مزاحمت ڪارن پنهنجون ڪاروايون تيز ڪيون ۽ گل فقير تہ پنهنجي زير ڪنٽرول علائقي تي “ گلو گورنمينٽ “ نالي متوازي سرڪار بہ جوڙي ڇڏي ۽ ججو جرنيل جي اڳواڻي ۾ سرڪار خلاف ڪاروايون تيز ڪيون ويون ٖ سنڌي مزاحمت ڪارن جي ڪارواين کي منهن ڏين لا۽ انگريزن جون 1942ع ۾ برصغير جي تاريخ جي پهرين مارشل لا سنڌ جي ڪجهہ ضلعن تي لڳائي ٖ ۽ جنرل آفيسر ڪمانڊنگ  ميجر جنرل آر رچرڊسن کي مارشل لا ائڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ٖ فوجي آپريشن جي نتيجي ۾ هزارين ماڻھو گرفتار ڪري “ لوڙھن “ ۾ قيد ڪيا ويا ٖ ڪيترا ڳوٺ مزاحمت ڪارن جي ٿاڪن جي شڪ ۾ تاراج ڪيا وياٖ ڪئين مزاحمت ڪار گرفتار ڪري ڦاهي چاڙھيا ويا ٖ ان سڄي ڪاروائي ۾ مير پور خاص ٖ سانگهڙ ٖ نواب شاه خير پور ضلعا ڏاڍا متاثر ٿيا ٖحر مزاحمت ڪارن جي مکيہ ٺڪاڻن گڙنگ بنگلو ٖ مکي ٻيلو ٖ مکي ڍنڍ ٖ نارا ٖ سانگهڙ ٖ نوابشاه ٖ پير ڳوٺ جا علائقا ڪافي متاثر ٿيا ٖ سورهہ بادشاه پير صبغت الله شاه کي آڪٽوبر 1941ع ۾ گرفتار ڪري ڪيس هلايو ويو آخر سنڌ جي هن عظيم مزاحمتي ڪردار کي 20 مارچ 1943ع تي سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ ڦاسي ڏني وئي ٖ۽ سندس لاش بہ وارثن کي نہ ڏنو ويو ٖ سورهہ بادشاهہ جو نعرو هيو “ وطن يا ڪفن “

No comments:

Post a Comment

When you look at various woman