Monday, April 4, 2022

ڄ کان 36 سال اڳ ٿيل واقعو 23 مارچ 1986ع جڏھن سينٽرل جيل سکر جي ڦاسي گهاٽ مان 34 موت جي سزا جا قيدي فرار ٿيا

 اڄ کان 36 سال اڳ ٿيل واقعو

23 مارچ 1986ع

جڏھن سينٽرل جيل سکر جي ڦاسي گهاٽ مان 34 موت جي سزا جا قيدي فرار ٿيا

ذوالفقار قادری

جنرل ضياء جي مارشل لا ۾ هونئن تہ سڄي ملڪ ڀوڳيو پر سنڌ ٻين صوبن جي نسبت وڌيڪ مصيبتن ۾ رهي ٖ جنرل ضياء جي دور ۾ جديد هٿيارن ٖ هيروئن ۽ ٻي منشيات جو وڪرو ۽ واهپو ٖ مذھبي ۽ لساني انتهاپسند گروهن جو وڌڻ ۽ ويجهڻ ٖ انهن جي سرپرستي ٖ ڌاڙيل ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ جنرل ضياء دؤر جا سنڌ لا۽ تحفا هئا جنهن جو خميازو اڃا تائين سنڌ ڀوڳي پئي ٖ ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاهي ٖ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ سنڌين جي تاريخي ويڙھاند ٖ بدليل عالمي صوتحال جنرل ضياء کي مجبور ڪيو تہ ملڪ کي گهڻو وقت مارشل لا جي سهاري هلائي نہ سگهجي ان لا۽ ملڪ ۾ جمهوريت جي نالي ۾ نئون ناٽڪ رچائڻو پوندو سو جنرل ضياء 25 فيبروري 1985ع تي ملڪ ۾ غير جماعتي چونڊون منعقد ڪرايون جنهن جي نتيجي ۾ آيل اسمبلي 24 مارچ 1985ع تي مرحوم محمد خان جوڻيجو کي پاڪستان جو وزيراعظم  ۽ سنڌ صوبائي اسمبلي 6 اپريل 1985ع تي سيد غوث علي شاه کي وزيراعلئ سنڌ منتخب ڪيو ٖ وزيراعلئ سيد غوث علي شاه جي سنڌ ڪابينا ۾ جيل خانہ واري وزارت سيوهڻ لڳ ڳوٺ آراضي سان تعلق رکندڙ سيد ڪوڙل شاه جي حوالي ڪئي وئي ٖ اهي 22 ۽ 23 مارچ 1986ع جي وچ واري رات جا اٽڪل سوا ٻہ ٿي رهيا هئا تہ سينٽرل جيل سکر جيڪو محفوظ ترين جيل سڏيو ويندو هو ٖ اوچتو جيل جي چوڌاري ڇتي فائرنگ ۽ ڌماڪن جا آواز اچڻ شروع ٿي ويا ٖ ڪلاشنڪوف ٖ جي ٿري رائفلن جي فائرنگ سان سمورو جيل گونجڻ لڳو ٖ ننڊ پيل قيدي خوف ۾ مبتلا ٿي ويا گهڻن ائين پئي سمجهيو تہ شايد ڪنهن دشمن ملڪ حملو ڪيو هجي ٖ جيل جي برجين تي تعينات جيل عملدارن جوابي فائرنگ ڪئي پر حملا آورن جلد ئي جيل جي برجين تي تعينات عملي کي خاموش ڪرائي ڇڏيو حملا آورن جيل جي ٽاور نمبر 4 ۽ ٽاور نمبر 5 جيڪي جيل جي عقبي ديوار جي درميان هئا اتي جي مرڪزي ديوار تي ڏاڪڻيون رکي سڀ کان پهرين بجلي جي خاردار تارن کي ڪٽي رسين ذريعي جيل ۾ داخل ٿي چڪا هئا سندن ٽارگيٽ سينٽرل جيل سکر جو ڦاسي گهاٽ وارڊ ھو جديد هٿيارن جي فائرنگ جو آواز جيل جي ڦاسي گهاٽ واري وارڊ مان صاف اچي رهيو هو ٖ هر قيدي کي پنهنجي سر جي لڳل هئي جيڪو جتي ستو پيو هو بيرڪن ۽ کولين ۾ محفوظ جا۽ جي آڙ ۾ پناه وٺيو ليٽيو پيو هو ٖ ٻئي طرف حملا آور ڪلاشنڪوفن ۽ جي ٿري رائفلن جي برسٽن سان ڦاهي گهاٽ جي وارڊ ۾ داخل ٿي کولين جي دروازن جا تالا ٽوڙي رهيا هئا ڦاسي گهاٽ ۾ اڪثر اهي ڌاڙيل قيد هئا جن کي سيشن ڪورٽن ۽ اسپيشل ملٽري ڪورٽن موت جون سزا ٻڌائي چڪيون هيون شديد فائرنگ ڪجهہ وقت کان بعد بند ٿي وئي ان بعد جيل عملو ٖ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ پوليس بہ پهتي پر ان وقت تائين حملا آور ۽ قيدي فرار ٿي چڪا هئا ٖ ان حملي ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻہ قيدي نواب لولائي ۽ لقمان ميربحر سان گڏ هڪ جيل عملدار گل محمد مارجي ويا جڏھن تہ جيل سپرنٽنڊنٽ غلام محمد ساريو سان گڏ جيل جا عملدار محمد ظفر ٖ دين محمد ٖ شير محمد ۽ رحيم بخش ڀٽو سخت زخمي ٿيا ٖ سمورو جيل سيل ڪري تمام بيرڪن جي تلاشي جو سرچ آپريشن ڪيو ويو تہ خبر پئي ڦاهي گهاٽ مان سزاء موت جا 34 خطرناڪ قيدي ڌاڙيل فرار ٿي چڪا آھن ان بعد سينٽرل جيل سکر جي اسسٽنٽ سپرنڊنٽنٽ محمد اسماعيل پٽ سراج الدين راجپوت جي مدعيت ۾ پوليس اسٽيشن روهڙي تي ايف آ۽ آر نمبر 39/1986 داخل ڪرائي وئي جنهن ۾ چيو ويو تہ 23 مارچ جي رات جو 2 بجي ڌاران 50 کان 60 جديد هٿيارن سان مسلحہ جوابدار جيل جي پوئين پاسي کان ٽاور نمبر 4 ۽ ٽاور نمبر 5 جي عملي تي حملو ڪري انهن کي بي وس ڪري هٿياربندن مان ڏھہ ٻارهن کن هٿياربند جيل اندر داخل ٿي ڦاسي گهاٽ جي وارڊ تي حملو ڪري ڦاسي گهاٽ جي کولين جا تالا ٽوڙي 34 ڦاهي گهاٽ جا خطرناڪ قيدي آزاد ڪرائي فرار ٿي ويا جيل عملي انهن حملاآورن سان مذاحمت ڪئي ٖ حملا آورن جي فائرنگ ۾ هڪ جيل عملدار گل محمد زنگيجو ۽ ٻہ قيدي نواب لولائي ۽ لقمان ميربحر مارجي ويا جڏھن تہ جيل سپرنڊنٽنٽ غلام محمد ساريو سميت رحيم بخش ڀٽو ٖ محمد ظفر ٖ دين محمد ٖ شير محمد شديد زخمي ٿيا جوابدار فرار ٿيندي وقت جيل جي سيڪيورٽي عملي کان پنج رائفلون بہ کسي فرار ٿي ويا ٖ ڦاسي گهاٽ مان جيڪي ڌاڙيل قيدي فرار ٿيا انهن ۾ 

