Monday, April 4, 2022

ڇا اسان جي حڪمرانن 23 مارچ قرارداد لاهور جي پاسداري ڪئي؟ 23 MARCH 1940

 23 مارچ حوالي سان لکيل

ڇا اسان جي حڪمرانن 23 مارچ قرارداد لاهور جي پاسداري ڪئي؟

ذوالفقار قادري

پاڪستان جي سياسي تاريخ بہ عجيب ويساهه گهاتين سان ڀري پئي آهي، 23 مارچ واري ڏينهن سرڪاري عمارتن کي روشنين سان سينگاريو وڃي ٿو ، پاڪستان جي هٿياربند فوج جا دستا پنهنجي قومي هيروز جي قبرن تي سلامي ڏين ٿا باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح ۽ علامہ اقبال جي مزارن تي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ٿو وڃي، 23 مارچ 1940ع واري لاهور ٺهراءَ کي قرارداد پاڪستان سڏيو وڃي ٿو ، اسان جي سرڪاري درسي نصاب ۾ 1940ع واري لاهور قرارداد جو وڏي فخر سان ذڪر ڪيو وڃي ٿو ، پر ان قرارداد جي باري ۾ حقيقي سچ کي لڪايو وڃي ٿو پر حقيقت هي آھي تہ ان وقت محمد علي جناح جي قيادت ۾ برصغير جي مسلمانن الڳ وطن جي جدوجهد پئي ڪئي ان کان اڳ سنڌ  جي سياسي اڪابرن جي بمبئي پريزيڊنسي کان سنڌ کي الڳ ڪرڻ واري جدوجهد آخر رنگ لاتو ۽ پهرين اپريل 1936ع تي سنڌ کي باضابطہ بمبئي پريزيڊنسي کان الڳ ڪري کيس الڳ صوبي جو درجو ڏنو ويو ان بعد 1937ع ۾ گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع تحت عام چونڊون ڪرايون ويون ۽ سنڌ آئين ساز اسمبلي جو قيام عمل ۾ آيو ، 1938ع ۾ سنڌ برصغير هندستان جو پهريون صوبو هو، جنهن جي قانون ساز اسيمبلي مسلمانن لاءِ هڪ الڳ وطن جو مطالبو ڪيو هو، جڏهن ته ان وقت پنجاب جا ٽوانه، ممدوٽ، نون، دولتانه وغيره ته مسلم ليگ ۽ قائد اعظم جا مخالف هئا، 1937ع جي چونڊن ۾ سموري متحده پنجاب مان صرف ٻه مسلم ليگي ميمبر چونڊجي      سگهيا هئا، هڪ ملڪ برڪت علي ٻيو راجا غضنفر علي. جڏهن ته مسلم ليگ جي مقابلي ۾ انگريزن سان ويجهڙائپ رکندڙ پارٽي يونينسسٽ پارٽي اڪثريت سان کٽيو هو، مسلم ليگ جي حامي کٽيل ٻن ميمبرن مان به هڪ راجا غضنفر پارلياماني سيڪريٽري عهدو ملڻ تي مسلم ليگ ڇڏي ويو هو، جڏهن ته نواب مظفر علي قزلباش اڳ ئي مسلم ليگ ڇڏي چڪو هو، اڪثر دانشور ۽ ليکڪ 1940ع جي لاهور واري قرارداد کي قرارداد پاڪستان سڏين ٿا،

