Monday, April 4, 2022

HUR TEHREEK حر گوريلا تحريڪ جا لازوال ڪردار بچو بادشاهہ ٖ مٽو خاصخيلي ۽ سندس ساٿي. بچو بادشاهہ ٖ 2- پيرو وساڻ 3 - تڳيو چانگ ٖ 4 - گلو مڱريو ٖ 5 - ڀلو ڳاهو ٖ 6 - مصري ڳاهو ٖ 7 - عثمان هنڱورو ٖ 7- عيسئ ڏاهري ٖ 8 - خميسو وساڻ ٖ 9 - سومار ڳاهو ٖ

 حر گوريلا تحريڪ جا لازوال ڪردار بچو بادشاهہ ٖ مٽو خاصخيلي ۽ سندس ساٿي

ذوالفقار قادري

حر بغاوت تحريڪ تي نظر وجهبي تہ ان جا ٽي مرحلا آھن بچو بادشاهہ کي ٻين حر بغاوت واري دور ۾ ڳڻيو وڃي ٿو بچل خاصخيلي عرف بچو بادشاهہ سن 1863ع ۾ پيدا ٿيو بچو بادشاهہ جي پيءُ جو نالو وڏو وريام فقير خاصخيلي رلي وارو هو ٖ سندن ڳوٺ مٺڙائو لڳ هيڊ جمڙائو گجري بنگلي وٽ ھو ٖ هو پو۽ سنجهوري لڳ لڏي آيا ٖ وڏي وريام فقير خاصخيلي جي زال جو نالو سون ٻائي بهڻ ھو جيڪا حر ڪمانڊر محبت فقير بهڻ جي ڀيڻ ھئي وڏي وريام فقير خاصخيلي کي سون ٻائي بهڻ مان ٻہ پٽ بچو بادشاه خاصخيلي ۽ پير بخش فقير خاصخيلي ٿيا پير بخش فقير خاصخيلي نار وارو فقير سان مشھوري ماڻي ٖ شھيد بچو بادشاهہ جي شادي مائي سعيدان خاصخيلي سان ٿي جڏھن تہ سندس ڀاءُ پير بخش فقير جي شادي مائي بيگم بهڻ سان ٿي بچو بادشاهہ جڏھن انگريزن خلاف بغاوت جو اعلان ڪري گوريلا جنگ جو آغاز ڪيو ۽ حرن ڇاپہ مار ڪاروايون شروع ڪيون تہ انهن ڇاپہ مار ڪارواين ۾ بچو بادشاهہ جي ماءُ مائي سون ٻائي بہ شامل رهي گڏو گڏ سندس  ٻئي ننهرون بچو بادشاهہ جي زال مائي سعيدان ۽ پيربخش فقير خاصخيلي جي زال مائي بيگم بهڻ بہ ان گوريلا ڪارواين ۾ شريڪ رهيون مائي سون ٻائي بهڻ جو ڀاءُ محبت فقير بهڻ ۽ پير بخش وساڻ عرف پيرو وزير بچو بادشاه جي گوريلا جٿي جا ڪمانڊر هئا ٖ فقير پير بخش وساڻ عرف پيرو وزير شادي ڪو نہ ڪئي ٖ بچو بادشاه انگريز سرڪار خلاف بغاوت جو اعلان ڪري 600 چورس ميلن ۾ انگريزن خلاف متوازي حڪومت “ سانگهڙ سرڪار “ نالي سان قائم ڪئي ٖ جنهن ۾ سانگهڙ ٖ شهداد پور ٖ ٽنڊو آدم ٖ سنجهورو ٖ اڇڙو ٿر ٖ نوابشاه ٖ حيدرآباد ۽ راجستان

جا ڪجهہ علائقا شامل هئا ٖ هنن جو مرڪز مکي ٻيلو ۽ مکي ڍنڍ وارو علائقو هو ٖ بچو بادشاهہ سرڪار ٻارهن رڪني حر گوريلا ڪمانڊرن جي ڪابينہ ۾ پڻ تشڪيل ڏني ڪابينہ هيٺين مجاهدن تي مشتمل هئي

