Monday, April 4, 2022

پروفيسر سبط جعفر ڪير هيو ؟ 7 مارچ 1957 _18 مارچ 2013 Who was Professor Sibt e Jafar?

 پروفيسر سبط جعفر ڪير هيو ؟ 

سيد سبط جعفر زيدي عرف استاد سبط جعفر . 

7 مارچ 1957 _18 مارچ 2013. 

پاڻ فرقن جي ڦند ۾ ڪين پئون . اسان لاِء اهي عظيم آهن جن وٽ انسانيت اتم آ ۽ جيڪي ادارن جي بهتري ۽ سماجي جي ڀلائي ۾ يقين رکن ٿا. 

سبط جعفر کي 2013 ع ۾  ماريو ڪين ويو شعور ۽ سماج جو قتل ڪيو ويو هيو . ڪرڪيٽ گيم آ ان جا کيَڏاڙي رانديگر ٿيندا آهن نه ڪي اسٽار پر سبط جعفر ئي اصل هيرو آ پر هن هيري جو قدر ڪين ڪيو ويو سماج ۾ . 

جي هي اولهه جي ملڪ ۾ ڄمي ها ۽ اتي ائين ڪم ڪري ها ته هوند اڄ وزيراعظم صدر يا چانسلر ضرور ٿئي ها پر هي فقير منش ان سماج جي ڪايا پلٽڻ چاهي جيڪو وڏيرن سردارن ميرن پيرن جي جتين ۾ ويهڻ پسند ڪندو آ پر پنهنجي ادارن جي مالڪي ڪين ڪرڻ چاهيندو آ . 

سبط جعفر جنهن ملڪ جو وڏو امتحان سي ايس ايس پاس ڪيو ۽ اڳتي هلي ويهين گريڊ جو آفيسر ٿيو جيڪو هڪ ئي وقت شاعر به هيو ته پرنسپل ٽرينر ۽ بهترين انسان پڻ هيو جنهن تي سڀ ڪو ناز ڪندو هيو . 

جنهن ست ڪاليج جوڙايا جنهن جي هڪ هڪ جي قيمت سٺ لک لک رپيا هئي پر پاڻ هميشه موٽر سائيڪل تي هلندو رهيو ؟ 

هي پنهنجي سادگي ايمانداري ۽ خلوص سان ڏيڻ واري طبيعت سبب ياد ته ڪيو ويندو . هي ادارا جوڙڻ وارو انسان هيو جنهن جي تعليمي ادارن مان هزارن فائدو ورتو ۽ اڳتي به فائدو وٺندا رهندا .پنج فلاحي تنظيمن جي تعليمي ادارن جي مالڪي سان گڏ گڏ هن ٻين تنظيمن جي ادارن ۽ يتيم خانن جي پڻ سنڀال ڪئي . 

هن جو قدر ٿيو ۽ هاروڊ ينورسٽي جهڙي ورلڊ ڪلاس اداري کيس کي اعزازي ڊگري عطا ڪئي .پاڻ تي ۽ پنهنجي عال اولاد تي خرڇڻ بجاِء هن عام جنتا جي سيوا ۾ سڀ ڪجهه لٽايو ۽ سجايو ڪيو . 

ڌرتي جي هن سچي روح ٽنڊي آدم ۾ هڪ اسڪول پڻ هلايو جتي مسلم_هندوئن جا ٻار بنا فرق جي گڏ مفت ۾ تعليم پرائيندا هيا . پر هن کي راهه ويندي رستي تي ماريو ويو سو به ان وقت جڏهن هي پنهنجي ڪاليج کان موٽر سائيڪل تي واپس اچي رهيو هيو . #جاويدحالتي. 

Who was Professor Sibt e Jafar?

A CSS cleared 20th grade officer, a principal, a teacher, a poet, a mentor and an exemplary human being. Isn't it surprising that a man who started 7 colleges in interior sindh, each costing around Rs. 6 million traveled on a motorcycle? He is known for his simplicity, honesty and philanthropy. He had setup educational centers benefiting thousands. Apart from looking after educational wings

of around 5 welfare organizations, he was overseeing numerous charity organizations and orphanages. He received an Honorary award from Harvard University. Instead of spending on himself and his family he chose to use his money to help people. He ran a school in Tando Adam where Muslim and Hindus studied for free! He was a poet, an intellectual, principal in a college and the best marsiya khuwan ever. He was shot down brutally when he was returning from his college on his bike.


-A Great loss for Society

No comments:

Post a Comment

When you look at various woman