Monday, April 4, 2022

23 مارچ 1929ع بيگم نصرت ڀٽو جي جنم جو ڏينهن اصفهان ڇڏي سنڌ سان ناتو جوڙيندڙ ھڪ عورت جي ڪهاڻي BEGUM NUSRAT BHUTTO WIFE OF ZULIFQAR ALI BHUTOO SHAHEED

 23 مارچ 1929ع

بيگم نصرت ڀٽو جي جنم جو ڏينهن

اصفهان ڇڏي سنڌ  سان ناتو جوڙيندڙ ھڪ عورت جي ڪهاڻي

ذوالفقار قادري

ايران جي ڪرد نسل سان تعلق رکندڙ نصرت اصفهاني 23 مارچ 1929ع تي ايران جي سهڻي شھر اصفهان ۾ جنم ورتو پر جڏھن هن موئن جي دڙي جي مٽي سان تعلق جوڙيو تہ وفا ۽ قرباني جو پيڪر بڻجي وئي ٖ هونئن بہ ڪردن ۾ بهادري ٖ حوصلو ٖ قرباني ۽ پيار ۽ سونهن ڀريل هوندي آھي پر هتي تہ معاملو ئي ٻيو هيو ٖ ذوالفقار علي ڀٽو جي پهرين شادي 14 ورهين جي عمر ۾ پاڻ کان ڇهہ سال وڏي 20 ورهين جي شيرين امير بيگم ٿي هئي شيرين امير بيگم سر شاهنواز ڀٽو جي سؤٽ نواب احمد خان جي نياڻي هئي شادي بعد ذوالفقار علي ڀٽي کي پيءٗ جلد ئي تعليم واسطي ٻاهر موڪلي ڇڏيو هڪ ڏينهن بغداد سوپ فيڪٽري جي مالڪ جي ڌيءُ نصرت اصفهاني پنهنجي ساهڙي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڀيڻ منور الاسلام سان گڏ کنڊاوالا بمبئي جي تفريحي مقام تي گهمڻ آئي ته ذلفي ڀٽو پنهنجي ڀيڻ کان معلوم ڪيو ته هي ڇوڪري ڪير هئي. سندس ڀيڻ منور الاسلام کيس ٻڌايو ته هي ايراني ڪرد فيملي جي ڇوڪري نصرت اصفهاني آهي، سندس والد جو ڪراچي ۽ بمبئي ۾ ڪاروبار آهي ۽ هو سندس ساهيڙي آهي. ٻئي دفعي جڏهن ذلفي ڀٽو، نصرت اصفهاني کي ڪاليج ۾ ڏٺو ته هو ڪاليج جي گرلز فنڪشن ۾ گرلز گائيڊ جي آرمي واري وردي ۾ هئي ۽ سندن پاسنگ آئوٽ پريڊ هئي. بس پوءِ ته ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي ڀيڻ منور الالسلام جي پويان پئجي ويو ته ان ڇوڪريءَ سان منهنجي شادي ڪرايو هڪ ڏينهن نصرت بينڪ مان پئسا ڪڍرائڻ وئي تہ ڀٽو اڳ ۾ بينڪ ۾ موجود هو زلفي وڃي نصرت کي چيو مان اوهان جي ڪا مدد ڪري سگهان ٿو نصرت سخت لهجي ۾ کيس چيو نہ ! اوهان جي مهرباني ٖ هڪ ڏينهن منورالاسلام پنهنجي ساهيڙي نصرت کي ٻڌايو تہ سندس ڀاءٗ زلفي ساڻس شادي ڪرڻ ٿو چاهي کيس اهو بہ ٻڌايائين تہ سندس ڀاءٗ اڳ کان ئي شادي شده بہ آھي ٖ نصرت کيس چيو هونئن مان سوچيان ها پر هاڻي تہ صفا شادي نہ ڪندس پر آخر تقدير ذلفي ڀٽو ۽ نصرت اصفهاني کي هڪ ٻئي جيون ساٿي بڻائي ڇڏيو. ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بيگم نصرت ڀٽو جي نڪاح جا شاهد ڀٽي جا دوست الاهي بخش عرف الو سومرو ۽ ڪريم داد جوڻيجو بڻيا پو۽ نصرت اصفهاني مان هوءَ بيگم نصرت ڀٽو بڻجي ويئي.بيگم نصرت ڀٽو هڪ تاريخ ساز شخص جي وني بڻجڻ بعد پاڻ به تاريخ بڻجي ويئي. ايوبي آمريت وارن ڏينهن کان ويندي خاتون اول بڻجڻ تائين هوءَ هڪ تحريڪي ڪاردار سان گڏ حوصلي واري خاتون رهي. ضيائي آمريت وارن ڏينهن جو، ذوالفقار علي ڀٽو جي قيد وارن ڏينهن جو، مارشلا جو، آمريت جو هن وڏي جرئت سان مقابلو ڪيو. قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ زخمن کائڻ باوجود هوءَ آمريت سان مهاڏو اٽڪائي بيهي رهي. المرتضيٰ هائوس 70 ڪلفٽن جي نظربندين، ڪراچي سينٽرل جيل ۽ سهالا پوليس ڪمپ ۾ قيد ڪاٽڻ باوجود هن حوصلي ۽ بهادري سان عوامي قافلي جي قيادت ڪئي.

ڦاهي گهاٽ جي آخري ملاقات دوران جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي کيس چيو ته تو وڏيون تڪليفون ڏٺيون، عذاب سٺا، جيڪڏهن حياتي ۾ ڪا تڪليف ڪو رنج هجئي ته ڪڍي ڇڏجانءِ، ته نصرت ڦاهي گهاٽ جي شيخن پويان قيد ڀٽي آڏو نير وهائي ويٺي ۽ چيائين ته تون ته منهنجو تاج ۽ سرتاج آهين، جيستائين نصرت جيئري آهي، نڀائيندي. واقعي ايران ڇڏي سنڌ جي ننهن بڻجڻ بعد عوام سان جڙي ويندڙ بيگم نصرت ڀٽو سنڌ ۽ جمهوريت سان پاڻ نڀايو. مرتضيٰ ۽ شاهنواز جهڙن ڪونڌر پٽن جا لاش دفنائڻ، بينظير جهڙي ڌيءَ جو وڇوڙو سهڻ ڪا سولي ڳالهه ڪونه هئي

بيگم نصرت ڀٽو جو مون سان سيپٽمبر 1978ع کان ويندي 20 سيپٽمبر 1996ع مير مرتضئ ڀٽو جي شھادت تائين جو عرصو شفقت وارو تعلق رهيو هو هڪ شفيق ماءُ جيان هئي ، مير مرتضئ ڀٽو جي شھادت بعد هو ان قابل ئي نہ رهي جو ڪنهن سان ملي سگهي يا ڳالهائي سگهي ٖ سندس سان اهو طويل عرصو تعلق منهنجي زندگي جو اثاثو رهيو. ڪيترائي ڀيرا مونکي پاڻ سان گڏ گاڏي ۾ کڻي سياسي دورن، تعزيتن، مجلسن ۽ پروگرامن ۾ وٺي ويئي.بيگم نصرت ڀٽو منهنجي والده جي سڏ تي بيبي فاطمه ۽ بيبي زينب جي ياد ۾ ٿيندڙ مجلسن ۾ شرڪت واسطي منهنجي گهر بہ ايندي رهي اڄ بيگم نصرت ڀٽو اسان جي وچ ۾ موجود ڪونهي پر بيگم نصرت ڀٽو پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ هڪ بهادر ڪردار جيان زنده رهندي.-

No comments:

Post a Comment

When you look at various woman