اچو ته قلندر جي قبر کوٽيون...
سندس اصل نالو عثمان مروندي هو ۽ پاڻ آذربائجان جي شهر مروند جو رهاڪو هو. علي اشرفيءَ جڏهن آذربائيجان کي فتح ڪيو ته هو اتان ڀڄي نڪتو ۽ ملتان اچي پهتو. ملتان کان پوءِ هن مشهد، بغداد، مڪي، ۽ مديني جو سفر ڪيو ۽ ڪيترائي سال اتي قيام ڪيائين. عمر جي آخري حصي ۾ هو سيوهڻ آيو جتي محض 2 سال جيئرو رهڻ کان پوءِ سن 1252ع ۾ سندس وفات ٿي. سنڌ ۾ ٻن سالن جي قيام دوران سنڌي ماڻهن جي فلاح يا صوفياڻي فڪر جي پرچار ۽ پکيڙ جي سلسلي ۾ سندس ڪو ڪردار واضح ناهي. هو جنهن دور ۾ سنڌ آيو، تنهن دور ۾ عوام جي گهڻائي جو تعلق ٻڌمت سان هو، جڏهن ته حڪمران اسلام جي اسماعيلي مسلڪ جا پوئلڳ هئا. اسماعيليت کان اسلامي خلافت شروع کان ئي خائف هئي، تنهن ڪري اهو عين ممڪن آهي ته قلندر پاڻ سيوهڻ نه آيو هجي، بلڪ کيس سنڌ ۾ غير مذهبن ۽ اسماعيليت جي مقابلي ۾ موڪليو ويو هجي. ان ڳالھ جو دليل اهو آهي ته بهاءُ الدين ذڪريا ۽ قلندر شهباز جي سنڌ ۾ آمد کان پوءِ هتان اسماعيلي مسلڪ جي تڏا ويڙھ شروع ٿي ۽ سنڌ جي آڳاٽي ڌرم ٻڌمت جو انت ٿيڻ شروع ٿيو. قلندر کي نه صرف سندس حياتي ۾، پر وفات کان پوءِ به حڪمران طبقي جو آشيرواد حاصل رهيو. سندس وفات کان پوءِ سندس مقبرو ملڪ رڪن الدين اڏايو، جنهن جي ٻيهر تعمير مرزا جاني بيگ ترخان ڪرائي. شاهجهان بادشاھ پنهنجي دور ۾ مقبري تي گلڪاري ڪرائي، جڏهن ته ڪلهوڙن خانقاھ ۽ ميرن گنبد تي چاندي جون نيلون ۽ مقبري جا دروازا ٺهرايا. مقبري جو موجوده سون وارو دروازو ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ شاھ ايران ڏنو. قلندر اڄ سنڌ جو سڀ کان وڏو پير سڏجي ٿو. هر سال سرڪاري سرپرستي ۾ ٿيندڙ سندس عرس ۽ ميلي ۾ هڪ پاسي عام ماڻهو هڪ اهڙي پير جي قبر آڏو ڌمال هڻندا آهن جنهن جو سنڌي سماج جي فلاح ۽ صوفياڻي فڪر جي پکيڙ ۾ ڪو ڪردار ڳولهيو نٿو لڀي، ته ٻئي پاسي سنڌ جا نام نهاد اديب ۽ دانشور هڪ اهڙي شخص جي ساراھ ۾ مقالا پڙهندا آهن جنهن جو سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي واهپي سان ڪو واسطو ئي نه هو. سندس ٿورو گهڻو ڪلام فارسي ۾ ملي ٿو. سندس شان ۾ مقالا لکي ثقافت کاتي کان مالي معاوضو ۽ شهباز ايوارڊ وصول ڪندڙ اديبن ۽ دانشورن کي اهو ضرور سوچڻ گهرجي ته قلندر سنڌي ٻولي بدران انهيءَ ڌاري ٻوليءَ جو شيدائي هو، جنهن لاءِ ڀٽائيءَ چيو: جي تون فارسي سکئين، گولو تون غلام!
(قبر کوٽڻ مان مراد آهي تحقيق ڪرڻ)
No comments:
Post a Comment