جيڪڏهن تاريخ تي نظر وجهبي ته لاهور ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو ڪنوينشن ڪوٺرائڻ قائد اعظم محمد علي جناح جي مجبوري هئي، ڇو ته لاهور ان وقت گڏيل پنجاب جي گادي وارو هنڌ هو ۽ پنجاب تي حڪمراني ڪندڙ يونينسسٽ پارٽي ته پاڪستان جي قيام جي مخالف هئي، لاهور ۾ سموري متحده هندستان جي مسلم اڪابرن جي اجلاس ڪوٺرائڻ جو مقصد قائد اعظم پاران پنجاب جي چوڌرين، ملڪن ۽ نوابن مٿان دٻاءُ وجهڻ هو، لاهور ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو اهو اجلاس ٽي ڏينهن هليو، اجلاس کان چار ڏينهن اڳ لاهور ۾ هڪ سانحو پيش آيو، جڏهن علامه مشرقي جي خاڪسارن پابندي ٽوڙي لاهور ۾ پريڊ ڪئي، جنهن کي روڪڻ لاءِ پوليس فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ اٽڪل پنجٽيهه خاڪسار مارجي ويا هئا، اهڙي ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ لاهور وارو اجلاس شروع ٿيو، 23 مارچ 1940ع تي لاهور جي منٽو پارڪ ۾ شروع ٿيندڙ آل انڊيا مسلم ليگ جي ڪنوينشن ۾ شير بنگال اي ڪي فضلِ حق هڪ قرارداد پيش ڪئي ته، ” برصغير جا اهي علائقا جتي مسلمانن جي عددي اڪثريت آهي، مثلا اتر اولهه، اتر اوڀر هندستان انهن جي جاگرافيائي حد بندي ۽ جداگانه تصور کي تسليم ڪندي انهن کي آزاد مملڪتون مڃيو وڃي، انهن کي خودمختياري ۽ حاڪميت اعليٰ جو حق حاصل هوندو، 23 مارچ 1940ع واري لاهور قرارداد ۾ ڪٿي به پاڪستان نالي ملڪ جو ذڪر ئي ڪو نه ٿيل آهي، قائد اعظم محمد علي جناح جي زير صدارت ٿيندڙ آل انڊيا مسلم ليگ جي ان اجلاس ۾ سموري متحده هندستان جي مسلم نمائندن شرڪت ڪئي، ان قرارداد جي چوڌري خليق الزمان، پنجاب مان مولانا ظفر علي خان سرحد مان سردار اورنگزيب خان، سنڌ مان شيخ عبدالمجيد سنڌي سائين جي ايم سيد ٖ سر عبدالله هارون خانبهادر محمد ايوب کهڙو ۽ بلوچستان مان قاضي عيسيٰ تائيد ڪئي ۽ پوءِ سموري ڪنوينشن ان قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي، چوڻ وارا چون ٿا ته ان قرارداد جو ڊرافٽ سر سڪندر حيات جي مرضي سان لکيو ويو هو، جنهن آزاد ٿيندڙ تمام مسلم اڪثريتي علائقن جي فيڊريشن بجاءِ ڪنفيڊريشن جي تجويز پيش ڪئي هئي، پر مسلم ليگ تي قابض هڪ گروهه جي دٻاءُ ۾ اچي ان وقت جي مسلم ليگي قيادت ڪنفيڊريشن جي تجويز کي رد ڪري ڇڏيو، جنهن جي ردعمل طور پنجاب جي وزير اعظم سر سڪندر حيات 11 مارچ 1941ع تي پنجاب اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي چيو هو ته، ”اسان کي اها آزادي نه کپي جو هڪ حصي تي مسلمانن جو راڄ هجي ۽ ٻئي حصي تي هندن جي حڪومت هجي، جيڪڏهن پاڪستان جي معنيٰ اها ئي آهي ته پوءِ اسان جو اهڙي آزادي سان ڪو تعلق ڪونهي، اسان کي پنجاب لاءِ صحيح معنيٰ ۾ آزادي کپي، جيڪڏهن ائين نه ٿو ڪيو وڃي ته پوءِ پنجاب، پنجاب ئي رهندو، پنجن دريائن جو ديس جيڪو هميشه کان رهندو آيو آهي، سندس اهڙي تقرير تي پنجاب اسيمبلي جي ڪنهن به ميمبر احتجاج نه ڪيو، 3 مارچ 1943ع تي سائين جي ايم سيد سنڌ اسمبلي ۾ پاڪستان جي قيام لا۽ قرارداد پيش ڪري ميمبرن کان رٿ منظور ڪرائي ٖ سنڌ اسمبلي جو ايوان 60 ميمبرن تي مشتمل هو ٖ ايوان ۾ موجود 24 ميمبرن قيام پاڪستان جي قرارداد جي حمايت ڪئي ۽ 3 ميمبرن قرارداد جي مخالفت ڪئي جڏھن تہ 33 ميمبرن اجلاس ۾ موجود ئي نہ هئا ٖ پاڪستان جي قيام جي واري رٿ جي جن ميمبرن حمايت ڪئي انهن ۾ سيد غلام مرتضئ شاهہ ( سائين جي ايم سيد ) ٖ شیخ عبدالمجید سنڌي ٖ خانبهادر الله بخش ڪي گبول ٖ خانبهادر حاجی امیر علي لاهوري ٖ جناب ارباب توڳاچي ٖ میر بندهہ علي خان ٽالپر ٖ میر غلام علي خان ٽالپر ٖ سر غلام حسین هدايت الله ٖ خانبهادر غلام محمد اسراڻ ٖ خانبهادر سید غلام نبي شاهہ

11۔ پیر الاهي بخش نواز علي ٖ نواب حاجي ڄام جان محمد ٖ مسز جینو ٻائي جي الانا ٖ سردار قیصر خان مگسي ٖ سید محمد علي شاھ ٖ خانبهادر محمد ایوب کهڙو ٖ حاجی محمد هاشم گزدر ٖ جناب محمد عثمان سومرو ٖ جناب محمد یوسف چانڊيو ٖ سید نور محمد شاھ ٖ رئیس رسول بخش خان انڙ ٖ جناب علي گوهر خان مهر ٖ جناب شمس الدین خان بارڪزئي ٖ خان صاحب سهراب خان سرڪي شامل هئا جڏھن تہ قرارداد جي مخالفت ۾ ووٽ ڪندڙ ميمبرن ۾ را۽ صاحب گوڪلداس میول داس ٖ ڊاڪٽر هيمنداس آر واڌواڻي ۽ جناب لالو مل آر موٽواڻي شامل هئا

