Monday, April 4, 2022

23 مارچ 1923ع هيمو ڪالاڻي جو جنم ڏينهن HEMO KALANI BIRTH DAY 23 MARCH 1923

 23 مارچ 1923ع

هيمو ڪالاڻي جو جنم ڏينهن

ذوالفقار قادري

هيمو ڪالاڻي 23 مارچ 1923ع تي پراڻي سکر ۾ پيسو مل ڪالاڻي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ پيسو مل ٺيڪيداريءَ جو ڪم ڪندو هو.هيمون ڪالاڻي جو اصل نالو راهي هيمن هو جڏهن ته هيمون کيس پيار مان ڪوٺيو ويندو هو.جڏهن سموري هندستان ۾ آزادي لاءِ ويڙهه جاري هئي ۽ ان وقت جا سورما پنهنجي ڌرتي ماءُ جي آجپي لاءِ جانين جا نذرنا ڏئي رهيا هئا تڏهن سکر جي هن نوجوان ۾ پڻ سنڌ جي آزاديءَ جي چڻنگ دکيل هئي. 1942ع جو دور هو تڏهن سنڌ ۾ ”حر تحريڪ“ زورن تي هئي جڏهن ته وچ هندستان ۾ مهاتما گانڌي هندستان خالي ڪريو واري تحريڪ هلائي رهيو هو. اهو اهڙو جذباتي دور هو جو ماڻهن جي دلين ۾ انگريز سامراج لاءِ نفرت جا آڙاهه پئي ٻريا. اهڙن پڙاڏن کان سکر جو هي نوجوان تمام گهڻو متاثر ٿيو. ان وقت هيمون ڪالاڻي اڃا هاءِ اسڪول جو شاگرد هو. سندس دل ۾ آزادي جي تڙپ ۽ انگريزن خلاف ڌڪار هن کي بيچين ڪري وڌو هو.اها 23 آڪٽوبر جي رات هئي جڏهن خبر پئي ته فوجين سان ڀريل هڪ خاص ريل گاڏي اچي رهي آهي جيڪا سکر کان اڳتي گولابارود کڻي ويندي. هيمون کي ڄاڻ هئي ته اهو گولابارود ۽ انهي ريل گاڏيءَ ۾ سوار فوجي آزاديءَ جي متوالن لاءِ عتاب ۽ قهر ثابت ٿيندا. جنهنڪري هن ۽ سندس ساٿين انهيءَ ريل گاڏيءَ کي ڪيرائڻ جو منصوبو رٿيو. هنن گڏجي وڃي ريل جي پٽڙي کي اکيڙڻ شروع ڪيو، ٺيڪ ساڳي وقت تي هڪ سپاهي نالي فيروز خان کين ڏسي ورتو، هيمون جا سمورا ساٿي ڀڄي ويا پر هميون ڪالاڻي پڪڙجي پيو. هيمون ڪالاڻي تي بي انتها تشدد ڪيو ويو، ان وقت ۾ جيڪي تشدد ڪري ڏوهه مڃرائڻ ۽ ايذائڻ جا طريقا موجود هئا اهي هن ڳڀرو نوجوان تي آزمايا ويا. تشدد ڪندڙن کي صرف انهن نالن جي ڄاڻ گُهربي هئي جيڪي ٽرين جي پٽڙي اکيڙڻ وقت ساڻس گڏجي آيا هئا پر هن آخر تائين ڪنهن به ساٿيءَ جو نانءُ زبان تي نه آندو. لاڳيتو 22 ڏينهن تائين تشدد ڪرڻ بعد هيمون ڪالاڻي کي نيٺ ڪورٽ مارشل ڪيو ويو. هڪ ڀيرو بيان دوران چيائين ته مون ريلوي لائن کي ان لاءِ اکيڙڻ ٿي چاهيو ته جيئن ان ۾ سوار فرنگي ناس ٿي وڃن، پر منهنجي بدقسمتي جو ناڪام ٿيس. آخر سرڪار کيس ڦاسي ڏيڻ جو اعلان ڪيو، هيمونءَ جي سزا منظور ٿيڻ کان پوءِ سندس وڪيل پيرزادي عبدالستار سندس مامي کي موڪليو ته هيمونءَ کان معافي نامي تي صحيح وٺي اچي ته کيس معافي ملي ويندي. پر هيمونءَ اهڙي معافيءَ کان نابري واري ڇڏي ۽ چيائين ته مون اهڙو ڪو به ڏوهه ڪو نه ڪيو آهي جنهن تي مون کي پڇتاءَ هجي پوءِ معافي ڇاجي؟ جڏهن سندس ماءُ ساڻس ملڻ آئي ته هن به کيس اها ڳالهه ڪئي ته معافي نامي تي صحيح ڪري ڏي پر هن سورهيه نوجوان ايئن ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. چون ٿا ته هو جيل ۾ خوش رهندو هو، کيس ٻڌايل ڦاسيءَ جي سزا جو ڪو به خوف نه هو. اتي اڪثر چوندو رهندو هو ته هنن فرنگين کي هن ديس مان ڀڄائڻو آهي، جي آزاد ٿيس ته ان کان به وڌيڪ ڪم ڪندس جي نه ته پوءِ هڪ بهادر جو موت مرندس. هيمون ڪالاڻيءَ کي پاڻمرادو معافي نه ڏني وئي، 21 جنوري 1943ع تي هيمون ڪالاڻي کي 19 سالن جي عمر ۾ سينٽرل جيل سکر ۾ ڦاسي ڏني وئي. سچ پچ ته هيمون ڪالاڻي اسان سنڌين جي تاريخ جو فخر جوڳو، اُتساهيندڙ ۽ عظيم ڪردار آهي.

No comments:

Post a Comment

When you look at various woman