Monday, April 4, 2022

راجا رنجيت سنگهہ ۽ طوائف موران جي ڪهاڻي THE STORY OF RAJA RANJEET SINGH AND TAWAIF MORAAN

 راجا رنجيت سنگهہ ۽ طوائف موران جي ڪهاڻي

 ذوالفقار قادري

 پنجابي پنهنجي تاريخ ۾ راجا پورس کان پوءِ مها راجا رنجيت سنگهہ کي واحد حڪمران طور مڃتا ڏين ٿا جنهن گريٽر پنجاب جو نعرو ڏنو رنجيت سنگهہ اوڀر پنجاب کان ويندي افغانستان تائين ۽ ڪشمير کان ويندي سنڌ جي سرحدن تائين پنجابي رياست قائم ڪئي ، رنجيت سنگهہ سنڌ تي قبضو ڪرڻ لاءِ بہ فوج ڪشي ڪئي سنڌ فتح تہ نہ ڪري سگهيو پر سنڌ جي حڪمران مير ٽالپرن رنجيت سنگهہ جي لشڪر ڪشي کي روڪڻ عيوض “ ڀتو “ يا رنجيت سنگهہ کي “ غنڊه ٽيڪس “ ڏيڻ جو معاهدو ڪيو اهو “ ڀتو “ سنڌ جا ماڻھو اڃا بہ پنجاب کي ادا ڪندا اچن ٿا رنجيت سنگهي اها روايت اڃا برقرار آھي ، گذريل سال 27 جون 2019ع تي راجا رنجيت سنگهہ جي ورسي واري ڏينهن کي ياد رکڻ واسطي پنجاب حڪومت شاهي قلعي لاهور جي مرڪزي دروازي تي راجا رنجيت سنگهه ۽ هن جي گهوڙِي “ ليلئ “ جي يادگار تعمير ڪئي ۽ کيس خراج پيش ڪيو ، جيڪڏهن سنڌي راجا ڏاهر جي يادگار تعمير ڪن ها تہ کنڀجي چڪا هجن ها گڏوگڏ کين غدار ۽ ڪافر قرار ڏنو وڃي ها ٖ بدقسمتي سان پنجاب جا ماڻھو بابا بلهي شاھ ، سلطان باھو ، ميان محمد بخش ، ميان مير ، بابا فريد ۽ ٻين صوفين جي درس ۽ تاريخ کي وساري ويٺا آھن هنن صوفي بزرگن جي امن ۽ ڀائيچاري واري پيغام کي وساري رنجيت سنگهہ جي توسيع پسندانہ روايتن جي پوئلڳي ڪئي رنجيت سنگهه 19 نومبر 1780ع پنجاب جي حاڪم راجا ماها سنگهہ جي گهر ۾ پيدا ٿيو هو اڃا ننڍو هو تہ سندس پيءُ مري ويو ننڍي هوندي ئي کيس ماتا جي بيماري ٿي جنهن سبب سندس هڪ اک ختم ٿي وئي ۽ هو هڪ اک کان ڪاڻو ٿي ويو رنجيت سنگهہ کي تيرهن سالن جي عمر ۾ پنجاب جي تخت ويهاريو ويو رنجيت سنگهہ 39 سال پنجاب ٖ ڪشمير کان ويندي خيبر پختون تائين حڪمراني ڪئي ۽ 27 جون 1839 تي وفات ڪئي مهاراجا رنجيت سنگهہ پهرين پنهنجو تخت گاه گجرانوالا کي بڻايو پر اڳتي هلي لاهور جي مسلمانن کيس خط لکيا تہ اچي کيس بدامني کان بچايو وڃي تہ پو۽ رنجيت سنگهہ لاهور تي حملو ڪيو ۽ شھر کي تاراج ڪيائين مسلمانن جون مسجدون ۽ عبادت گاهون بہ تاراج ڪيون ويون لاهور ۾ قتل عام ۽ لٽ ڦر بعد لاهور کي فتح ڪرڻ بعد لاهور کي ئي پنهنجو تخت گاه بڻايائين اڪثر پنجابي مؤرخ رنجيت سنگهه جي حڪمراني کي مثالي قرار ڏين ٿا پر تاريخدانن جو اهو بہ چوڻ آھي تہ سندس حڪومتي معاملن ۽ مشورن ۾ رنجيت سنگهہ جي سس راڻي سدا ڪور جو وڏو عمل دخل هوندو هو مزيدار ڳالهہ تہ

