Monday, April 4, 2022

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ڊاڪٽر اي ايڇ ايس بخاري پوسٽ گريجويٽ سينٽر آف آءِ سي ٽي پاران “انفارميشن اينڊ انجيئرنگ ٽيڪنالاجي ۾ متعارف ٿيل نوان لاڙا” "A New Introduction to Information and Engineering Technology" by Dr. AHS Bukhari Postgraduate Center of ICT at Sindh University Jamshoro

"A New Introduction to Information and Engineering Technology" by Dr. AHS Bukhari Postgraduate Center of ICT at Sindh University Jamshoro

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ڊاڪٽر اي ايڇ ايس بخاري پوسٽ گريجويٽ سينٽر آف آءِ سي ٽي پاران “انفارميشن اينڊ انجيئرنگ ٽيڪنالاجي ۾ متعارف ٿيل نوان لاڙا” جي سري هيٺ ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس شروع، وائيس چانسلر افتتاح ڪيو، انفارميشن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت وڏي وزير جي خاص معاون تنزيلا امه حبيبه جي مهمان خاص طور شرڪت: اڄوڪي ڪانفرنس اهم آهي، آءِ سي ٽي بورڊ جي قيام لاءِ محققن جي سفارشن مان فائدو حاصل ڪنداسين (تنزيلا امه حبيبه) يونيورسٽيءَ جي ڪل بجيٽ جو 25 سيڪڙو پينشن جي مد ۾ ادائيگي ٿئي ٿو، 1800 پينشنر نه پر پينشن يونيورسٽيءَ تي مالي بار آهي، وفاقي حڪومت کي گرانٽ ڏيڻ لاءِ ٻيهر درخواست ڪجي ٿي: وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جو خطاب

ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڊاڪٽر عبدالحسين شاهه بخاري پوسٽ گريجوئيٽ سينٽر آف انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي پاران “انفارميشن اينڊ انجنيئرنگ ٽيڪنالاجي ۾ متعارف ٿيل نوان لاڙا” جي سري هيٺ منعقد ڪيل ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ شروع ٿي وئي آهي. افتتاحي تقريب جي صدارت وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو ڪئي، جڏهن ته خاص مهمان وڏي وزير جي انفارميشن سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي بابت خاص معاون ۽ تعليم بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين تنزيلا امه حبيبه هئي. ڪانفرنس جي شروعات ڪلام پاڪ جي تلاوت سان ٿي، جنهن جو شرف انجنيئر عبدالمنان حاصل ڪيو. ان کانپوءِ قومي ترانو وڄايو ويو، جنهن جي احترام ۾ حاضرين اٿي بيٺا، بعد ۾ صدارتي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو چيو ته ڪانفرنس جي ٽيڪنيڪل تقريرن ۽ پريزنٽيشن وارن سيشنز کي انجنيئرنگ اينڊ فئڪلٽي جو ڊين پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان

کمڀاٽي پاڻ سنڀاليندو پر هو يونيورسٽي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ 40 هزار شاگرد ۽ شاگردياڻيون هڪ ئي وقت زير تعليم آهن، جڏهن ته 700 ريگيولر ۽ 300 وزيٽنگ فئڪلٽي ۽ ٽيچنگ اسسٽنٽس خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ مختلف اڪيڊمڪ شعبا آهن، تنهن ڪري هتي هر شعبي ۾ مهارتن وارا ماڻهو موجود آهن. هن چيو ته تازو فئڪلٽي آف ايجوڪيشن ۾ عالمي ڪانفرنس هيڪ سنڌ جي سهڪار سان منعقد ٿي، جنهن ۾ آيل سفارشون صوبائي ۽ وفاقي حڪومت کي موڪليون پيون وڃن، جڏهن ته موجوده ڪانفرنس ۾ سامهون آيل سفارشون به ٻنهي حڪومتن کي موڪلينداسين ته جيئن انفارميشن ٽيڪنالاجي اينڊ انجنيئرنگ ٽيڪنالاجيز بابت پاليسي سازي ۾ ماهرن جي مدد ڪري سگهجي. هن شاگردن ۽ شاگردياڻين جي هاسٽلن جو ذڪر ڪندي چيو ته سنڌ جي ڪنهن به يونيورسٽيءَ ۾ ايتريون هاسٽلون يا شاگردن لاءِ ٽرانسپورٽ جي سهولت ناهي، جيڪا سنڌ يونيورسٽي فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته 3 هزار شاگرد ۽ 2 هزار شاگردياڻيون هاسٽلن ۾ رهائش پذير آهن، جڏهن ته 200 پوائنٽ بسون روز هلايون پيون وڃن، جيڪا وڏي مالي ذميواري آهي، ايترو مالي بار سنڌ جي ٻين يونيورسٽين تي ناهي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ 1800 جي لڳ ڀڳ پينشنر موجود آهن ۽ کين هر مهيني پينشن جي ادائگي تي يونيورسٽي جي ڪل سالياني بجيٽ جو 25 سيڪڙو خرچ ٿئي پيو. هن چيو ته پينشن پڻ يونيورسٽي تي وڏو مالي بار آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪوبه پينشن فنڊ ميسر ناهي. هن چيو ته سندس اهو مطلب هرگز ناهي ته ڪو رٽائر ملازم يا پينشنر يونيورسٽي تي بار آهن، پر هو پينشن جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، عام طور ان جملي جو غلط مطلب ورتو ويندو آهي، جيڪا نامناسب ڳالهه آهي. وائيس چانسلر چيو ته ڪيترين ئي درخواستن باوجود وفاقي حڪومت ملڪ جي قديم يونيورسٽيءَ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ فنڊ ناهن ڏنا، وفاقي خزاني واري وزارت کي ٻيهر درخواست ڪجي ٿي ته اها سنڌ يونيورسٽي جي مالي مدد ترجيحي بنيادن تي ڪري ته جيئن يونيورسٽي پنهنجن پيرن تي بيهي سگهي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ ٽيڪنالاجي انڪيوبيشن سينٽر به قائم ڪيو ويو ته جيئن يونيورسٽي مان فارغ ٿيندڙ نوجوانن کي آءِ ٽي، بزنس ۽ ٻين شعبن ۾ ڪاروبار شروع ڪرائڻ جا گُر ڏئي سگهجن ۽ سندن مدد ڪري سگهجي. هن چيو ته آءِ ٽي واري وفاقي وزارت پڻ هلندڙ سال جون ۾ يونيورسٽي جي ايلسا قاضي ڪئمپ حيدرآباد ۾ نيشنل انڪيوبيشن سينٽر شروع ڪرائڻ جو واعدو ڪيو آهي، ان سان سنڌ يونيورسٽي ۽ ٻين اعليٰ تعليمي ادارن مان پاس آئوٽ ٿيندڙ نوجوانن جو فائدو ٿيندو. ڊاڪٽر ڪلهوڙو وڏي وزير جي خاص معاون تنزيله امه حبيبه کي مخاطب ٿيندي چيو ته هو پنهنجي مادر علمي جي بهتري ۽ ترقي لاءِ خصوصي گرانٽ ڏيارڻ ۾ مدد ڪري ته جيئن سنڌ يونيورسٽي ۾ اعليٰ تعليم ۽ تحقيق کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي. هن چيو ته ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي ڊاڪٽر ثناءُ الله عباسي سائبر سيڪيورٽي تي ليڪچر ڏيندو، جيڪو نوجوان محققن لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو. ان موقعي تي خطاب ڪندي وڏي وزير جي انفارميشن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت خاص معاون تنزيله امه حبيبه چيو ته سنڌ يونيورسٽي جي ڊاڪٽر اي ايڇ ايس بخاري پوسٽ گريجوئيٽ سينٽر آف آءِ سي ٽي پاران صحيح وقت تي انفارميشن اينڊ انجنيئرنگ ٽيڪنالاجيز ۾ متعارف ٿيندڙ لاڙن بابت عالمي ڪانفرنس ڪوٺائي آهي، ڇاڪاڻ ته پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان پاران آءِ سي ٽي بورڊ جي قيام کانپوءِ سنڌ حڪومت به ساڳيو بورڊ جوڙي رهي آهي، هن ڪانفرنس جي سفارشن جي روشنيءَ ۾ وڌيڪ فعال انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن بورڊ قائم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته آءِ سي ٽي بورڊ ۾ سنڌ يونيورسٽي جي آءِ ٽي ۽ ڪمپيوٽر ماهرن کي به شامل ڪيو ويندو ته جيئن صوبي جي عوام کي وڌ کان وڌ فائدو ٿي سگهي. هن چيو ته اڄوڪي ڪانفرنس آءِ ٽي ۽ انجنيئرنگ جي شعبي ۾ سٺيون شيون ۽ ڪجهه نئون ڪرڻ ۾ اسڪالرن ۽ محققن لاءِ لاڀائتي ثابت ٿيندي ۽ کين نوان آئڊياز ملندا. صوبائي صلاحڪار وڌيڪ چيو ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ واءِ فاءِ سينٽر قائم ڪيا پيا وڃن ته جيئن عوام خاص طور ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙ ماڻهن کي انٽرنيٽ جي سٺي سروس فراهم ڪري سگهجي. ابتدائي طور عمرڪوٽ، لياري ۽ بدين ۾ اهي سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. هن اعلان ڪيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ کي ترقي ڏيارڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران هر ممڪن مدد ڪئي ويندي، جنهن لاءِ هوءَ پاڻ ڪوششون وٺندي. فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کنڀاٽي جو چوڻ هو ته فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جو قيام 2020ع ۾ عمل ۾ آندو ويو ۽ انسٽيٽيوٽ آف انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي کي به اپ گريڊ ڪيو ويو. هن آءِ ٽي جي 1979ع ۾ قيام کان 2008ع تائين مختلف وقتن ۾ ان جي اپ گريڊيشن وارن مرحلن بابت مهمانن کي تفصيلي طور آگاهه ڪيو ۽ چيو ته اڄوڪي ڪانفرنس مخلوط طرز تي منعقد ڪئي ويئي آهي، جنهن ۾ محقق آن لائين ۽ آن سائيٽ پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪري رهيا آهن. ان کان اڳ استقبالي خطاب ڪندي ڪانفرنس جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر لڇمڻ داس ڌوميجا چيو ته سنڌ يونيورسٽي جو ڊاڪٽر عبدالحسين شاهه بخاري پوسٽ گريجوئيٽ سينٽر مختلف پنجن شعبن ۾ ايم فل ۽ آءِ ٽي ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي اسڪالر پيدا ڪري رهيو آهي. هن وڏي وزير جي صلاحڪار تنزيله امه حبيبه کان مطالبو ڪيو ته کين گرانٽ ڏني وڃي ته جيئن ڄاڻايل سينٽر کي وڌيڪ بهتر ڪري سگهجي. هن ان موقعي تي فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ استادن ۽ شاگردن جي تعداد ۽ شعبن جي ڪارڪردگيءَ بابت به مهمان کي آگاهه ڪيو. افتتاحي تقريب ۾ چين جي زيجيانگ يونيورسٽيءَ جي ڪاليج آف انفارميشن سائنس اينڊ اليڪٽرانڪ انجنيئرنگ جي پروفيسر ڊاڪٽر زنجن يانگ، ناروي جي سنٽيف يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ڊاڪٽر برانسن بيلي مک اسپيڪر طور تقريرون ڪيون ۽ ڪانفرنس ۾ شريڪ ٽيچرز، اسڪالرن ۽ محققن کي انفارميشن ۽ انجنيئرنگ ٽيڪنالاجيز متعارف ٿيل تازين تبديلين ۽ لاڙن کان آگاهي ڏني ۽ هنن چيو ته خوشگوار ۽ آسان زندگي گذارڻ لاءِ آءِ ٽي کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. افتتاحي تقريب کان پوءِ مختلف سيشن شروع ٿي ويا، جنهن ۾ آمريڪا جي يونيورسٽي آف نارٿ ڊيڪوٽا جي سائبر سيڪيورٽي جي ماهر پروفيسر ڊاڪٽر عاطف فريد محمد، چين جي زيجيانگ يونيورسٽيءَ جي ائسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر خرم شهزاد، اين اِي ڊي يونيورسٽي ڪراچي جي پروفيسر ڊاڪٽر غوث بخش ناريجو، اين اِي ڊي يونيورسٽي جي ئي پروفيسر ڊاڪٽر مبشر خان، جينيٽيڪ ساليوشن جي ايم ڊي شميم رانجهاڻي، اسلامڪ يونيورسٽي بهاولپور جي ائسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر ريحان علي شاهه، مردان يونيورسٽي ڪي پي ڪي جي پروفيسر ڊاڪٽر هما گل، قائد عوام يونيورسٽي نواب شاهه جي ڊاڪٽر محمد شهزاد باجوه، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڊاڪٽر سجاد علي اعواڻ، ڊاڪٽر سندر علي خواجه، ڊاڪٽر ڪامران تاج پٺاڻ، سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻي جي اسسٽنٽ پروفيسر آصف علي جمالي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڊاڪٽر عارفه ڀٽو، ڊاڪٽر عمران انور اڄڻ، انيس محمد جمالي، محمد حسن جمالي، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڊاڪٽر سلمان احمد شيخ، ڊاڪٽر جاويد دائودپوٽ، ساجد خان ۽ ٻين ڪيترن ئي اسڪالرن ۽ محققن پنهنجا ريسرچ پيپر پيش ڪيا. ڪانفرنس اڄ (جمع تي) پڻ جاري رهندي.

*#Regards:*

*#UOS_Admission_Cell*

*#Facebook_Page:*

https://www.facebook.com/University-Of-Sindh-Admission-Cell-113721580460515/

*#Facebook_Group*

https://www.facebook.com/groups/uosadmissioncell/?ref=share

*#YouTube_Channel_Link*

https://youtube.com/c/admissionupdates

No comments:

Post a Comment

When you look at various woman