Monday, April 4, 2022

Malik Riaz Pakistan's largest psychologist Born on February 8, 1954, ملڪ رياض پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو ماهر نفسيات

 چون ٿا تہ موجوده عدم اعتماد تحريڪ ۾ ملڪ رياض جي بہ سيڙپڪاري ٿيل آھي

ملڪ رياض پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو ماهر نفسيات

پاڪستان جي کرب پتي ملڪ رياض سيالڪوٽ جي هڪ غريب گهراڻي ۾ 8 فيبروري 1954ع تي جنم ورتو ملڪ رياض کي غربت سبب مئٽرڪ کان پو۽ ملازمت ڪرڻي پئي 

1 - زندگي جي شروعات هڪ پرائيويٽ ٺيڪيدار وٽ ڪلارڪ بڻجي ڪيائين ڪجهہ وقت کان پو۽ ڪلارڪ جي نوڪري ڇڏي ڏنائين

2 - ان بعد فوجي ڇانوڻين ۾ آفيسن ۽ فوجي ڪوارٽرن کي رنگ ۽ پلستر جا ننڍڙا ٺيڪا کڻڻ لا۽ حوالدارن ٖ ليفٽننٽ ۽ ڪيپٽن رينڪ جي ھيٺين رينڪ جي آفيسرن جي آفيس ٻاهران ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ۽ ايلاز منٿون ڪندو هو

3 - ننڍڙي اسٽيٽ ايجنٽ طور فوجين کي ملندڙ پلاٽن جا ڪميشن تي سودا ڪرائڻ

4 - هڪ نيوي جي ايڊمرل سان ملي “ بحريہ “ نالي اسڪيم جو آغاز

5 - فوجين کي ترغيب ڏئي بحريہ ۾ سيڙپ ڪاري ڏانهن مائل ڪرڻ

6 - فوجين کي رٽائرڊ ٿيڻ بعد “ بحريہ “ ۾ ملازمت ڏئي پنهنجو ملازم بنائڻ

7 - ملڪ جي سياستدانن آصف علي زرداري ٖ نواز شريف ٖ عمران خان سميت قوم پرستن تائين سان سٺا لاڳاپا قائم ڪيائين

* اعتزاز احسن سميت ملڪ جا ناميارا وڪيل سندس ڪمپني جا وڪيل آھن

پو۽ وري ملڪ رياض جو هڪ ٻيو ناٽڪ شروع

* بکين ٖ مسڪينن ۽ غريبن کي “ بحريہ دسترخوان “ جي ماني کارائي “ ان داتا “ جو روپ ماڻڻ

* مريضن لا۽ “ بحريہ اسپتال “ جوڙائي “ مسيحا “ جو روپ ڪيائين

* صحافين ۽ ٽي وي اينڪر پرسن کي پلاٽن ٖ پئسن ۽ غيرملڪي تفريحي سفرن ڪرائڻ جون نوازشون

* سياستدانن کي گهر ۽ گاڏيون گفٽ ڏيڻ

* نيڪ بيورو ڪريٽن کي حج ۽ عمره ڪرائڻ

* عياش آفيسرن کي آمريڪا ۽ يورپ جا ٽوئر ڪرائڻ

* ججن ٖ جرنيلن ۽ سياستدانن کي ڪاروباري بزنس پارٽنر بنائڻ

* عام ماڻھو لا۽ مسجدون جوڙائڻ

* اڪثر مولوي صاحبن جي مسجدن ۽ مدرسن جي مالي سهائتا ڪرڻ

* ٽي وي چينل ۽ اخباري مالڪن کي ڪروڙن جا اشتهار

هاڻي ڪير بچيو جيڪو ملڪ رياض کان مستفيض نہ ٿيو هجي

اوهان فيصلو ڪيو پاڪستان ۾ ملڪ رياض کان وڏو ڪو ماهر نفسيات ٿي سگهي ٿو ؟

ملڪ رياض بابت پاڪستان جي نامور دفاعي ۽ فوجي تجزيہ نگار عائشہ صديقہ جا ڪتاب پڙھڻ جوڳا آھن

ملڪ رياض سپريم ڪورٽ جي فيصلي مطابق بحريہ ٽاؤن جي زمينن جا جيڪي چار سؤ سٺ 460 ارب روپيا ستن سالن ۾ ڏيندو ان عرصي دوران ملڪ جا 2 وزيراعظم ٖ 2 صدر مملڪت  ٖ 3 آرمي چيف ۽ 5 سپريم ڪورٽ جا چيف جسٽس تبديل ٿي چڪا هوندا ان ڳالهہ جي بہ پڪ ناهي تہ انهن چار کرب سٺ ارب ( 460 ارب ) روپين مان سنڌ جي ماڻھن کي لاڀ ملندو يا نہ؟

No comments:

Post a Comment

When you look at various woman