1 - بچو بادشاهہ ٖ 2- پيرو وساڻ 3 - تڳيو چانگ ٖ 4 - گلو مڱريو ٖ 5 - ڀلو ڳاهو ٖ 6 - مصري ڳاهو ٖ 7 - عثمان هنڱورو ٖ 7- عيسئ ڏاهري ٖ 8 - خميسو وساڻ ٖ 9 - سومار ڳاهو ٖ 

10 - فتلو هنڱورو ٖ 11 - راڻو وساڻ ٖ 12 - گلو موچي شامل هئا ٖ بچو بادشاهہ جي ڪمانڊ ۾ حر ويڙھاڪن انگريزن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو هنن مسلسل ست سال انگريزن سان شديد مزاحمت ڪئي ٖ هنن انگريز سرڪار کي هر قسم جي ٽيڪس ٖ ڍل وغيره ڏيڻ تي پابندي هئي انگريزن فوج جي ٺڪاڻن ۽ ٿاڻن تي حملا ڪندا رهيا سانگهڙ ٖ ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر مکي ٻيلي کان مٺڙاؤ ۽ شھدادپور تائين وارو سمورو علائقو  انگريز فوجن سان شديد مزاحمتي جنگ جو مرڪز رهيو

آخر بچو بادشاهہ ۽ سندس ساٿي هيٺين ريت شھيد ڪيا ويا

1 - بچو بادشاهہ مئي 1896ع تي گرفتار ٿيو سندس مٿان ملٽري ڪورٽ ۾ ڪيس هلائي 26 نومبر 1896ع تي کيس سانگهڙ شھر ۾ سر عام ڦاسي ڏئي شھيد ڪيو ويو

2 - عيسئ ڏاهري هالن وٽ گرفتار ٿيو مٿس بچو بادشاهہ سان گڏ ڪيس هلائي 26 نومبر 1896ع تي بچو بادشاهہ سان گڏ سانگهڙ شھر ۾ سر عام ڦاسي ڏني وئي

3 - پير بخش عرف پيرو وساڻ پٽ صالح فقير وساڻ ويٺل ڪنڌو تعلقو سنجهورو 1898ع ۾ جهوڙي لئي وٽ ميجر ليوڪس جي فوجي دستي سان مقابلو ڪندي شھيد ٿيو

4 - مجاهد تڳيو چانگ پٽ دوسو چانگ ويٺل سمائري تعلقو سانگهڙ جهوڙي لئي وٽ لوڪس جي فوج سان مقابلو ڪندي 1898ع ۾ شهادت ماڻي

5 - مجاهد گلو پٽ پريو موچي ويٺل ڳوٺ نظاماڻي تعلقو سانگهڙ جهوڙي لئي وٽ لوڪس جي فوجي دستن سان مقابلو ڪندي 1898ع ۾ شھادت ماڻي 

6 - ڪلو ڳاهو پٽ گلو ڳاهو ويٺل موچن ڳوٺ ضلعو خيرپور مکي ٻيلي ۾ غلام محمد جي گهٽ ڀرسان ٽڪنڊي وٽ پنهنجي ساٿين سان گڏ آيو ۽ بچو بادشاه جي سهري دينو فقير کي انگريز فوجي عملدار ليوڪس ڏي موڪلي مقابلي جو چيلينج ڏنائين ۽ پو۽ انگريز فوجن سان مقابلو ڪندي ساٿين سميت شھيد ٿي ويو

7 - مجاهد عثمان هنڱورو پٽ ملوڪ هنڱورو ويٺل ڳوٺ ڇيرائو ٽنڊوالهيار مکي ٻيلي ۾ غلام محمد جي گهٽ وٽ انگريز فوج سان مقابلو ڪندي شهيد ٿيو