رنجيت سنگهہ جي پيءُ راڻي سدا ڪور جي مڙس کي قتل ڪري سندس علائقي تي قبضو ڪيو هو ۽ راڻي سدا ڪور جي ڌيءُ مهتاب ڪور کي پنهنجي پٽ رنجيت سنگهہ سان شادي ڪرايائين اڳتي هلي رنجيت سنگهہ پنهنجي سس جي چرچ تي پنهنجي سڳي ماءُ مهاراڻي راج ڪور کي شڪ جي بنياد تي قتل ڪيو هو رنجيت سنگهه کي تاريخدان ظالم ۽ سخت گير حاڪم طور لکن ٿا راجا رنجيت سنگهہ بہ مغل شهنشاهه اڪبر اعظم وانگر پنهنجي محل ۽ درٻار ۾ مختلف مذهبن جون زالون ۽ وزيرَ رکيا هئا رنجيت سنگهہ جي زالن ۾ جتي پنجاب جي باثر قبيلن جون عورتون شامل هيون ساڳئي وقت سندس گهوڙن ۽ ڪتن جي پرگهور لهندڙ نوڪرن جون ڌيئر بہ سندس زالن ۾ شامل هيون هو هر مهيني هڪ مسلمان بزرگ ماڌو لعل حسين جي مزار تي ويندو هو لاهور تي قبضي کان اڳ انهن ئي ڏينهن ۾ رنجيت سنگهہ گوردواره هري مندر امرتسر جي ياترا تي ويندو هو اتي رنجيت سنگهہ جي نظر هڪ حسين خوبصورت عورت “ موران “ تي پئي موران بنيادي طور هڪ “ طوائف “ هئي ۽ سندس تعلق “ مانوالا “ ڳوٺ سان هو ٖ پنجابي ٻولي ۾ طوائف کي “ ڪنجري “ بہ چوندا آھن موران پنهنجي ڪمائي مان ڪيترا ئي پاڻي جا کوهہ تعمير ڪرايا ٖ اڄ بہ پنجاب ۾ سندس نالي سان “ ڪنجري والا کوهہ “ موجود آھي ساڳئي وقت موران مسافرن لا۽ مسافر خانہ ۽ غريبن جي نياڻين جي شادي جا ڪاڄ پنهنجي خرچ تي ڪندي هئي هن غريبن کي گهر بہ جوڙائي ڏنا رنجيت سنگهہ سندس نالو ٻڌو هو پر جڏھن هن “ موران “ کي پنهنجي اکين سان ڏٺو تہ مٿس موهت ٿي پيو موران هڪ بهترين گهوڙي سوار بہ هئي جڏھن تہ رنجيت سنگهہ جي محل ۾ اڳ ئي ڪيتريون زالون ۽ نوڪرياڻيون موجود هيون ٖ موران رنجيت سنگهہ جي مجبور ڪرڻ تي آخر ساڻس سان تعلق جوڙيو ٖ هڪ دفعي هو پاڻي جو واه ٽپي رنجيت سنگهہ سان ملڻ پئي وئي تہ موران جي جتي پاڻي ۾ لڙھي وئي ۽ هو پيادل وڃي رنجيت سنگهہ سان ملي اها خبر رنجيت سنگهہ کي پئي تہ هن فوري طور واه جي مٿان پل جي تعمير ڪرائي لاهور-امرتسر روڊ تي واگها کان 2 ڪلو ميٽر اندر هندستان طرف هاڻي اها هڪ مشهور تاريخي تفريح گاه آهي جنهن کي “ ڪنجري والا پل “ سڏيو ويندو آهي. پر هندستان سرڪار ان جو نالو تبديل ڪري “ پل موران “ رکيو آھي مها راجا رنجيت سنگهه “ موران “ جي مرڻ بعد سندس قبر تي هڪ عاليشان مقبرو بہ تعمير ڪرايو مهاراجا رنجيت سنگهہ جي زندگي قتل و جنگ جدل ٖ جنگي مهم جوئي ، گهوڙن ، شراب ۽ خوبصورت عورتن جي گرد گهمندي رهي رنجيت سنگهہ کي زندگي ۾ ھڪ عورت “ موران “ ۽ ٻيو هڪ گهوڙِي جنهن جو نالو “ ليلئ “ هو انهن کي حاصل ڪرڻ لا۽ وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئي. رنجيت سنگهہ کي خبر پئي تہ پشاور جي پٺاڻ والي وٽ هڪ گهوڙي آھي جيڪا پنهنجو مٽ پاڻ آھي ۽ گهوڙي جو نالو “ ليلئ “ آھي رنجيت سنگهہ پشاور جي پٺاڻن کي نياپو ڪيو اها گهوڙي سندس حوالي ڪئي وڃي پٺاڻن گهوڙي ڏيڻ کان انڪار ڪيو پٺاڻن جي انڪار تي رنجيت سنگهہ جي فوجن پشاور تي حملو ڪيو پر گهوڙي نہ ملي ٽي دفعا رنجيت سنگهہ جي فوجن پشاور تي حملو ڪيو آخر ٽئين آخري دفعي رنجيت سنگهہ جي فوجن پشاور کي تاراج ڪري شھر کي لٽي باه ڏئي ڇڏي ۽ آخر پٺاڻن وٽان اها “ ليلئ “ گهوڙي هٿ ڪيائين اها گهوڙي “ ليلئ “ اڄ بہ حنوط حالت ۾ لاهور قلعي جي ميوزم ۾ رکي وئي آھي هنن جنگين ۾ پٺاڻن ۽ سکن جا هزارين ماڻھو مارجي ويا ٖ رنجيت سنگهہ کي ٻي قيمت طوائف موران سان شادي ڪرڻ وقت ادا ڪرڻي پئي رنجيت سنگهہ جي موران سان شادي جي خبر جڏھن سکن جي مذھبي پيشوائن گولڊن ٽيمپل دربار صاحب امرتسر وارن کي پئي تہ هڪ غير سک عورت سان شادي ڪرڻ جي سزا طور فتوئ ڏني وئي تہ جيڪڏھن مهاراجا رنجيت سنگهہ هڪ غير سک عورت سان شادي ڪري کيس شاهي محل ۾ آندو تہ کيس سر عام ڦٽڪن “ ڪوڙن “ جي سزا ڏني ويندي رنجيت سنگهہ درٻار صاحب گولڊن ٽيمپل جي مذھبي پيشوائن کي چيو مون کي سرعام ڪوڙن جي سزا قبول آھي پر مان موران کي نہ ٿو ڇڏي سگهان آخر رنجيت سنگهہ کي موران خاطر ڦٽڪا سهڻا پيا شادي بعد رنجيت سنگهہ موران کي پنجاب جي خالصہ سرڪار جي مهاراڻي جو درجو ڏنو ٖ پنجاب جي سک رياست ۾ ڪنهن بہ راجا يا مها راجا نالي ڪرنسي ڪو نہ هئي ايتري قدر جو پنجاب جي حڪمران رنجيت سنگهہ جي پنهنجي نالي سان بہ ڪو سڪو يا ڪرنسي نہ هئي خالصه حڪومت ۾ گرو نانڪ جي نالي پويان نانڪ شاهي سڪا ٖ ڪرنسي ۽ ٻيو وهنوار هلندو هو رنجيت سنگهہ “ موران “ سان شادي ڪرڻ بعد سک اسٽيٽ جو نالو پنهنجي محبوب زال “ موران “ جي نالي پويان “  موران سرڪار “ رکيو ڪرنسي تي موران سرڪار لکيو ويو ٖ وٽ ٖ تارازي ٖ واپار ۽ سرڪار جي ڏيتي ليتي ڪاغذن ۽ دستاويزن تي “ موران سرڪار “ جي مهر يا ٺپو لڳايو ويندو هو موران رنگ ، شڪل ٖ قد ڪاٺ ۾ نہ صرف خوبصورت پر ذھين ٖ دورانديش ۽ سخي بہ هئي ، رنجيت سنگهه پڻ هن جي ذهانت ۽ عقل وارن فيصلن کان متاثر هو.  