1 - جان محمد عرف جانو آرائين

2 - علي گوهر ڏيپاراڻي چانڊيو

3 - دادن عرف دادو مرزاڻي چانڊيو

4 - دادو عرف دادن چانڊيو خيرپورناٿن شاهہ وارو

5 - غلام سرور عرف سرو چانڊيو

6 - جان محمد عرف جانو ڪورائي

7 - گلشير چانڊيو

8 - وزير خشڪ

9 - اسماعيل خشڪ

10 - اڪبر لولائي

11 - علي حسن ڪاڪيپوٽو

12 - طاهر واسو

13 - قادو سرگاڻي

14 - بگو سيٺار

15 - علي احمد بالادي

16 - رحمون معرفاڻي

17 - غلام محمد عرف غلامون چانڊيو

18 - شھزادو عرف شادو

19 - نياز شاهاڻي

20 - خادم عرف خادو چانڊيو

21 - غلام شبير کوکر

22 - عزيزالله کوکر

23 - سرائي محمد خان گوپانگ قمبر وارو

24 - سومر گوپانگ

25 - بشير سومرو عرف بشو ڊکڻ

26 - غفور راجپوت

27 - رمضان عرف رمضو چانڊيو

28 - اڪبر عرف اڪو چانڊيو

29 - ستار ڀٽو

30 - غلام الله کوسو

31 - محمد پيرل

32 - عمر چانڊيو

33 - منظور شاهہ

34 - محمد سڊ شامل هئا 

جڏھن تہ حملا آور ڌاڙيل اها ايڏي وڏي ڪاروائي ڪري بغير ڪنهن نقصان جي سلامتي سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ٖ سکر سينٽرل جيل جي ڦاهي گهاٽ مان فرار ٿيل قيدين مان تہ ٽن ڄڻن علي گوهر ڏيپاراڻي چانڊيو ٖ دادن مرزاڻي چانڊئي ۽ سرائي محمد خان گوپانگ جو تعلق منهنجي اباڻي شهر قمبر سان هوٖ ٖ ان واقعي بعد آ۽ جي جيل خانہ جات سينٽرل جيل سکر جي سپرنڊنٽنٽ غلام محمد ساريو ۽ ٻئي عملي کي معطل ڪيو ٖ سنڌ سرڪار جسٽس عبدالرزاق ٿهيم جي سربراهي ۾ عدالتي ڪميشن قائم ڪيو ٖ  محمد اقبال قادري ايس ايڇ او روهڙي هو جيڪو جاچ آفيسر پڻ مقرر ڪيو ويو ٖ جنهن پنهنجي رپورٽ ۾ جيل عملي جي غفلت ۽ ملوث ھئڻ جي رپورٽ ڏني گڏوگڏ ھن پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو تہ جيل ٽوڙڻ ۾ مختلف ڌاڙيلن ٖ يعقوب چانڊيو ٖ جمع خشڪ ٖ جانو آرائين ٖ علي گوهر ڏيپراڻي ٖ دادن مرزاڻي ٖ علي حسن ڪاڪيپوٽو جي ٽولن ڪٺ ڪري جيل تي حملو ڪيو ۽ پنهنجا ساٿي آزاد ڪرايا ٖ سينٽرل جيل سکر ٽٽڻ واري واقعي بعد سنڌ جي امن امان جي صورتحال جيڪا اڳ ۾ ابتر هئي ويتر وڌيڪ بگڙجي وئي سنڌ جي ماڻھن جيڪو ڀوڳيو اهو پڻ ھڪ الڳ داستان آھي

هن کان اڳ 1981ع ۾ سينٽرل جيل سکر مان مير عارباڻي ۽ آندل ڪوري فرار ٿيا ٖ ان واقعي کي اڃا ڪجهہ عرصو ئي گذريو تہ 1982ع ۾ سينٽرل جيل سکر مان پرو چانڊيو ٖ علي گوهر چانڊيو ٖ جنسار چانڊيو ٖ غلام عمر مغيري سميت ست ڌاڙيل فرار ٿي ويا

No comments:

Post a Comment

When you look at various woman