8 - خميسو وساڻ پٽ سچل وساڻ ويٺل باکوڙي ضلعو سانگهڙ گم ڪري شهيد ڪيو ويو

9 - سومار ڳاهو انگريز فوجن سان مکي ٻيلي وٽ شھيد ٿيو

10 - فتلو قاضي مکي وٽ سومار ڳاهي سان گڏ انگريز فوج سان مقابلو ڪندي شھيد ٿي ٿيو

11 - راڻو وساڻ ويٺل باکوڙي سانگهڙ مکي وٽ انگريز فوجن سان مقابلي بعد شهيد ٿيو

ان بعد آخري ٽين حر تحريڪ دوران هزارين حر مجاهدن پير صبغت الله شاهہ سورهہ بادشاهہ جي حڪم تي بغاوت ڪئي حر مجاهدن انگريزن سان گوريلا جنگ وڙھي ان حر گوريلا تحريڪ دوران 22 مئي 1942ع تي حر مجاهد مٽو خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ حر مجاهد گوريلن ٽنڊوآدم ۽ اڏيرو لعل درميان ڪراچي کان لاهور ويندڙ 7 اپ لاهور ايڪسپريس کي هڪ ڇاپہ مار ڪاروائي ڪري ڪيرايو ان ڪاروائي ۾ ٻاويهہ ماڻھو مارجي ويا ٖ ان بعد جون 1942ع ۾ برصغير ۾ سنڌ اهو پهريون صوبو هو جنهن جي ڪجهہ علائقن ۾ برٽش سرڪار مارشل لا نافذ ڪئي ۽ جنرل آفيسر ڪمانڊنگ ميجرجنرل آر رچرڊسن کي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو ٖ ان گوريلا ويڙھہ دوران حر مجاهد مٽو خاصخيلي ٖ وريام فقير خاصخيلي ثاني ٖ غلام علي چانگ ٖ علي شير خاصخيلي ٖ شيخيو راڄڙ ٖ محرم ڏاهري ٖ عبدالله راڄڙ ٖ سهراب راڄڙ ٖ دودو ڪوري ٖ مصري لغاري ٖ امام بخش سنجراڻي ٖ راڻو مري ٖ عثمان هنڱورو ٖ گلو وساڻ ٖ جڙيو خاصخيلي ٖ ابل ماڪاڻي ٖ عمر ورياهہ ٖ ڦوٽو چانگ ٖ همير ماڇي ٖ چاچڙ ٽانوري ميرو نظاماڻي ٖ رحيم هنڱورو ۽ واڍن فقيرن انگريزن خلاف گوريلا ڪاروايون ڪري پنهنجو نالو اجاگر ڪيو ان کان علاوه 1942ع ۾ اڇڙي ٿر ۾ حر مجاهدن کي انگريزن خلاف بغاوت ۽ مسلحہ ڪارواين ڪرڻ جي الزام هيٺ اٺن حر مجاهد ڪمانڊرن کي ڦاهي تي چاڙھيو ويو انهن ۾ اوڀائي راڄڙ جا ڇهہ پٽ ٖٖ الله اوڀايو ولد ننگر ٖ ٻڍو ولد محمد خان راڄپر ڦاھي چڙھيا انھن جا لاش انگريزن واپس نہ ڏنا ڪي چون ٿا ماڻھون چون ٿا انھن جون قبرون پڪي قلعي حيدرآباد ۾ آھن 20 مارچ 1943ع تي پير سيد صبغت الله شاهہ راشدي “ سورهہ بادشاهہ “ کي حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ ڦاهي ڏني وئي ان باوجود حر گوريلا تحريڪ قيام پاڪستان کان پو۽ بہ جاري رهي ٖ ان عرصي ۾ سوين حرن شھادتون ماڻيون ۽ ھزارين حر مجاهد مرد خواتين جيلن ٖ لوڙھن ۽ روپوشين ۾ زندگي گهاري پر ايڏي وڏي هٿياربند جنگ کي قيام پاڪستان بعد نظرانداز ڪيو ويو ان تي تحقيقي ڪم ٿيڻ گهرجي ها ٖ انهن ماڳن کي تاريخي ورثو قرار ڏنو وڃي ها ۽ ھن تحريڪ کي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي ها ايئن نہ ڪيو ويو

No comments:

Post a Comment

When you look at various woman