Monday, April 4, 2022

ڀينڊي اسان جي غذا ۾ شامل ٿيندڙ اها بهترين سبزي آهي، جنهن جي فائدن بابت گهڻا ماڻهو لاعلم هوندا LADY FINGER AND ITS BENEFITS

 ڀينڊي اسان جي غذا ۾ شامل ٿيندڙ اها بهترين سبزي آهي، جنهن جي فائدن بابت گهڻا ماڻهو لاعلم هوندا.

سائي رنگ جي ڀينڊي صحت جي حوالي سان وڏي ڪارائتي سبزي آهي، جنهن جي فائدن جي فهرست تمام ڊگهي آهي.

طبي ماهرن موجب عام سبزي هجڻ باوجود ڀينڊي ۾ وٽامن، معدنيات ۽ ٻيا غذائي جُز وڏي مقدار ۾ هوندا هجن ٿا، جيڪي شگر ۽ بڪين جي بيماري کان به بچائين ٿا.

ڀينڊي ۾ وٽامن اي، سي، ڪي ۽ بي ته موجود هوندا ئي آهن پر سي ۽ ڪي جي مقدار گهڻي هوندي آهي، ان کانسواءِ ڪيلوريز به وڏي مقدار ۾ هونديون آهن.

ڪوليسٽرول گهٽائي ٿي

ڪوليسٽرول جو وڌيڪ مقدار دل بيمارين جو سبب بڻجندو آهي، جڏهن ته ڀينڊي ۾ ڪوليسٽرول ناهي هوندو، ڇو ته اها صحتمند فائبر (ريشي) سان ڀرپور هوندي آهي.

هڪ تحقيق موجب ڀينڊي جو استعمال ڪندڙ ماڻهو دل جي بيمارين کان بچيل رهن ٿا.

سَهڪو ختم

ڀينڊي جو استعمال ڪندڙ ماڻهو سَهڪي کان بچن

ٿا، جڏهن ته اها سهڪي جي مريضن لاءِ دوا جو ڪم ڪري ٿي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن روز غذا ۾ 200 گرام ڀينڊي استعمال ڪجي ته سهڪي جي مريضن کي وڏو فائدو پهچندو.

گڏوگڏ ڀينڊي جو استعمال ٻارن لاءِ به سهڪي ۽ کنگهه جي بيماري ۾ فائديمند هوندو آهي.

شگر ۾ گهٽتائي

ڀينڊي شگر جي مريضن لاءِ به انتهائي فائديمند آهي، اها انساني جسم ۾ شگر جي سطح قابو ۾ رکي ٿي ۽ ان جي باقاعدي استعمال سان شگر جا مريض بچي سگهن ٿا.

بُڪين جي خرابي

شگر جي مريضن کي بڪين جي مرضن جو به خطرو هوندو آهي، شگر جا مريض جيڪڏهن باقاعدي سان ڀينڊي جو استعمال ڪن ته انهن جون بڪيون بهتر حالت ۾ رهنديون ۽ وڏي حد تائين بڪين جي بيماري کان بچي سگهن ٿا.

ڪينسر کان بچاءُ

ڀينڊي ڪينسر کان به تحفظ ڏئي ٿي، ان ۾ موجود ليڪٽن ڇاتي جو ڪينسر پيدا ڪندڙ 72 سيڪڙو خلين کي ختم ڪري سگهي ٿو.

ذهني دٻاءَ کان ڇوٽڪارو

ڀينڊي جي ٻجن ۽ پنن ۾ فليونوائيڊ ۽ فينول موجود هوندا آهن، جيڪي ذهني دٻاءَ کان ڇوٽڪارو ڏيارين ٿا، هي اهي ئي جُزا آهن، جيڪي ذهني دٻاءَ کان ڇوٽڪارو ڏياريندڙ دوائن ۾ استعمال ڪيا ويندا آهن.cp

No comments:

Post a Comment

When you look at various woman