اڳتي هلي سن 1946ع ۾ دهلي جي آل انڊيا مسلم ليگ اجلاس ۾ چوڌري خليق الزمان هڪ ترميمي قرارداد پيش ڪندي، آزاد خودمختيار، جداگانه، مسلم رياستن واري تصور کي ختم ڪندي هڪ الڳ ملڪ پاڪستان جي قرارداد پيش ڪئي، ان اجلاس ۾ 23 مارچ 1940ع تي لاهور واري قرارداد پيش ڪندڙ شير- بنگال مولوي فضل حق  کي سڏائڻ ته ٺهيو مورڳو ان کي مسلم ليگ مان ئي خارج ڪيو ويو. چوڌري خليق الزمان  جڏهن دهلي ڪنوينشن  ۾ پاڪستان واري قرارداد پيش ڪئي ته هڪ بنگالي اڳواڻ ابوالاهاشمان ان تي سخت احتجاج ڪيو ته 23 مارچ واري قرارداد ۾ ڪنهن به قسم جي ترميم قبول نه ڪئي ويندي، اهو فيصلو آزاد ٿيندڙ مسلم اڪثريتي رياستن تي ڇڏيو وڃي ته هو پاڪستان جوڙين ٿيون يا خودمختيار حيثيت ۾ رهڻ چاهين ٿيون، پر ان بنگالي اڳواڻ ابو الاهاشم کي اجلاس مان ئي تڙي ڪڍيو ويو، سنڌ اسيمبلي مان سائين جي ايم سيد جي ڪوششن سان پاڪستان جي حق ۾ ٺهراءُ منظور ٿيو، پر پاڪستان جي تاريخ جي پهرين ڌانڌلي بہ سائين جي ايم سيد سان ڪري کيس اليڪشن ۾ هارايو ويو پاڪستان جي قيام لاءِ جيتريون قربانيون بنگالين ۽ سنڌين ڏنيون ايتريون ئي تڪليفون وري بنگالين ۽ سنڌين ڀوڳيون آهن. بلوچستان جي خان آف قلات ته آزاد رهڻ جو اعلان ڪيو هو، اها ٻي ڳالهه آهي ته 14 آگسٽ 1947ع بعد گورنر جنرل قائد اعظم محمد علي جناح جي حڪم تي چيف آف اسٽاف جنرل اڪبر خان اتي تعينات فوجي يونٽن کي آرڊر ڏئي خان آف قلات کي گرفتار ڪري قلات تي چڙهائي ڪري زوري قلات اسٽيٽ کي پاڪستان ۾ شامل ڪري ڇڏيو، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ملڪ کي ڪئين مسئلا درپيش هئا، سڀ کان پهريائين نئين ملڪ لاءِ گادي جي هنڌ جي تلاش هئي، صرف ٻه ٽي شهر اهڙا هئا، جيڪي گادي وارو هنڌ ٿي پئي سگهيا، انهن ۾ ڪراچي، ڍاڪا ۽ لاهور شامل هئا، ڍاڪا وڃڻ لاءِ هندستان پار ڪري وڃڻو پئي پيو، جيستائين لاهور جو تعلق هوته هڪ ته اهو هندستان کان صرف ڪجهه ڪلوميٽرن تي واقع هو، ٻيو ته ريڊ ڪلف ايوارڊ به 17 آگسٽ تي ڏنو ويو، آزادي جي ٽن ڏينهن بعد خبر پئي ته لاهور کي به پاڪستان ۾ شامل ڪيو پيو وڃي. سو ڪراچي کي نئين آزاد ٿيل ملڪ پاڪستان جي گادي جو هنڌ بڻائي مرڪز حوالي ڪيو ويو، سنڌ واحد صوبو هو، جنهن پنهنجي خزاني مان مرڪزي سرڪار کي پنجٽيهه ڪروڙ ادا ڪري هن نئين ملڪ جي گاڏي کي هلڻ جهڙو بڻايو، اڄ جڏهن قرارداد پاڪستان تي خوشي جا شادمانه پيا ٿا وڄن، ڪنهن سنڌ جي سورن کي ڏٺو آهي ته جنهن سنڌ هن ملڪ کي هلائڻ لاءِ پنهنجا حيلا وسيلا حوالي ڪيا، ان سنڌ جا ماڻهو بک، بيروزگاري، معاشي بدحالي کي منهن پيا ڏين، ناانصافي ۽ ڏنڊي جي زور تي هي ملڪ هلائڻ جو نتيجو اهو نڪتو جوبنگالين توبهہ زاري ڪري پنهنجي جان آجي ڪرائي، بهتر ٿيندو تہ هاڻ ملڪ کي 23 مارچ 1940ع منٽو پارڪ لاهور واري اصل قرارداد تحت برابري جي بنيادن تي هلايو وڃي انهيء ۾ پاڪستان جي بهتري ٖ خوشحالي ٖ ترقي ۽ بقا آھي

No comments:

Post a Comment