رنجيت سنگهه جي درٻار ۾ هڪ ٻئي کان وڌيڪ خوبصورت عورتون هيون پر موران جي باري ۾ اهو مشهور آهي ته ان وقت جي هڪ درويش فقير عزيزالدين جهڙو ماڻھو به موران کي ڏسي ٿاٻڙجي ڪري پيو موران محل جي ڀرسان هڪ مسجد جوڙائي جيڪا اڄ بہ لاهور ۾ مسجد مائي موران جي نالي سان مشهور آھي رنجيت سنگهه جي حڪومت خالصه سرڪار هئي جيڪا سکن جي سڀني کان طاقتور اڪال تخت جي حڪمن ۽ هدايتن جي پابند هئي.  سردار فولا سنگهه ، اڪال تخت جو ميمبر ، پڻ مهاراجا رنجيت سنگهہ جي هڪ مسلمان ڇوڪري سان تعلقات ۽ شادي تي سخت اعتراض ڪندڙ هو.  جڏهن اڪال تخت پنچائت بہ رنجيت سنگهه تي ڪاوڙيل هئي هن کي ڪافي دفعا طلب ڪيو ويو پر هو موران کي ڇڏڻ لا۽ تيار نہ هو آخر هڪ ڏينهن موران پنهنجي زندگي جو اهم فيصلو ڪيو مها راڻي جو لقب بہ واپس ڪيائين ۽ رنجيت سنگهہ کان موڪل ورتائين موران جي اندر وڏي تبديلي اچي وئي کيس ڪو بہ اولاد نہ هو رنجيت سنگهہ کيس وڏا ايلاز ڪيا پر هو اٽل فيصلو ڪري چڪي هئي هو صفا مذھبي بڻجي دنياگيري کان لا تعلق بڻجي مهاراڻي موران بجا۽ هن جو لاڙو مذھب ۽ دين طرف ٿي ويو هو هڪ مذهبي ۽ روحاني طور رڌل عورت بڻجي وئي ، جنهن هميشہ لا۽ مادي ۽ دنياوي آسائشن کان وڌيڪ روحاني ۽ ذھني سڪون کي ترجيح ڏني آخر ۾ پنهنجي روحاني استاد مولانا جان محمد جي درخواست تي هن عربي ۽ فارسي علوم جو ادارو تعمير ڪرايو جيڪو ان وقت تمام مفيد هو ڇاڪاڻ ته هندستاني شاگردن کي فارسي ۽ عربي سکڻ لاءِ سوين ميل سفر ڪرڻو هو.  غريبن ۽ مسڪينن لاءِ سندن در سدائين کليل هئا.  موران رنجيت سنگهه کي تہ ڇڏي چڪي هئي پو۽ بہ سائل موران جي در تي عرض کڻي ايندا هئا جيڪڏھن شهر ۾ ڪنهن کي ڪا ضرورت هوندي هئي ته هوءَ موران ڏانهن ويندا هئا محل ۽ تخت ڇڏڻ باوجود سازشي ماڻھو موران جي خلاف سازشون پيا ڪندا هئا جلد ئي موران جي دل لاهور مان بہ ڀرجي وئي ۽ هو پٺاڻ ڪوٽ منتقل ٿي وئي ۽ زندگي جا باقي ڏينهن دنيا کان لاتعلق ٿي گذاريائين موران جي ڇڏي وڃڻ بعد رنجيت سنگهه هڪ ٻي مسلمان عورت گل بانو سان شادي ڪئي گل بانو جي نالي تي رنجيت سنگهہ هڪ باغ جوڙايو جيڪو اڃا تائين لاهور ۾ قائم آھي

No comments:

Post a Comment

When you look at various woman